”ڊيوڊ هيم” گهڻو وقت اڳ چئي ويو هو ته بيدار ماڻهن جي قوت تمام گهڻي هوندي آهي، اهي بيدار ماڻهو جيڪي مسلسل انقلاب جا خواب ڏسندا رهن ٿا، اهي پوءِ ساڀيان به ڪري سگهن ٿا، ڇو ته انهن جي تحريڪ ۾ استقامت ۽ اعتدال هوندو آهي، اهي ڪجھ به ڪري سگهن ٿا، ان ڪري جو انهن جي انقلابي پختي ايمان جي آڏو دوکي جي ديوار ڪجھ به معنيٰ نٿي رکي (جيڪا ڳالھ شامي ماڻهن (سنين) ڪري ڏيکاري). اها ڳالھ به مڃون ٿا ته شامي سني عوام جي حمايت ۾ سعودي ۽ پاڻ وارو پاڪستاني به 2012 واري جنگ ۾ بشمول رهيا ۽ انهن جي ڀيٽ ۽ مخالفت ۾ ايران جي همت افزائي به بشارالاسد سان شامل هئي ۽ روس پنهنجي ٻين اتحادين سميت بشارالاسد جي همت افزائي ڪندو رهندو هو، جنهن سبب 2012 ۾ بشارالاسد جي دل وڌي وئي هئي ۽ هيل تائين هن پنهنجا 5 لک مخالف ماڻهو مارائي انتها درجي جي خونريزي ڪرائي ويو ۽ پاڻ به بچائي ويو، پر نتيجي ۾ هزارين لکين شامي يورپي ملڪن ۾ پناھ وٺڻ تي مجبور ٿي ويا هئا، سي هاڻي جشن پيا ملهائين. ان دوران سعودي حڪومت سميت سڀني سني ملڪن جي اها ڪوشش هئي ته شامي علوي (بنو نصيري) قبيلي، مسلڪ ۽ حڪومت کي ڪافر قرار ڏجي، ڇو جو اهي علوي مسلڪ جا ماڻهو شرڪ ۾ ڪجھ اڳتي ئي نڪتل هئا، پر هاڻي سعودي عرب جو ايران جي پاسي دوستي جو هٿ وڌائڻ مان اهو فائدو ٿيو جو هن دفعي بشارالاسد اڪيلو رهجي ويو، فوجين باغين کي انقلاب جون راهون هموار ڪري ڏنيون، ڪنهن کي به نه روڪين، اها ٻي ڳالھ آهي ته ماضي ۾ جڏهن به سني ۽ شيعه ملڪ وڙهندا هئا ته ماڻهو ۽ ملڪ ورهائجي ٻه اڌ ٿي ويندا هئا. هاڻي اهو ممڪن آهي ته بحرين ۽ يمن جون حالتون بگڙن يا انهن تي به ڪا شامت اچي، جنهن جي لاءِ ڪجھ چوڻ وقت کان گهڻو اڳ هوندو.