نئون

ڪمپيوٽر جي اندر RAM  ۽  ROM جي ضرورت ختم ڪندڙ ميموري ايجاد

ڪمپيوٽر ۽ سمارٽ فون ۾ ريم ۽ روم جو هڪ خاص ڪم هوندو آهي. هنن ميمورين کان علاوه نه ڪمپيوٽر ڪم ڪري سگهي ٿو ۽ نه ئي سمارٽ فون. روم جو ڪم هوندو آهي ته ڪمپيوٽر کي اسٽارٽ ٿيڻ مهل مدد ڪري ۽ ريم جو ڪم هوندو آهي ته ڪمپيوٽر کي هلائڻ ۾ مدد ڪري. هاڻي چين جي سائنسدانن هڪ نئين قسم جي ميموري ايجاد ڪري ورتي آهي، جيڪا اهي ٻئي ڪم اڪيلي سر ڪري سگهي ٿي. هن ميموري کي ٺاهيندڙ ماهرن جو چوڻ آهي ته اها ميموري نه ريم چورائيندي ۽ نه ئي روم سڏرائيندي. واضح رهي ته هر وقت هلندڙ پروگرام ريم ۾ موجود رهندا آهن ۽ ڪمپيوٽر بند ٿيڻ کانپوءِ اها ميموري خالي ٿي ويندي آهي. جڏهن ته روم جو حصو بڻجندڙ ڊيٽا محفوظ رهندو آهي ۽ جنهن ڊيٽا تي اوهان ڪم ڪندا آهيو اهو روم جو حصو نه بڻجي سگهندو آهي. چين جي ماهرن جو چوڻ آهي ته هن نئين قسم جي ميموري جي مدد سان توهان پنهنجي استعمال واري ڊيٽا کي محفوظ بڻائي سگهو ٿا. ماهرن اهو به چيو آهي ته هن قسم جي ميموري يو ايس بي وانگر ڪم ڪندي ۽ اها ڪنهن به ڪمپيوٽر جو حصو بڻجي سگهندي جڏهن ته هن وقت تائين ان جي قيمت نه ٻڌائي وئي آهي.