خاصنئون

باهه ۾ زنده رهڻ واريون مڇيون

پرڏيهي خابرو اداري مطابق بحرالڪاهل سمنڊ ۾ موجود ڪيواچي (Kavachi) نالي ٻرندڙ جبل اندر شارڪ مڇين جو هڪ قسم دريافت ٿيو آهي. ڪيواچي ٻرندڙ جبل سمنڊ ۾ موجود سمورن ٻرندڙ جبلن مان وڌيڪ خطرناڪ ۽ اڪثر لاوا ڪڍندو رهندو آهي، ان لاوا جي ڪارڻ سمنڊ جي ان حصي ۾ پاڻي گرم ۽ لاوا به موجود هوندو آهي. خابرو اداري مطابق ان ئي پاڻي ۽ لاوا ۾ هي مڇيون موجود هونديون آهن ۽ ڪڏهن ڪڏهن اهي مڇيون ترندي ٻرندڙ جبل جي ويجهو اچي وينديون آهن. هنن مڇين تي تحقيق ڪندڙ سائنسدانن جو چوڻ آهي ته اسان پاڻ حيران آهيون ته آخر اهي مڇيون هن جڳهه تي ڪيئن ٿيون رهي سگهن. هي مڇيون ته ٻرندڙ جبل جي اندر به هليون وينديون آهن ۽ اتان واپس به اچي وينديون آهن.