برطانيا جو شهزادو وليم سرءُ جي موسم ۾ پاڪستان جي دوري تي ايندو
پرنس چارلس ۽ ليڊي ڊيانا جو وڏو پٽ شهزادو وليم پاڪستان جي پرڏيهي وزارت جي دعوت تي هڪ هفتي لاءِ پاڪستان جي دوري تي ايندو. شهزادي سان گڏ سندس زال ڪيٽ مڊلٽن ۽ ٽئي ٻار به گڏ هوندا. ياد رهي ته هن کان اڳ پرنس چارلس ۽ ليڊي ڊيانا به پاڪستان اچي چڪا آهن. جڏهن ته برطانيه جي راڻي به 1961ع ۾ پاڪستان جو دورو ڪري چڪي آهي.

