”ڊيوڊ هيم” گهڻو وقت اڳ چئي ويو هو ته بيدار ماڻهن جي قوت تمام گهڻي هوندي آهي، اهي بيدار ماڻهو جيڪي مسلسل انقلاب جا خواب ڏسندا رهن ٿا، اهي پوءِ ساڀيان به ڪري سگهن ٿا، ڇو ته انهن جي تحريڪ ۾ استقامت ۽ اعتدال هوندو آهي، اهي ڪجھ به ڪري سگهن ٿا، ان ڪري جو انهن جي انقلابي پختي ايمان جي آڏو دوکي جي ديوار ڪجھ به معنيٰ نٿي رکي (جيڪا ڳالھ شامي ماڻهن (سنين) ڪري ڏيکاري). اها ڳالھ به مڃون ٿا ته شامي سني عوام جي حمايت ۾ سعودي ۽ پاڻ وارو پاڪستاني به 2012 واري جنگ ۾ بشمول رهيا ۽ انهن جي ڀيٽ ۽ مخالفت ۾ ايران جي همت افزائي به بشارالاسد سان شامل هئي ۽ روس پنهنجي ٻين اتحادين سميت بشارالاسد جي همت افزائي ڪندو رهندو هو، جنهن سبب 2012 ۾ بشارالاسد جي دل وڌي وئي هئي ۽ هيل تائين هن پنهنجا 5 لک مخالف ماڻهو مارائي انتها درجي جي خونريزي ڪرائي ويو ۽ پاڻ به بچائي ويو، پر نتيجي ۾ هزارين لکين شامي يورپي ملڪن ۾ پناھ وٺڻ تي مجبور ٿي ويا هئا، سي هاڻي جشن پيا ملهائين. ان دوران سعودي حڪومت سميت سڀني سني ملڪن جي اها ڪوشش هئي ته شامي علوي (بنو نصيري) قبيلي، مسلڪ ۽ حڪومت کي ڪافر قرار ڏجي، ڇو جو اهي علوي مسلڪ جا ماڻهو شرڪ ۾ ڪجھ اڳتي ئي نڪتل هئا، پر هاڻي سعودي عرب جو ايران جي پاسي دوستي جو هٿ وڌائڻ مان اهو فائدو ٿيو جو هن دفعي بشارالاسد اڪيلو رهجي ويو، فوجين باغين کي انقلاب جون راهون هموار ڪري ڏنيون، ڪنهن کي به نه روڪين، اها ٻي ڳالھ آهي ته ماضي ۾ جڏهن به سني ۽ شيعه ملڪ وڙهندا هئا ته ماڻهو ۽ ملڪ ورهائجي ٻه اڌ ٿي ويندا هئا. هاڻي اهو ممڪن آهي ته بحرين ۽ يمن جون حالتون بگڙن يا انهن تي به ڪا شامت اچي، جنهن جي لاءِ ڪجھ چوڻ وقت کان گهڻو اڳ هوندو.
عرب مصر کانسواءِ جنگ نٿا وڙهي سگهن ۽ شام کانسواءِ امن قائم نٿا ڪري سگهن. اها به حقيقت آهي ته شامي صدر حافظ بشارالاسد پنهنجي علوي حڪومت جي خلاف بغاوت کي ڪچلڻ ۾ “حما” شهر کي مڪمل طور تي تباھ ڪري ڇڏيو آهي. حالانڪه هن حڪمران (بشارالاسد) کي عرب ملڪن ۾ وڏي پيماني تي شاندار حڪمت عمليون جوڙڻ وارو سمجهيو ويندو هو، پر شامي ماڻهن جي نظر ۾ هو هڪ بي رحم حڪمران به هيو. 1971 جي عرب اسرائيلي جنگ ۽ “هينري ڪيسنجر” جي مصر کي اسرائيل جي خلاف عرب رياستن جي فرنٽ لائن تان هٽائڻ کانپوءِ شام بشارالاسد جي اڳواڻي ۾ اڀري آيو هو. ڪيسنجر جڏهن ته هڪ وڏو اٽڪل باز ۽ مسلمانن جو ڪٽر مخالف هو، پر هو بشارالاسد جي اسٽريٽجڪ صلاحيتن کي پڻ ساراهيندو هو. هينري ڪيسنجر اهو به چئي ويو هو ته “شام منهنجي پهرين سفيري ذميواري هئي، تنهنڪري مون کي ان سان ۽ ان جي ماڻهن سان خاص وابستگي آهي. مون کي خوش آمديد ڪرڻ تي هڪ شامي آفيسر مون کي چيو هو ته توهان مصر جي وڏي خدمت ڪئي آهي، پر مصري ۽ شامي وڌيڪ دلڪش ۽ ايماندار آهن. انهن سڀني چوڻين ۾ سچائي جو جز آهي. تنهن هوندي به مون کي مصر ۽ شامي ماڻهن سان پيار آهي. مان دمشق ۾ پهتو آهيان، جنهن کي دنيا جي قديم ترين گاديءَ جو شهر قرار ڏنو وڃي ٿو”. (هينري الفريڊ ڪيسنجر 1973 ۾ نوبل امن انعام پڻ ماڻيو هو، ڇو ته هن آمريڪا جو اسٽيٽ سيڪريٽري هوندي ويٽنام ۾ جنگ بندي ڪرائي هئي پر ويٽنام مان آمريڪا پاڻ جان ڇڏائي ڀڳو ۽ اهو موقف اختيار ڪيو هو جيڪو ٻيو بحث ٿي ويندو هينري الفريد ڪيسنجر يهودي نسل جو ماڻهو هو جيڪو جرمني جي “فرٿ” شهر ۾ 27 مئي 1923 ۾ ڄائو هو، هن جا وڏا هٽلر جي حڪومت ۾ ئي آمريڪا لڏي آيا هئا، هي شخص 29 نومبر 2023 “ڪينٽ” سي ٽي، آمريڪا ۾ وفات ڪري ويو).
آمريڪا وڏي طاقت هوندي وچ اوڀر ۽ ان کان ٻاهر جي جنگي حڪمت عملين کي ترتيب ڏيندو رهندو آهي. آمريڪي اسٽريٽجڪ پاليسي تازن سالن ۾ گهڻو ڪري ماسڪو، تهران ۽ دمشق ۾ حڪومتي تبديلي آڻڻ جي طرف راغب رهي آهي، هاڻي انهن شام ۾ به ائين ڪيو. آمريڪا ۾ پنهنجي چالبازي وڏي ڪاميابيءَ سان ترتيب ڏيڻ چاهيندي آهي ته ڇا اهو روس ۾ به ممڪن آهي. روس يوڪرين ۾ جنگ جو آغاز ڪري گهڻو ڪري ڪمزور ٿي چڪو آهي، اهو به آهي ته روس بشارالاسد جي بچاءُ ڪرڻ جو خواهان نه هو، پر پيوٽن جي حڪومت لاءِ اهو هڪ وڏو ڌڪ ضرور آهي. ٻي جاءِ تي لبنان ۾ حزب الله جي مدد ڪرڻ ۾ ايران جي ناڪامي روس جي شرمندگي ۾ اضافو پڻ ڪيو. بهرحال، پيوٽن لاءِ ٽرمپ جي مبينا نرم لهجي کي ڪجھ مبصرن جي نظر ۾ پيوٽن لاءِ عزت بچائڻ جو هڪ ممڪن موقعو آهي، ساڳي جاءِ تي هي هڪ مشڪوڪ مفروضو به آهي، جيڪو پيوٽن جي باري ۾ ٽرمپ جي رويي کان وڌيڪ اهم آهي، ساڳي جاءِ تي روس مضبوط ملڪن وانگي تعريف جوڳو به آهي، جيڪي ڪنٽرول ڪري ڄاڻن. هاڻوڪي صورتحال ۾ دنيا جا مضبوط ملڪ به ڪنٽرول وڃائي رهيا آهن، ان جا ڪجھ عنصر ٿي سگهن ٿا، هڪ ته بشارالاسد جي حڪومت جي خاتمي سان شام ۾ روسي فوجي اڏن جي امڪاني طور تي ختم ٿيڻ ۽ شام جي حوالي سان ٽرمپ جي پوئتي هٽڻ واري پاليسي شايد شام مان پنهنجون فوجن کي ڪڍڻ جي حق ۾ هجي يا يوڪرين ۾ ممڪن آهي ته روس هڪ ڀيرو ٻيهر ڪنٽرول حاصل ڪرڻ لاءِ هڪ بهتر پوزيشن ۾ اچي. اهو معاهدو ٽرمپ جي توثيق سان اتي جنگ جي خاتمي جي بنياد جي طور تي بحال ٿي سگهي ٿو، پر اها اڃان تائين قياس آرائي آهي، جيتوڻيڪ جيئن پيوٽن پنهنجو پاڻ کي “زي جن پنگ” کان پري رکڻ جي قيمت ادا نه ڪندو يا ممڪن آهي ته ٽرمپ زور ڏئي. ٻيو تمام گهڻو اهم سوال اهو به آهي ته چين انهن ڊرامائي صورتحال کي ڪيئن منهن ڏيندو. چين ڄاڻي ٿو ته آمريڪا لاءِ حتمي اسٽريٽجڪ سوڀ ان جي عالمي تسلط لاءِ چيني چئلينج تي ڀاڙڻ به آهي، پر چين اهڙي تسلط کي قبول نٿو ڪري، ڇاڪاڻ ته هو پنهنجي عالمي معاشي اثر کي آمريڪي مصيبتن تي ڀاڙڻ جي اجازت نٿو ڏئي سگهي. ان جي مطابق اهو هاڻي وچ اوڀر ۾ ترقي کي نظر انداز ڪرڻ جو متحمل نٿو ٿي سگهي، جيڪو جلد يا دير سان چين جي ويجهو ٻين ملڪن جي رويي تي اثر ڪندو.
علائقائي سياسي ۽ سماجي اثرن کي ڏسجي ته هي شامي انقلاب عالمي سياست ۾ وڌيڪ اهم ٿي سگهي ٿو. هاڻي صدر اردگان واقعي ئي فاتح نظر اچي ٿو، ترڪي جو اتر اوڀر ۾ شام جي ڪرد علائقن تي ڪافي اثر رسوخ آهي ۽ ممڪن طور تي “حيات تحرير الشام” (هي گروھ القائده سان لاڳاپن کي ختم ڪرڻ کانپوءِ هڪ اسلامي قومپرست تنظيم جي طور تي اڀري آيو هو) جيڪو هن انقلاب جو سرواڻ به هو، پر سوال اهو به آهي ته ڇا اردگان هاڻي ترڪي ۾ شام جي پناهگيرن کي واپس آڻيندو؟ ۽ هڪ جمهوري ملڪ جي حيثيت ۾ “حيات تحرير الشام” جي شدت پسند رجحانن کي وچٿرو ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو؟ پر ان ڏس ۾ ترڪي سعودي عرب جي خلاف به ٿي سگهي ٿو، جيڪو پاڻ کي سني حڪومتن جي سرپرست اعليٰ طور ڏسي ٿو. جيتوڻيڪ ترڪي ظاهري طور تي محمد بن سلمان جي اثر کان پري ٿيندو رهيو آهي، پر ايران ۽ حزب الله لاءِ تمام گهڻو منفي به آهي. توڙي جو شام تي ايران جو اثر ۽ شام جو لبنان تي حزب الله جي ذريعي خطي ۾ آمريڪي بالادستي ۽ اسرائيلي ملٽريزم ۾ اهم رڪاوٽون هيون. پهرين نظر ۾ فلسطينين لاءِ هاڻوڪا اثر شايد اڳ کان به وڌيڪ خراب نظر اچن ٿا، پر ٽرمپ ان صورتحال ۾ شايد خوفناڪ ڪردار بڻجي، هن تازي پيش رفت تي سندس پهريون جواب شام جي حوالي سان شايد هن هڪ بهترين پاليسي سمجهي ويندي. اهو پيوٽن جي دائري کان ٻاهر ان ڪري به ٿي سگهي ٿو ته هو هاڻي اسرائيل کي چئلينج ڪري ته غزه ۾ جنگ بندي تمام گهڻي ممڪن آهي، ڇو ته حماس کي ان جنگ بندي کان الڳ ڪيو ويو آهي، جيڪا ان کي پنهنجي شاندار مزاحمت کي برقرار رکڻ لاءِ گهربل هئي. ان جي مطابق هاڻي اسرائيل امن جي چونڊ نه ڪندو، جيڪو بدلي ۾ ابراھيمي معاھدن جي بحاليءَ کي چالو ڪرڻ واري ڳالھ هوندي ته جيئن عرب بادشاھ پنھنجن ماڻھن کي فلسطين ۾ پرسڪون رهي سگهن ۽ پنهنجو ڪنٽرول ڪري سگهن.
هاڻي ته شام تي 53 سالن جي علوي حڪومت اوچتو ختم ٿي وئي. هاڻي ڇا چئون ته دمشق غرق ٿي ويو يا وري اڀري آيو؟ حقيقت ۾ ٻئي وضاحتون صحيح آهن. دمشق عرب ملڪن ۾ هڪ پروقار ۽ پرتوقير شهر آهي ۽ خطي ۾ آمريڪي ۽ اسرائيلي سامراجي تسلط جي خلاف مزاحمت ۾ گهڻو اڳڀرو رهيو آهي، پر حقيقت ۾ هڪ زوال پذير شهر پڻ آهي. هي شهر بشارالاسد جي ظالماڻين ڪاررواين کي وساري نٿو سگهي، جيڪي شامي ماڻهن مخالف هجڻ جي حيثيت ۾ ڀوڳيون، هنن هڪ مسلسل جبر ڏٺو ۽ سَٺو، ڇو ته بشارالاسد مخالفن جي لاءِ تمام گهڻو خطرناڪ هوندو هو، پر هاڻي دمشق واقعي ئي هڪ وقت لاءِ آزاد ضرور ٿيو آهي. شامي انقلاب ڪجھ ملڪن جي لاءِ جھٽڪو آهي ۽ ڪجھ ملڪن جي لاءِ هڪ نعمت وانگي به آهي. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته تازي پيش رفت آمريڪا، اسرائيل، ترڪي ۽ سعودي عرب لاءِ وڏن اسٽريٽجڪ فائدن واري آهي ۽ ان سان گڏوگڏ روس، ايران ۽ فلسطين لاءِ ھڪ وڏو جھٽڪو ضرور آھي.