مغلن جو اھو بادشاھ جيڪو درٻار ۾ ڪڏھن ڪڏھن الف اگھاڙو ايندو ھو، جنھن حڪم جاري ڪيو ھو ته ھندستان جي ھر حسين عورت بادشاھ جي امانت آھي، مغلن جي ھندستان ۾ حڪمراني ظھير الدين بابر طرفان سن 1526ع کان ابراھيم لوڌي کي پاڻي پٽ جي پھرين جنگ ۾ شڪست ڏيڻ کان شروع ٿي جيڪا 331 سال ھندستان تي قائم رھي. مغلن جا ڪل 19 بادشاھ رھيا. آخري بادشاھ بھادر شاھ ظفر کي 1857ع ۾ انگريزن کان آزادي جي جنگ ۾ انگريزن ھٿان شڪست ملي. مغلن جي دور ۾ انھن جي اقتدار جون حدون، سڄي ننڍي کنڊ تائين به پکڙيل رھيون، انگريز به ان دور ۾ واپار جي بھاني ھندستان ۾ داخل ٿيا. تاريخ جي ڪتابن ۾ ان سڄي دور تي مڪمل تفصيل سان روشني وڌل آھي ۽ ھندستان جي تاريخ ۾ ھر بادشاھ جي سموري دور تي مڪمل تفصيل ملن ٿا. پاڻ ھن تحرير ۾ مغلن جي صرف ھڪڙي بادشاھ جو ٿورو ذڪر ڪريون ٿا، جيڪو شاهجھان ٻئي جو پُٽ محمد شاھ رنگيلي جي نالي سان تاريخ ۾ گھڻو مشھور آھي، جنھن جو پورو نالو روشن اختر نصير الدين شاھ ھو، جنھن 1719ع کان 1748ع تائين لڳ ڀڳ 29 سال حڪمراني ڪئي ۽ 26 اپريل 1748ع تي گھڻي شراب نوشي سبب مري ويو.
محمد شاھ رنگيلو مغلن جي 19 بادشاھن مان ھو، جنهن جي خراب عادتن ۽ خراب حڪمراني تي ھڪ تفصيلي مضمون ڏبو. ھتي رڳو ان رنگيلي جو ذڪر ڪجي ٿو، جنھن جي رنگيلي طبيعت، عيش، عشرت ۽ شراب نوشي سبب بادشاھت جو نظم ۽ ضبط تباھ ٿيڻ سان سياسي ۽ اقتصادي مسئلن به جنم ورتو ۽ وڏي تعداد ۾ فوج ۽ فوجي ساز ۽ سامان سبب حڪمراني جو زوال شروع ٿيو ۽ وڌيو. رنگيلو بادشاھ عياش طبيعت ۽ غير متوازن شخصيت جو مالڪ ھو. 24 ڪلاڪ شراب جي نشي ۾ ڌت رھڻ ڪري، حڪمراني کان بي خبر ۽ بي فڪر ھو. ھو ناچ گاني، رقص، عرياني، فحاشي، عياشي ۽ شراب نوشي جو شوقين ھو. تڪڙا قانون جوڙڻ تڪڙا ختم ڪرڻ ھِن جي ھڪ نمايان عادت ھئي. بيٺي بيٺي ڪنھن عام شخص کي اعليٰ ترين عھدو ڏيئي ڇڏيندو هو ۽ بيٺي بيٺي وزيراعظم کي بغير ڪنھن سبب جي جيل ۾ وجھي ڇڏيندو ھو، ھن پنھنجي گھوڙي کي به وزير جو درجو ڏنو جيڪو درٻار ۾ ٻين وزيرن سان گڏ بيھاريو ويندو ھو. ھو اوچتو ڪڏھن ڪڏھن الف اگھاڙو درٻار ۾ اچي ويندو ھو ۽ درٻارين کي به ڪپڙا لاھي اگھاڙو ٿي بيھڻ جا حڪم ڏيندو ھو، جن تي عمل کان ڪوبه انڪار نه ڪري سگھندو ھو. ڪڏھن ڪڏھن اوچتو حڪم جاري ڪندو ھو ته سڀاڻي سڀ درٻاري عورتن وارا ڪپڙا پائي درٻار ۾ اچن ۽ وزير گھنگھرو ٻڌي اچن. ھو ڪڏھن ڪڏھن طوائفن سان گڏ به درٻار ۾ اچي ويندو ھو ۽ عورتن جي ٽنگن، سٿرن ۽ پيٽن تي ليٽي فيصلا پيو ڏيندو ھو. ھن اچانڪ اعلان ڪيو ته جيلن ۾ پيل سمورن قيدين کي آزاد ڪيو وڃي ۽ اوترا ٻيا ماڻھو جيلن ۾ ڀريا وڃن. سپاھي شھر مان بيگناھ ماڻھن کي کڻي جيلن ۾ بند ڪري ڇڏيندا ھئا. ھن اعلان ڪيو ته ھندستان جي ھر حسين عورت بادشاھ جي امانت آھي، جيڪو به ان امانت ۾ خيانت ڪندو ان جي سسي لاٿي ويندي. ھو وزارتون ڏيڻ جو به شوقين ھو، ھڪ ڏينھن ۾ 5، 6 ماڻهن کي وزير بڻائي ڇڏيندو ھو ۽ ٻئي ڏينھن اھڙا فيصلا واپس به وٺي ڇڏيندو ھو. ھن شھر جي قاضي کي شراب سان وضو ڪرڻ جو پابند بڻايو. زنا، شراب نوشي جي ڪسرتن سبب ھن جو موت 26 اپريل 1748ع تي ٿيو ۽ ان کانپوءِ سندس پُٽ احمد شاھ بھادر بادشاھ ٿيو.