نئون

آڪٽوپس زميني نه پر خلائي مخلوق آهي: سائنسدانن جي دعويٰ

دنيا جي 33 سائنسدانن جو چوڻ آهي ته آڪٽوپس هڪ خلائي مخلوق آهي جيڪا گهڻو عرصو اڳ زمين تي آئي هئي. سائنسي جنرل پروگريس اِن بايو فزڪس اينڊ موليڪيولر بايولوجي ۾ هڪ دلچسپ رپورٽ شايع ٿي آهي. جنهن ۾ آڪٽوپس کي خلائي مخلوق قرار ڏنو ويو آهي. ماهرن دعويٰ ڪئي آهي ته هن جاندار جا DNA ڪنهن شهاب ثاقب سان گڏ زمين تي آيا هئا. جڏهن ته آڪٽوپس جي شڪل به ان کي خلائي مخلوق ظاهر ڪري ٿي. تحقيق ۾ ظاهر ٿيو آهي ته جڏهن زمين جي شروعاتي دور ۾ مائيڪروبس، وائرس ۽ ٻيا بيڪٽيريا وغيره تخليق ٿي رهيا هئا ان وقت  آڪٽوپس جا DNA شهاب ثاقب سان گڏ زمين تي آيا هئا. ڪجهه سائنسدانن هن ٿيوري سان اختلاف به ڪيو آهي. جنهن بعد هڪ بحث شروع ٿي ويو آهي. سائنسدانن جو چوڻ آهي ته آڪٽوپس جي شڪل ان کي خلائي مخلوق ظاهر ڪري ٿي.