بلاگنئون

سر نسريا پاند، اُتر لڳا آءُ پرين…

16 آگسٽ کان 15 سيپٽمبر تائين چِٽَ جي شروعات سنڌي مهيني (بَڊو) کان ٿي ويندي آهي ۽ هِنَ جو مڪمل اختتام سَرَءُ جي مند جي پڇاڙيءَ تي ٿيندو آهي. سيپٽمبر مهيني کي چِٽَ جو ڦوهه مهينو به سڏيو ويندو آهي. جڏهن ته 01 آڪٽوبر کان 15 آڪٽوبر تائين اَسُو مهيني جي وِچَ جي عرصي کي چِٽَ جي پُڄاڻي سمجهيو ويندو آهي. ٻھراڙي جا ماڻھو چِٽَ جي ڦُوهه موسم کي هن حد بندين ۾ ورهائيندا آھن:

  1. ڊَڀَ جي نيسَر جِي چِٽَ

  2. لَئِي جِي ڪُنگُو ٽاري جِي چِٽَ

  3. ڪانھَه جي نيسر جي چِٽَ

مٿيون ٽئي چِٽُون ڀڄي پَوَڻَ کانپوءِ موسم جي مزاج ۾ هلڪي تبديلي اچي ويندي آھي، پر چِٽَ جو اثر اڃا سَرَءُ جي مند جي پُڄاڻيءَ تائين هلندو رهندو آهي. 16 سيپٽمبر کان 15 آڪٽوبر تائين سنڌي مهيني اَسُو دوران هيٺ ڄاڻايل چِٽُون ظاهر ٿينديون آهن:

  1. ناڙي گاهه جي گُلَ جِي نيسر جِي چِٽَ

  2. سَرَ جي نيسَرِ جِي چِٽَ

  3. لاڻِي جِي نيسر جِي چِٽَ

اِنَ کانپوءِ سَرَءُ جي مند جي پڄاڻيءَ تائين چِٽَ بلڪل ختم ٿي ويندي آهي ۽ اُتر اُتَ ڪندو آهي جنهن جي گُهلڻ سان هير پئي لڳندي آهي ۽ محبوب موسم جي شروعات ٿي ويندي آهي ۽ شاهه عبداللطيف ڀٽائي محبوب سان مخاطب ٿي فرمائي ٿو:

جيڪر اَچين هاڻِ،

ته ڪريان رُوح رُچَندِيُون،

آيَلِ! ڍولِئي ساڻُ،

هوندَ ڳَر لڳي ڳالهيُون ڪَريان.

ڪانھن نسري نروار ٿيڻ کانپوءِ سَرُ 7 آڪٽوبر تي ڄڀ ڪڍندو، جيڪو سلسلو 15 آڪٽوبر تائين جاري رهندو، سَرُ يا سَرَ جو ٻُوڙو، جيڪو نيسر کانپوءِ ان جو ڪانو پڪو ٿيندو، جيڪو ٻھراڙي جي ماروئڙن لاءِ غنيمت هوندو آھي، سر جي ڪاني کي ڏاٽي يا ڪُھاڙِي سان ڪَپي، مُوڙا ٻڌي گهر کڻي اچي، انهن کي ڪنڌي طور منھن جي پاسن کان ڪانن سان ڪنڌي ڏئي بند ڪري سياري جي سردي کان بند ڪيو ويندو آھي. ڪانن مان ڪِڙا ۽ ڪڙِيُون ٺاهي گهرن جي ڇِتِيُن تي ڪِڙا رکي پلال يا پترون ڏئي پوءِ مٿان گارو ڏئي لانڍين، ڪوٺن، منھن، ڇپرن کي ڇتي بند ڪيو ويندو آھي. سَرُ سنڌ ۽ سنڌوءَ جي سونھن ۽ سينگار آھي، جيڪو واهن، واٽرن، شاخن، بئراجن ۽ ڪئنالن جي ڪَپُرُن سان وڏي تعداد ۾ وجود وٺندو آھي، هن جو وجود مِٺي پاڻيءَ تي ڀاڙيندڙ هوندو آھي. سَرَ جي ڪانن مان چؤنرا ۽ چؤنريون، مَنَھن ۽ مَنَھِيُون، پيھِيُون ۽ پيھا، ڪوٺِيُون ۽ ڪوٺا، لانڍِيُون ۽ لانڍَن جي ڇتين ۽ ڪنڌي طور ڪم ايندا آھن، ڪانو ٻھراڙي جي ماروئڙن، سانگيئڙن، جهانگيڙن کي سولي ۽ سستي نموني عوامي سھولت طور اڏاوت طور هٿ اچي وڃي ٿو. سر جي چٽ ڀڄڻ کانپوءِ گرمي ۽ اٻ کي ڌڪ لڳندو، رات ٺَرَندِي، صبح جو ماڪ ڦڙا گاھه ۽ سارين جي پنن مٿان موتي داڻن وانگر چمڪندي ڏسڻ ۾ ايندا آھن. هي ڪانھن جا نسريل سنگ جيڪي پري کان ڪپھه وانگر سفيد هرک وانگر چمڪنندا آهن. شاهه سائينءَ جي ان موسم تي جڏهن نظر پوي ٿي ته پنهنجي شاعريءَ جي زينت بڻائي ٿو۔

مان جڏھن به مرشد لطيف رح جو سُر سامونڊي پڙهندو يا ٻڌندو آھيان ته منهنجو جِيءُ جُھري پوندو آھي، سُر سامُونڊي ڏُک، درد، پيڙاءُ، وڇوڙي جي سُورن، فِراقَ جي وڍُن جو سُر آھي، مفڪرن جو خيال آھي، ته لطيف پنھنجي سَمُوري درد کي سُر سامُونڊيءَ ۾ بيان ڪيو آھي.

سَيئِي جوڀَنَ ڏَينِھَن،

جڏِھن سَڄَڻَ سَفرِ ھَليا،

رُوئان رَھن نه سُپرين،

 آيلِ! ڪَرٓيان ڪِيئن،

مُونکي چاڙھي چِيئن،

ويو وڻَجارو اوھِري.

پنجن ڇهن مهينن جي مسلسل گرمي، گهٽ ۽ ٻوسٽ واري موسم کان تنگ ٿي جڏهن کيس وڻندڙ موسم ملي ٿي ته ان موسم ۾ پنهنجي محبوب سان گڏ گذارڻ جي دعوت ڏيندي فرمائي ٿو:

سَرَ نِسِرِيا پاندَ، اُتَرَ لڳا آءُ پِرين!

مون تو ڪارَڻِ ڪانَڌَ!

سَهِسين سُکائون ڪيون.

يعني: سر جي سلن ڳڀ جھليو آھي ۽ اتر واءُ لڳو آھي. اي ڍوليا! تون موٽي اچ، تو ڪارڻ مون انيڪ سکائون باسيون آھن. ھن موسم ۾ رات جو ٿڌ پوندي ۽ صبح جو ھلڪي ھلڪي ماڪ پوڻ شروع ٿيندي مطلب ڏينهن جو ڪجھه گرمي ۽ رات جو ٿڌڪار ٿيندو. وونئڻن ۾ ڀيلاڙو ۽ سارين جو لابارو ٿيندو. ڪڻڪ پوکي جي تياري ٿيندي، پکي پنهنجا آکيرا اتر کي اوٽ ڏيئي سيءَ کان بچاءُ ڪندا، مور پنهنجا کنڀ ڇاڻيندا، ماڻهو گرم ڪپڙن جو استعمال ڪندا، گھرن توڙي اوطاقن تي باهين جا مچ ٻرندا. مطلب ته موسم جي وڏي اٿل پٿل ٿيندي شاهه سائين هن بيت ۾ هيئن فرمايو:

سَرَ لوهيڙا ڳَڀيا، ڪُسرَ نِسرِيا،

تو ڪيئن وسريا، ڍوليا! ڏينهن اچڻ جا.

بيت جو پسمنظر هن ريت آهي ته او محبوب! هاڻي ته مندون به ڦري ويون آهن ۽ سر ڳڀجي ويا آهن. لوهيڙي جهڙو سخت وڻ به ڦولاريو آهي ۽ ڪسر به نسري ويا آهن. تون ته هنن بي جان شين جهڙو به نه ٿئين، ڇو ڀلا؟ تون ته مون کان پل به پري نه ٿيندو هئين پوءِ هاڻي ڇو پنهنجا واعدا ۽ وچن وساري ويٺو آهين. هي ڏينهن ته تنهنجي پرڏيهه کان موٽڻ جا آهن، پر تون اڃان نه آيو آهين، الائي ڇو؟ مطلب ته هن بيت ۾ ڀٽائي سانوڻ جي مند پوري ٿيڻ ۽ سياري جي شروعات ۾ ٿيندڙ موسمي تبديلين کي فوڪس ڪيو آهي. واپار سانگي پرڏيهه ويل هڪ وڻجارَي جي محبوبه جَي نازڪ، نفيس ۽ ڪومل جذبن جي عڪاسي ڪندي فرمائي ٿو ته مندون به پنهنجي وقت تي تبديل ٿين ٿيون، سر، لوهيڙا ۽ ڪُسرَ به ڳڀجي ۽ نسري ويا آهن، پر هن وڻجاريءَ جو ڪانڌ، محبوب اڃان واپس ناهي وريو. الائي ڪهڙي سبب دير ڪئي اٿائين. هي وڻجاري ويٺي لڙڪ لاڙي ۽ هنجون هاري، پنهنجي پرينءَ کي ڪيئي شڪايتون، ميارون ۽ ڏوراپا پئي ڏئي، کيس تمام گهڻي سڪ جو لڳي آهي.

پُران مانَ پُڄان، بَنَدَر مون ڏوُر ٿيا،

نه موُن ھَڙَ نه ھَنجَ ڪِي؛ جو آئون چَئي چَڙھان،

ايھين ڪَج پاتِڻي؛ جنھن پَرِ پرينءَ مِڙان،

ڪارُون ٿِي ڪَريان، تو دَر اُڀي ناکَئا.