سمرقند
قسط پنجويهين
ترجمو: زاهده ابڙو
هيستائين مون پاڻ بابت تمام گهٽ ٻڌايو آهي، مان اها ڪوشش ڪندو رهيو آهيان ته مخطوطئه سمرقند: خيام، ان جي واقفڪارن ۽ ان کي پيش ايندڙ ڪجهه واقعن جي باري ۾ جيڪڏهن ڪي به انڪشاف ڪندو رهيو آهي، ان کي جيترو ٿي سگهي، ديانتداريءَ سان عوام آڏو آڻيان- بس اهو ٻڌائڻ باقي آهي ته هي نسخو جيڪو منگول دور جي تمام سختين ۾ بچيل رهيو هو، ٺيڪ ٺيڪ ڪهڙيءَ ريت اسانجي وقتن تائين پهتو آهي، ۽ مان ڪهڙين ڪهڙين مصيبتن مان گذري ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان ان کي حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو آهيان، ۽ سڀ کان پهرين، قسمت جي ڪهڙي اوچتي عنايت سبب مون کي ان جي وجود جو علم ٿيو-
مان اڳ ۾ ئي پنهنجو نالو بينجمن او ليسيج ٻڌائي چڪو آهيان- ان جي باوجود جو ان جو فرانسيسي ڍنگ هڪ ”يوبناٽ“ پيش رو جو ورثو آهي، جيڪو لوئي چوڏنهن جي صديءَ ۾ پنهنجي ملڪ مان لڏي آيو هو، مان آمريڪي شهري ۽ اناپولس، ميري لينڊ جو رهاڪو آهيان، جيڪو بحرِ اوقيانوس جو هڪ غير معمولي حصو جيڪو خشڪيءَ ۾ پري تائين هليو ويو آهي “چي سپڪ بي” تي واقع آهي- فرانس سان منهنجو تعلق بهرحال انهن ابن ڏاڏن تائين محدود ناهي ۽ منهنجي پيءَ ان سلسلي کي نئين سر قائم ڪرڻ جي جدوجهد به ڪئي هئي، کيس پنهنجي حقيقت جي دريافت جو هميشه ڀوت سوار رهندو هو- ايستائين جو هن پنهنجي اسڪول جي ڪاپيءَ ۾ تحرير ڪيو: ”ڇا منهنجن ابن ڏاڏن جي شجري کي ان لاءِ ڪيرايو ويو ته جيئن انهن کان فرار جي ٻيڙي تعمير ٿي سگهي!“ ۽ هو فرانسيسي سکڻ ۾ لڳي ويو- پوءِ ڏاڍي شان و شوڪت سان هن گذريل وقتن کي حاصل ڪرڻ لاءِ ائٽلانٽڪ سمنڊ ۾ ابتو سفر ڪري ان کي پار ڪيو-
ان جي زيارت جو سال ڏاڍي خراب طريقي سان يا وري ڏاڍي چڱي طرح چونڊيو ويو هو- هو 9 جولاءِ 1807 تي نيويارڪ کان ”اسڪوشيا“ نالي جهاز تي نڪتو، 18هينءَ تي شيربور پهتو ۽ 19هينءَ جي شام تي پئرس ۾ هو، جڏهن ته انهيءَ ڏينهن ٻنپهرن جي وقت جنگ جو اعلان ٿي چڪو هو، جنهن سان گڏ شڪست، آفت، حملا، فاقاڪشي، ڪميون ۽ قتلِ عام گڏ آيا، منهنجي پيءَ لاءِ ان کان وڌيڪ ولولي سان ڀرپور ٻيو ڪو سال اچڻ وارو نه هو- ان کان ڪيئن انڪار ڪجي ته اهو سال سندس سڀ کان وڌيڪ شاندار يادگيرين سان ڀرپور رهندو؟ پنهنجو پاڻ کي گهيري ۾ آيل شهر ۾ ڏسڻ هڪ قسم جي عجيب فرحت جو سبب هوندو آهي، جتي هڪ ناڪابنديءَ کي ٽوڙيو ويندو آهي ته ٻيون محفوظ راهون اچي سامهون ٿينديون آهن ۽ مرد ۽ عورتون ڀائيپي جي پراڻي احساس کي ڳولهي لهندا آهن، اناپولس ۾ ڪيترائي ڀيرا موڪلن دوران ٽرڪي جي چوڌاري جنهن کانسواءِ گذارو ئي ڪونه هو، والد ۽ والده ڪيترائي ڀيرا هاٿيءَ جي سونڍ جي ان ٽڪري کي ياد ڪيو هو، جنهن ۾ انهن نئين سال شروع ٿيڻ کان هڪ ڏينهن اڳ پئرس ۾ شرڪت ڪئي هئي ۽ جيڪو انهن 40 فرانڪ في پونڊ جي حساب سان ”بولوار هوسمان“ ۾ انگريز ڪاسائيءَ جي دڪان ”روس“ تان خريد ڪيو هو!
سندن مڱڻو تازو تازو ٿيو هو، شادي هڪ سال بعد ٿيڻي هئي ۽ جنگ انهن جي خوشين کي Baptize ڪيو هو- ”پئرس ۾ پنهنجي آمد تي“، منهنجو والد ياد ڪندو هو، ”مان هر صبح بولوارديز اتاليان جي ڪيفي ريش تي وڃڻ جي عادت وجهي ڇڏي هئي- اخبارن جو هڪڙو ٿهو کڻي جن ۾ لتان (Le Temps)، لُگولوا (Le Gaulois)، لُفگارو (La Figaro)، لُپرس (La Presse) شامل هوندا هئا، هڪ ميز جي ڀر ۾ ويهي رهندو هئس، هڪ هڪ سِٽ پڙهندو هئس ۽ اهي لفظ نوٽ بُڪ ۾ نقل ڪري ڇڏيندو هئس، جن کان واقفيت نه هوندي هئي- جيئن گيتر يا ‘موبلو’ ته جيئن هوٽل تي واپس اچڻ تي اتان جي درٻان کان پڇي سگهان-
”ٽئين ڏينهن هڪ اڇين مُڇن وارو ماڻهو منهنجي ڀر واري ميز تي ويهي رهيو- وٽس پنهنجين اخبارن جو ٿهو هو، پر هن جلد ئي انهن کي ڇڏي مون کي تڪڻ شروع ڪري ڇڏيو، سندس زبان جي نوڪ تي ڪو سوال هو- جڏهن وڌيڪ ضبط نه ڪري سگهيو ته آخرڪار ڀريل آواز ۾ پڇيائين، هڪ هٿ ڇڙهيءَ تي رکيائين ۽ ٻئي سان سيٽيل جسم جي حالت ۾ ميز جي پُسيل سنگِ مر مر تي هٿ سان ڌڪ هڻندي چيائين- هن معلوم ڪرڻ ٿي چاهيو ته هي نوجوان جيڪو بظاهر بلڪل صحتمند نظر اچي رهيو آهي، ڇا ان وٽ جنگ جي محاذ تي وڃي پنهنجي اباڻي وطن جي حفاظت نه ڪرڻ جو ڪو سمجهه ۾ ايندڙ سبب آهي- سندس لهجو مهذب هو، جيتوڻيڪ بيحد شڪ سان ڀريل ۽ گڏوگڏ منهنجي نوٽ بُڪ تي ٽيڏي اک سان ٿي ڏٺائين، جنهن ۾ مونکي تيزيءَ سان ڪجهه لکندي ڏسي چڪو هو- مون بحث ۾ پوڻ جي ضرورت محسوس نه ڪئي، ڇو ته منهنجو اجنبي لهجو ئي منهنجي دفاع لاءِ ڪافي هو- هن شخص ڏاڍي نياز ۽ نوڙت سان معذرت ڪئي، پنهنجي ميز تي اچڻ جي دعوت ڏني ۽ لافاييت، بينجمن فرينڪلن، توڪويل ۽ پييرلانفان جو ذڪر ڪيو، ان کان اڳ جو هو مون کي تفصيل سان سڀ ڪجهه ٻڌائي جيڪو مون هاڻي اخبارن ۾ پڙهيو هو- اهو ئي ته ڪيئن هيءَ جنگ ”اسانجي سپاهين جي لاءِ برلن جي سير ۽ تفريح هئي-“
منهنجي والد ان جي ترديد ڪرڻ ٿي چاهي- جيتوڻيڪ کيس فرانسيسن ۽ پرشنز جي تقابلي زور جو ٽڪي جو به اندازو ڪونه هو، هن اڃا تازو ئي خانه جنگيءَ ۾ حصو ورتو هو ۽ ائٽلانٽا جي گهيري دوران زخمي ٿيو هو- ”مان اها تصديق ڪري سگهان ٿو ته ڪابه جنگ باغ جو سير ناهي هوندي،“ هنن اسان کي چيو هو- ”پر قومون ايتريون غفلت شعار ۽ بارود جون شوقين ٿينديون آهن جو مون حجت ۾ پوڻ کان پاسو ڪيو- هي حجت بازيءَ جو وقت نه هو ۽ هن ماڻهوءَ مون کان منهنجي راءِ نه ٿي گهري- بار بار اهو ئي جملو ٿي دهرايائين، ”اوهان جو خيال اهو نه آهي؟“ پر اهو مشڪل سان ئي ڪنهن جواب جو طلبگار هو: مون بس هڪ ڄاتل سڃاتل اشاري سان مٿو ٿي ڌوڻيو-
هن جو انداز دوستاڻو هو- ان کانپوءِ اسان هڪ ٻئي سان هر صبح ملڻ لڳاسين- مان وري به گهٽ ئي ڳالهائيندو هئس ۽ ان ڳالهه تي هن خوشيءَ جو اظهار ڪيو ته هڪ آمريڪي مڪمل طور تي سندس جهڙو هو- سندس چوٿين خود ڪلاميءَ کانپوءِ هن شريف مرد، مون کي پنهنجي گهر مانيءَ جي دعوت ڏني، کيس ٻيهر منهنجي رضامندي حاصل ڪرڻ جو ايترو يقين هو جو هن منهنجي جواب ڏيڻ کان اڳ ئي اشاري سان گاڏي گهرائي- مون کي ان ڳالهه جو اعتراف آهي ته مونکي ان تي ڪڏهن پڇتاءُ نه ٿيو- هو شارلز اوبير دولو ساي سڏرائيندو هو ۽ بولووار پوارسونيير جي هڪ گهر ۾ رهندو هو، سندس زال وفات ڪري وئي هئي- سندس ٻئي پٽ فوج ۾ هئا، ۽ ڌيءَ تنهنجي ماءُ ٿيڻ واري هئي-“
هوءَ ارڙهن سالن جي هئي ۽ منهنجو والد ان وقت هن کان ڏهه سال وڏو هو، ڊگهين وطن جي حب ۾ ڪيل ولوله انگيز تقريرن جي وچ ۾ هو خاموشيءَ سان هڪ طرف تڪڻ لڳو- 17 آگسٽ کان، لڳاتار 3 شڪستن کانپوءِ اهو واضح ٿي ويو آهي ته جنگ هارائي وئي آهي ۽ قومي علائقا خطري ۾ هئا، منهنجي ناني جي لفظن ۾ گهٽتائي اچي وئي- تيئن تيئن سندس ڌيءَ ۽ مستقبل ۾ ٿيندڙ ناٺي هن جي اداسيءَ کي دور ڪرڻ ۾ مصروف ٿي ويا، ٻنهي جي وچ ۾ هڪ تعلق پئدا ٿيڻ شروع ٿيو- ان کانپوءِ صرف هڪ نگاهه ئي ان ڳالهه جو فيصلو ٿي ڪيو ته ٻنهي مان ڪير مداخلت ڪري سگهي ٿو ۽ ڪهڙي دليل جي دوا سان-
”جڏهن پهريون ڀيرو اسان، هوءَ ۽ مان، ان ڊگهي ۽ پکڙيل سالن ۾ اڪيلا ٿياسين ته مرده خاني جهڙي خاموشي پکڙجي وئي- جنهن جي نتيجي ۾ هڪ بي اختيار ٽهڪ ڦٽي نڪتو- اسان تي ان ڳالهه جو اڃا هاڻي هاڻي انڪشاف ٿيو هو ته ڪيترائي ڀيرا گڏ ماني کائڻ جي باوجود به اسان هڪ ٻئي سان سڌو سنئون هڪ لفظ به نه ڳالهايو هو- ان جي ڄاڻ ۽ بااختيار ٽهڪ ڏاڍو دل کي وڻندڙ هو، تڏنهن به ان کي ڊيگهه ڏيڻ نه ٿي ٺهيو- ۽ توقع ڪئي ٿي وئي ته مان ئي شروعات ڪريان- تنهنجي ماءُ پنهنجي سيني سان هڪ ڪتاب لڳائي ويٺي هئي ۽ مون کانئس پڇيو ته ڇا پڙهي رهي آهين-“
ٺيڪ ان لمحي، عمرخيام منهنجي زندگيءَ ۾ داخل ٿيو- مون کي لڳ ڀڳ ائين چوڻ گهرجي ته هن مون کي جنم ڏنو- منهنجي ماءُ تازو ئي ليزڪواترينزدُڪي يام (Les Quatrains de Kheyam) حاصل ڪيو هو، جيڪو جي.بي نيڪولا، ايران ۾ فرانس جي اڳوڻي سفارتي ترجمان فارسيءَ مان ترجمو ڪيو هو، ۽ 1867 ۾ امپيريل پريس مان ڇپيو هو- منهنجي والد جي سفري سامان ۾ ايڊورڊ فٽز جيرالڊ جي دي رباعيات آف عمر خيام جو 1868 جو ايڊيشن هو-
”تنهنجي ماءُ جي بيخودي خود منهنجي بيخوديءَ کان وڌيڪ لڪل نه هئي- اسان ٻنهي کي يقين هو ته اسان جون زندگيون ڳنڍجڻ واريون آهن- ڪنهن به لمحي اسان کي اهو خيال نه گذريو ته اسان ٻنهي جو هڪ ئي ڪتاب پڙهڻ محض اتفاقي امر هو- عمر اسان ٻنهي جي سامهون قسمت جي ڪنهن لڪل اشاري جيان هڪ ئي گهڙيءَ ۾ ظاهر ٿيو- ان کان نظر چورائڻ لڳ ڀڳ بي حرمتي هجي ها- قدرتي ڳالهه آهي اسان ٻنهي انهن جذبن جو هڪ ٻئي سان ڪو ذڪر نه ڪيو، جيڪي اسانجي دلين ۾ ڇوليون هڻي رهيا هئا، سڄي گفتگوءَ جو مرڪز اهي نظم ئي هئا- هن مون کي ٻڌايو ته نيپولين ٽئين خود ان ڪتاب جي اشاعت جو حڪم ڏنو هو-“
ان وقت، يورپ عمر کي تازو تازو دريافت ڪيو هو، جيتوڻيڪ انهيءَ صدي ۾ ڪجهه ماهرن ان جو ذڪر پهرين به ڪيو هو، هن جو الجبر 1851ع ۾ پئرس ۾ شايع ٿيو هو ۽ خاص ڪتابچن مان ان بابت مقالا به مليا هئا، مغربي عوام هن کان اڃا تائين بي خبر هو ۽ خود اوڀر ۾ به، خيام جو آخر بچيو ڇا هو؟ هن جو نالو، هڪ ٻه قصا ۽ ڪهاڻيون، چند رباعيون جيڪي غير معتبر مصنفن سان منسوب ٿيل هيون ۽ ستاره شناس جي حيثيت سان غير يقينيءَ واري ساک-
جڏهن برطانوي شاعر فٽز جيرالڊ جنهن جي ڪا گهڻي شهرت نه هئي، 1859 ۾ پنجهتر رباعين کي ترجمو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ته ان تي گهڻي توجهه نه ڏني وئي- ڪتاب جا ڪل اڍائي سئو نسخا ڇپيا ويا، مصنف انهن مان ڪجهه پنهنجن دوستن ۾ ورهائي ڇڏيا ۽ باقي برناردڪوارش جي ڪتبخاني ۾ آهستي آهستي وڪامڻ لڳا- ”ويچارو پوڙهو عمر لڳي ٿو ساڻس ڪنهن کي ڪا دلچسپي نه هئي،“ ائين فٽز جيرالڊ پنهنجي فارسيءَ جي استاد کي لکي ٿو- ٻن سالن کانپوءِ ناشر سڄو بچيل ذخيرو سستي اگهه وڪڻڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو: پنج شلنگ جي ابتدائي قيمت جي رباعيات هاڻي هڪ پيني ۾ وڪامجڻ لڳي، يعني سٺ سيڪڙو گهٽ قيمت ۾- ان قيمت ۾ به گهٽ ڪتاب وڪامجي سگهيا، تان جو ٻن ادبي نقادن جي نظر ان تي وڃي پئي- انهن ان ڪتاب کي پڙهيو ۽ ڏندين آڱريون ڏئي ويهي رهيا- ٻئي ڏينهن واپس آيا ۽ وڌيڪ ڇهه ڪتاب تحفي طور ڏيڻ لاءِ خريد ڪيائون- اهو ڏسي ته ڪجهه دلچسپي بس اڀرڻ واري آهي، ايڊيٽر قيمت وڌائي ٻه پينس ڪري ڇڏي-
۽ اهو سوچڻ ته انگلستان جي آخري سفر دوران ساڳيو ڪوارش، جيڪو هاڻي ڏاڍي استقامت سان پڪاڊيلي ۾ پنهنجو ڪتابن جو دڪان ڄمائي ويٺو آهي، مون کي ان پهرئين ايڊيشن جي هڪ نسخي جا جيڪو هو پاڻ وٽ بچائي رکي ويٺو هو، پورا چار سئو پائونڊ اسٽرلنگ ڏيڻا پيا!
ان هوندي به لنڊن ۾ يڪدم ڪاميابي ملڻي نه هئي- کيس پئرس کان اچڻو پيو جتي ايم نيڪولا پنهنجو ترجمو شايع ڪيو هو، جتي تيوفيل، بوتيير، ڪو مونيتر، اوني ورسيل جي صفحن تي هڪ ڪڙڪيدار جملو ”ڇا اوهان خيام جون رباعيون پڙهيون آهن؟“ لکڻو پيو ۽ ”روح جي ان غير مشروط آزاديءَ“ کي ”جنهن جي بيباڪ ترين جديد مفڪر به مشڪل سان برابري ڪري ٿا سگهن“ ڀليڪار چئي، ۽ ايرنيسٽ رُنان کي ان تي اڃا ٿورڙو اضافو ڪرڻو پيو: ”شايد خيام اهو عجيب ترين انسان آهي جنهن کي پڙهڻ سان سمجهي سگهجي ٿو ته مسلمان قيد جي صورتحال ۾ رهندي به ايران جو هڪ آزادي پسند، غير معمولي انسان پنهنجو پاڻ کي ڇا ٺاهي ويو“ ته جيئن فٽز جيرالڊ ۽ هن جو ”ويچارو پوڙهو عمر“ گمناميءَ کان ٻاهر اچي سگهن- هيءَ سجاڳي ڏاڍي هُل هنگامي سان آئي- رات وچ ۾ اوڀر جا سڀئي جسم صرف خيام جي نالي جي چوڦير جمع ڪيا ويا- ترجمن جي قطار لڳي وئي، انگلستان مان هڪ کانپوءِ ٻيو ايڊيشن نڪرڻ لڳو ۽ پوءِ آمريڪا ۾ ڪيترين ئي ”عمر“ انجمنن جو قيام عمل ۾ آيو-
ٻيهر: 1870 ۾ خيام جو فيشن بس شروع ئي ٿي رهيو هو- عمر جي شوقينن جو حلقو ڏينهون ڏينهن وڌڻ لڳو، پر اڃا دانشورن جي حلقي کان اڳيان نه وڌيو هو- جڏهن پڙهڻ جو هڪ جهڙو گڏيل مواد منهنجي ماءُ ۽ پيءَ کي هڪ ٻئي جي ويجهو وٺي آيو، ته اهي عمر جي رباعين کي پڙهڻ ۽ ان جي مفهوم تي گفتگو ڪرڻ لڳا: ڇا مي ۽ مئخانه، عمر جي تحرير ۾ خالص صوفياڻي رمز هئي، جيئن نيڪولا چيو آهي؟ يا اها، ان جي ابتڙ، هڪ لذت پرستانه، بلڪه عياشي واري زندگيءَ جو اظهار هو، جيئن فٽز جيرالڊ ۽ رُنان جي دعويٰ هئي؟ انهن مباحثن سندن وات کي هڪ نئون ذائقو متعارف ڪرايو- منهنجو والد جڏهن پنهنجي حسين محبوبا جي سُڳنڍ ڀريل وارن تي پيار سان هٿ ڦيريندي عمر جي يادآوري ڪندو هو، ته منهنجي والده شرم کان لال ٿي ويندي هئي- اهي ٻئي مشتاق رباعين جي پئداوار هئا، جو انهن پهريون ڀيرو هڪ ٻئي کي چُمي ڏني- جنهن ڏينهن انهن پنهنجي شاديءَ جو ذڪر ڪيو ته اهو عهد ڪيو ته هو پنهنجي پهرئين پٽ جو نالو عمر رکندا-
1890 جي ڏهاڪي ۾ سوين ننڍڙن آمريڪين جو نالو عمر رکيو ويو: جڏهن مان 1 مارچ 1873 تي ڄاوس، ان وقت تائين اهو رواج اڃا ايترو عام نه ٿيو هو- مون مٿان گهڻو بار نه وجهندي منهنجي والدين ان پرديسي نالي کي منهنجي نالي جو پهريون جز نه ٺاهيو، بلڪه ان کي ٻئين درجي ۾ وجهي ڇڏيو، ته جيئن جيڪڏهن مان چاهيان ته ان کي هڪ محتاط ”او“ (o) سان مٽائي سگهان، منهنجي اسڪول جا ساٿي سمجهندا هئا ته هي اوليور، اوسوالڊ، اوسبورن يا اورول جو متبادل آهي ۽ مون به ڪڏهن انهن جي غلط خيالي جي ترديد نه ڪئي- مون تائين پهچڻ وارو ورثو ان جنهن جي معنيٰ ۾ تمام گهڻو وڌاءُ شامل هو (پدري معنوي) بابت منهنجي تجسس جي باهه کي ڀڙڪائڻ بنا رهي نه سگهيو- 15 سالن جي عمر ۾ مون ان بابت هر تحرير پڙهڻ شروع ڪري ڇڏي- مون فارسي ٻولي ۽ ادب پڙهڻ ۽ ايران جو ڊگهو سفر ڪرڻ جو منصوبو جوڙيو- پر خير، هڪ مختصر دوري کانپوءِ منهنجو جوش جهڪو ٿيو- بيشڪ سڀني ناقدن جي راءِ ۾ فٽز جيرالڊ جا شعر انگريزي شاعري جا شاهڪار هئا، پر ان جو عمر جي شعرن سان ڪو پري جو تعلق ئي هو- رهيون رباعيون ته ڪجهه مصنف ته لڳ ڀڳ هزار نقل ٿا ڪن، نيڪولا چار سئو کان وڌيڪ ترجمو ڪيون، جڏهن ته ڪيترن ڪامليت پسند ماهرن انهن مان رڳو هڪ سئو رباعين کي ئي ”مستند“ ڄاڻايو- ممتاز مستشرقين ته منڍ کان ئي انڪار ڪري ڇڏيو هو ته انهن مان ڪا هڪ رباعي به يقين سان عمر سان منسوب نٿي ڪري سگهجي-
اهو خيال ڪيو ٿي ويو ته اصلي ڪتاب جو وجود هجي ها جنهن ذريعي اصلي ۽ نقلي جي وچ ۾ فرق معلوم ٿي سگهي ها، پر اهڙي ڪنهن ڪتاب جي ملڻ جا آثار يقيني نه هئا-
آخرڪار مون پنهنجو ڌيان شخص ۽ ان جي ڪم تان هٽائي ڇڏيو، مان پنهنجي وچئين نالي جي شروعاتي حرف ”او“ کي پنهنجي والدين جي ٻاراڻي دور جي يادگار طور ڏسڻ لڳس- تان جو هڪ جلسو مون کي پنهنجي پهرين محبت طرف واپس وٺي آيو ۽ منهنجي زندگيءَ کي ڏاڍي مضبوطيءَ سان خيام جي نقشِ قدم تي هلائڻ لڳو-
***

