هن خطي ۾ سراسري طور نوجوانن جي حالت ڏينهون وڃي ٿي خراب ٿيندي، پر ان خراب ٿيندڙ صورتحال ۾ آمريڪي ۽ مغربي نوجوان به پريشان آهن. 2008 واري آمريڪي ”رسيشن“ ڪساد بازاري پنهنجي جاءِ تي، پر ان کانپوءِ گورا ڪريسيءَ جا اثر ابتر ٿيندا رهيا آهن. آمريڪي غير اخلاقي حرڪتن ۾ کڻي اڳ کان اڳرا هجن، پر آمريڪي ۽ مغربي نوجوان پنهنجي ڪيريئر جي حوالي سان به پريشان آهن. ان ڏس ۾ هارورڊ انسٽيٽيوٽ فار ڪوانٽيٽيٽو سوشل سائنس جو هڪ تازو مطالعو سامهون آيو آهي ته آمريڪا ۽ يورپ ۾ 18 کان 25 سالن جي ماڻهن ۾ خوشحالي جو ريشو ڏينهون ڏينهن گھٽ ٿيندو پيو وڃي، جيڪي ماڻهو عمر جي 70 سال کان مٿي جا آهن، اهي پنهنجن پنهنجن ڪمپنين ۽ ادارن تي قابض آهن، ان ڪري نون انٽرپرونيوئرز جي جاءِ نٿي جڙي. آمريڪا ۽ يورپ سميت ٻين مغربي ملڪن ۾ جيڪا ۽ جيتري بزنس جي رفتار 70 کان 2000 تائين هئي سا هاڻي ناهي رهي. هاڻي اتان جا نوجوان رڳو روزگار جي حوالي سان پريشان رهن ٿا، پر انهن ۾ خوشحالي جو جز يا عنصر نٿو هجي. اهي آمريڪي ان اسپيڊ سان ترقي نٿا ڪري سگهن، جنهن اسپيڊ سان انهن جي رفتار گذريل ٽن چئن ڏهاڪن ۾ هئي. ان ساڳي رپورٽ ۾ جيڪي جنريشنز ڳڻيون وڃن ٿيون انهن ۾ ”بيبي بومرز“ (جيڪي ماڻهو 58 کان 76 سالن جي عمرين جا آهن معنيٰ جيڪي ماڻهو 1946 کان 1964 جي وچ ۾ ڄاول آهن، انهن کي ”بيبي بومرز“ چيو وڃي ٿو ۽ جيڪي 1965 کان 1980 تائين انهن کي ”واءِ جنريشن“ چيو وڃي ٿو، معنيٰ جيڪي ماڻهو 1981 کان 1996 جي دوران ڄاول آهن، انهن کي ”ملينيل جنريشن“ چيو وڃي ٿو ۽ 1997 کان 2012 تائين ”زي جنريشن“ چورائجي ٿي، انهن سڀني جنريشنز ۽ نسلن جي سوچ ۾ ڏينهن رات جو فرق به هجي ٿو). ان ڳالھ ۾ دنيا جون جنريشن به ڳنڍي سگهجن ٿيون، جنهن ۾ پاڪستان به آهي جتي پراڻين جنريشنز جا ماڻهو يا نسل حڪمراني جي حق تي قابض آهن، جيڪي بيبي بومرز آهن ۽ آمريڪي نسلن وانگي اهي يا ته حڪمران آهن يا اهي ڪنهن صورت انڊسٽرين تي قابض به آهن. جنهن جي ڪري آمريڪا سميت دنيا جا ٻيا ملڪ به ان فرسودگيءَ ۾ ڦاٿل آهن. ان مطالعي مان واضح آهي ته انهن نسلن ۾ هيستائين خوشحاليءَ جا ڪا خير خبر ناهي ۽ نه ئي ٿي سگهي. ڇو ته اهي نسل انهن جاين تان هَٽِي پري ٿين يا گم ٿين يا حق واري مالڪي ڇڏين ۽ ٻين جي لاءِ موقعا ڇڏين ته ٻين نسلن جي لاءِ ڪا ڳالھ ٿئي يا انهن جي جاءِ ڪو ٻيو وٺي.