پاڪستانخاصنيو‍‍ز

ميڊيٽرينين غذائون ڊگهي زندگيءَ لاءِ مددگار

ميڊيٽرينين غذائون انساني زندگيءَ جي واڌاري ۾ ۽ بيمارين کي گهٽ ڪرڻ ۾ مدد ڏين ٿيون. ان طرز خوراڪ جا ڪيترائي فائدا ظاهر ٿي چڪا آهن ۽ هاڻي ڊگهي عمر جا به ثبوت ملي چڪا آهن. اسپين، اٽلي ۽ ان جي اوسي پاسي جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ ٻنپهرن ۽ رات جي کاڌي ۾ جيڪي غذائون کاڌيون وڃن ٿيون، انهن ۾ ميوات، ڀاڄيون، دالون، چونئرا، ڦرين واريون ڀاڄيون، ثابت اناج، برائون چانور ۽ زيتون جو تيل ۽ سڻڀ سان ڀريل مڇيون مثال طور سامن کاڌي ويندي آهي، جنهن ۾ اوميگا فيٽي ايسڊز شامل هوندا آهن. ان قسم جي غذا کي ميڊيٽرينين غذا يا بحيره روم جي غذا چيو ويندو آهي. ان مطالعي ۾ برطانيه جي رجسٽري ۾ موجود 110799 فردن جي ڊيٽا جو جائزو ورتو ويو، جنهن ۾ غذائي ترجيحات ورزش، سماجي تعلقات، مرض ۽ خاص ڪري ڪينسر جو جائزو ورتو ويو. پوءِ ان ڊيٽا کي اسپين جي آٽونوما يونيورسٽي ۽ هارورڊ ٽي ايڇ اسڪين اسڪول آف پبلڪ هيلٿ به نظر مان ڪڍيو. هيءَ پهرين تحقيق آهي جنهن ۾ ان خطي کان ٻاهر جي ماڻهن تي ميڊيٽرينين غذا جي اثرن جو جائزو ورتو ويو آهي. خبر پئي آهي ته ان قسم جي خوراڪ کي پنهنجي زندگيءَ ۾ شامل ڪرڻ سان هر طرح جي موت کان پهرين جي خطرن کان 29 سيڪڙو تائين بچاءُ ممڪن آهي ۽ سرطان جي خطري کي 28 سيڪڙو تائين گهٽائي سگهجي ٿو.