بلاگنئون

چورن جي پيرن جيان وڌندڙ مھانگائي ۽ پريشان مزدور طبقو!

جڏهن ڪنهن عام ماڻهو کي پئسو، منصب اقتدار يا ڪو عهدو ملي ويندو آهي ته ايئن لڳندو آهي ته دنيا کيس سياڻو سمجهڻ شروع ڪيو آهي. ان طاقت ۽ منصب ملڻ جي ڪري هو اهڙيون سياڻپ جون وڏيون وڏيون ڳالهيون ڪري ٻين کي منجهائي پاڻ کي مٿڀرو ڏيکاريندو يا ائين کڻي چئجي ته پنهنجي غلطي کي خوبصورت لفظن جي ڄار ۾ لڪائڻ جي ڪوشش ڪرڻ جي وسان ڪوشش ڪري ان ۾ ڪامياب ٿي ويندو آهي. منهنجو به هڪ يار آهي کيس رب پاڪ رحمتون ۽ وڌيڪ عنايتون نصيب ڪري نالو اٿس رحمت الله جيڪو ائين کڻي چئجي ننڍي هوندي کان ئي منهنجي ڪپڙن سبڻ جو درزي به آهي، منهنجو اهو يار ڪپڙا سدائين ڀلا سبندو آهي، آئون ڪراچي هجان يا سڪرنڊ، پر منهنجا نوان ڪپڙا سبڻ لاءِ هر وقت ان جي حوالي هوندا آهن، تازو هڪ نئين سبيل وڳي جو سامهون وارو کيسو ننڍو ڪري ڇڏيائين، ساڻس هجت ڪري شڪايت ڪيم ته بنا دير جي کيسي ٺاهڻ وارو هڪ شادي ڪارڊ تي کيسي وانگر ڪٽيل پاڪيٽ سائيز ساڪٽ چئجي يا ماپ چئجي اهو کڻي وال سان ماپ ڪري ڏيکاريائين ته ايترو ته اڳي به لڳائيندو آهيان ۽ هاڻ به اهو ئي لڳايو اٿم، هاڻ هن پنهنجي جان ڇڏائي، پر جيڪا تڪليف مون کي ٿئي ٿي اها مون کي خبر آهي. بهرحال ڳالھه کٽائڻي ته يار پنهنجي غلطي تسليم ڪرڻ بجاءِ هڪ ئي ڌڪ ۾ مون کي ئي ڪوڙو ڪري ڇڏيو، سو ان مثال وانگر هن ملڪ ۾ به مهانگائي هڪ سال ۾ سئو سئو سيڪڙو وڌي ٿي وڃي، پر ملڪ جي اعليٰ ڪرسي تي ويٺل حڪمران طبقو سدائين عوام کي ڪوڙو ڪري مهانگائي ست کان اٺ سيڪڙو وڌڻ جون دعوائون ٿو ڪري، ائين هو به پنهنجي جان آجي ڪرايو وڃن، پر خبر ته وري به عوام کي آهي جيڪا رات ڏينهن ان مهانگائي کي ڀوڳي رهي آهي، ڪنهن شاعر جون خوبصورت سٽون آهن ته:

توکي ۽ تنهنجي يادن کي ڇاهي ڀوڳيون يار اسان ٿا.

سو هنن حڪمرانن کي ڪھڙو مٿي جو سور آهي؟ هنن جو اسان جي ڀوڳڻ ۽ تڙپڻ سان ڇا وڃي ۽ ڇو هنن کي اسان جي ڳالھه تي اعتبار ايندو، ڇو ته هنن کي سرڪاري خزاني مان اربين رپين جو آسائشون فري ۾ ملي رهيون آهن، انهن کي ڪھڙي خبر ته مهانگائي ڪيتري وڌي وئي آهي، هتي رڳو ڀوڳي ته ويچارو مسڪين مزدور طبقو ۽  مظلوم عوام ٿو.

مهانگائي جي ڳالھه تي ياد آيو ته ڪجھه وقت اڳ جڏهن ٿوري به مهانگائي وڌندي هئي ته اليڪٽرڪ ميڊيا کان ويندي هر طرف شور پئجي ويندو هو ته فلاڻي شيءِ هيتري وڌي وئي، مهانگائي عروج تي پهچي وئي، مهانگائي جو جن بوتل مان نڪري آيو آهي وغيره وغيره جهڙا بيان ٻڌڻ ۾ ايندا  رهندا هئا، ان سان عوام جي دلين تي ڪو ڇنڊو پوندو هو ته ها يار اسان جو به ڪو آواز اٿارڻ وارو آهي. هن ظلم تي اسان لاءِ به ڪو ڳالهائي رهيو آهي، پر هاڻ ته حيرتناڪ حد تائين چورن وانگر مهانگائي اڳتي اڳتي ۽ تمام گهڻو اڳتي وڌي رهي آهي، پر ان کان وڌيڪ افسوس يا حيرت ان ڳالھه تي ٿئي ٿي جو ان وڌندڙ ناجائزي تي ڪير به آواز اٿارڻ وارو ناهي، اڳي جيڪا ميڊيا ٿوري ٿوري ڳالھه تي بريڪنگ نيوز ڏيندي ڪانه ٿڪبي هئي، ان کي به ڄڻ ته نانگ سونگهي ويو آهي جو گذريل سال جولاءِ کان وٺي هن سال جي جنوري مهيني تائين صرف ستن مهينن ۾ بنا سبب اٽو، گيھه، داليون، کنڊ ٻين کاڌي پيتي جي شين سميت دوائن، اليڪٽرونڪ سامان، ڪاسميٽڪ، پلاسٽڪ، لوھ، سون، زرعي سامان، ڪپڙن، مطلب ته زندگي جي هر شعبي سان سلهاڙيل شين جا اگھه ٻيڻا ٽيڻا ٿي ويا آهن، پر ڪٿان به ڪو مظلوم قوم جو آواز اٿارڻ وارو نظر نٿو اچي جيڪو هن بيوس ماڻهن جو آواز ايوانن تائين پهچائي ۽ انهن کي ٻڌائي ته او وقت جا حڪمرانو اوهان پنهنجي اقتدار کي ۽ پنهنجو پاڻ کي بچائڻ لاءِ روز نوان قانون ٺاهي من مستيون ڪرڻ ۾ پورا آهيو، پر جنهن قوم جي خدمت ڪرڻ جو اوهان حلف کنيو آهي، ان جو ڀرم رکڻ لاءِ بجاءِ اوهان سڀ ملي ڪري قوم جون تڪليفون گهٽائڻ بجاءِ پاڻ کي سکيو رکڻ کي ترجيح ڏئي پنهنجي ئي کنيل حلف سان انحرافي ڪري رهيا آهيو، جنهن جو جلد کان جلد ازالو ڪرڻ جو سوچيو، تنهنڪري خدارا وڌندڙ روز جي مهانگائي واري هن مسئلي طرف ڌيان ڏئي قوم کي ان عذاب مان نجات ڏيارڻ ۾ ڪو ڪردار ادا ڪريو ته جيئن هتان جو پورهيت ۽ عام طبقو سک سان زندگي جون ڪي چار گهڙيون گذاري سگهي. باقي منهنجي يار رحمت الله وانگر هي به نه مڃيندا ته پوءِ ڀلا ڇا ٿو ڪري سگهجي؟ جيئن ڪپڙا پيو جيسين پائيندس، تيسين ان ننڍي کيسي سان آئون به پيو ڀوڳيندس ۽ حڪمرانن جي به اگر اها روش ۽ بي ڌياني رهي ته هي مزدور پورهيت ۽ ملڪ جا بيوس ماڻهو به جيسين جيئرا هوندا تيسين انهن چورن وانگر چپ چاپ، لڪ ڇپ ۾ اڳتي وڌندڙ مهانگائي کي پيا ڀوڳيندا رهندا.