(ڪنهن به هنڌ نا انصافي هر هنڌ انصاف لاءِ خطرو آهي- مارٽن لوٿر ڪنگ)
شروعات:
فرد کي انصاف جي ضرورت ائين ئي آهي، جيئن کيس زنده رهڻ لاءِ پاڻي، هوا ۽ کاڌو ضروري آهي. انصاف جو تصور ايترو ئي پراڻو آهي، جيترو هي سڌريل سماج قديم آهي. انسانن لاءِ سماجي انصاف ڪيترو اهم آهي اُن ڳالھه جو اندازو هن مان لڳائي سگهون ٿا ته گڏيل قومن جي جنرل اسيمبليءَ 26 نومبر 2007 ۾ فيصلو ڪيو ته 20 فيبروري تي هر سال سماجي انصاف جو ڏهاڙو (World Justice Day) ملهايو ويندو.
هن وقت دنيا ۾ ناانصافي ڪيتري سطح تي آهي، هنن مثالن مان صاف ظاهر ٿئي ٿي؛ عالمي انصاف پراجيڪٽ(World Justice Project-WJP) جي قانون جي حڪمراني(Rule of Law) 2024 جي رپورٽ مطابق دنيا ۾ 5 ارب ماڻهن کي قانوني انصاف نٿو ملي ۽ ورلڊ بئنڪ جي تحقيق مطابق دنيا جي 8.2 ارب آباديءَ مان 4.5 ارب ماڻهن کي صحت جي لازمي سهولتن تائين پهچ ناهي.
عالمي سطح تي دولت جي اڻ برابريءَ تي 2024 جي رپورٽ مطابق دنيا جي 50 سيڪڙو غريب طبقي جي ماڻهن وٽ صرف 2 سيڪڙو دولت آهي ۽ ساڳي طرح امير طبقي جي 10 سيڪڙو ماڻهن وٽ 76 سيڪڙو دولت آهي.
نا انصافي جي ٻي شڪل توهان کي سنڌ ۾ به نظر ايندي. توهان سنڌ جي سامونڊي پٽي، ٿر، ڪاڇو، ڪوهستان، ڳوٺن ۽ شهرن جي غريب آبادي وارا پاڙا گهمي ڏسو توهان کي نا انصافيءَ جو اندازو ٿي ويندو. پاڪستان ۾ غربت جو تناسب 42.4 سيڪڙو آهي. جڏهن ته سنڌ ۾ هن وقت 16 لک ٻار مزدوري ڪن ٿا ۽ 70 لک 63 هزار ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن. بيورو آف اسٽيٽيڪس، سنڌ 2023 جي سينسس مطابق سنڌ ۾ 21.8 سيڪڙو بي روزگاري آهي. سنڌ ۾ پيري مريدي، جاگيرداري، وڏيرا شاهي ۽ گروهي طاقت، اِهي سڀ سماجي انصاف جا دشمن ادارا آهن.
سماجي انصاف جي وصف:
سماجي انصاف جي وصف تي گهڻو ڪري فلاسافر ۽ سياسي دانشور متفق نه رهيا آهن. آڪسفورڊ ڊڪشنري جي مطابق موقعا، وسيلا، سياسي حق، برابري ۽ سهولتن جي منصفاڻي ورهاست کي سماجي انصاف چيو ويندو آهي. مارڪس هن وصف کي رد ڪندي غير طبقاتي نظام کي سماجي انصاف سڏي ٿو. انتهائي آزاد خيال نظريي جا پوئلڳ ان کي انساني آزاديءَ جي خلاف سمجهن ٿا. انهن مطابق رياست جو سماجي انصاف ۾ ڪوبه ڪردار نه آهي.
سماجي انصاف کان پهريان انصاف جو تصور اُڀريو جيڪو پهريان بدلي جو انصاف سمجهيو ويندو هو. (1754 قبلِ مسيح) جنهن ۾ حمورابي جي 282 قانونن تحت “اک جو بدلو اک” سان شروع ٿي، پر پوءِ آهستي آهستي انصاف جي هيءَ ظالماڻي وصف ختم ڪئي وئي. هاڻي فرد جي بنيادي حقن کي تسليم ڪندي شهريءَ جي حقن جي بنياد تي انصاف ٻڌل آهي.
جان رالس جي مطابق سماجي انصاف تڏهن حاصل ٿي سگهي ٿو، جڏهن سماج ۾ موقعا، وسيلا ۽ حق بنا ڪنهن مت ڀيد جي منصفاڻي طور ورهايا وڃن ۽ سڀني لاءِ برابريءَ جو اصول استعمال ڪجي. عالمي سطح تي هن وقت دنيا ۾ جان رالس جي سماجي انصاف جي وصف کي پسند ڪري اپنايو وڃي ٿو.
امرتياسين جي مطابق سماجي انصاف تڏهن حاصل ٿيندو، جڏهن ماڻهن کي پنهنجي صلاحيتن کي اجاگر ڪرڻ ۽ آزاديءَ سان پنهنجي پسند جي زندگي گذارڻ جا حقيقي موقعا ملن ٿا.
سماجي انصاف جو تاريخي پسمنظر:
يونان جي سقراط جو شاگرد افلاطون پهريون ڀيرو (380 قبلِ مسيح) ۾ پنهنجي ڪتاب “جمهوريه” ۾ سماجي انصاف کي نئين وصف ڏني. افلاطون جي شاگرد ارسطو (350-322 ق-م) ۾ پنهنجي فلسفي ۾ سماجي انصاف کي اخلاقيات ۽ سياسي نظريي ۾ مرڪزي حيثيت ڏئي انصاف کي هڪ اهڙي فضيلت(virtue) سمجهي ٿو، جيڪا فرد ۽ سماج جي وچ ۾ بهتر لاڳاپن کي يقيني بڻائي ٿي. رومن سماج ۾ انصاف جو تصور گهڻو ڪري رومن قانوني نظام(Roman Law) ۽ سماجي درجابنديءَ سان جڙيل هو. سماجي انصاف جو فلاسافي بنياد سماجي معاهدي (1651) کان شروع ٿئي ٿو، جنهن جو پايو وجهندڙ ٿامس هابس، جان لاڪ ۽ روسو آهن.
سماجي انصاف هڪ سياسي حق طور 19 هين صديءَ ۾ ظاهر ٿيو. جڏهن صنعتي انقلاب ذريعي سماج ۾ معاشي ننڍ وڏائي واضح طور ظاهر ٿي. هي اُهو ئي دور آهي جنهن ۾ مارڪس پنهنجو فڪر ڏئي ٻڌايو ته سماجي انصاف جي بجاءِ غير طبقاتي سماج ٺاهجي ۽ اُنهيءَ دور ۾ پهريون پهريون چرچ جي پادري لوئيجي تاپاريلي ڊي ازگليو (1793-1862) ان 1840-1843 جي وچ ۾ پنهنجي ڪتاب قدرتي قانون جي نظريي(Theory of Natural Law) ۾ هن سماجي انصاف کي اصطلاح طور پيش ڪيو.
1919 ۾ عالمي پورهيت تنظيم پنهنجي شروعاتي بيان ۾ سماجي حق لاءِ وڪالت ڪئي. اڳتي هلي گڏيل قومن جو ، عالمي انساني حقن جو پڌر نامو، گڏيل قومن جي شهري ۽ سياسي حقن جو معاهدو (1966) ۽ سماجي، ثقافتي ۽ معاشي حقن جي معاهدي (1966) ۾ سماجي انصاف کي مضبوط ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪئي آهي.
20 هين صديءَ ۾ سماجي انصاف تي هارورڊ يونيورسٽي جي مشهور دانشور پروفيسر جان رالس (1921-2002) پنهنجي ڪتاب انصاف جو نظريو(A Theory of Justice-1971) ۾ لکي نئين تشريح ڪئي ۽ ان سان گڏ بنگال ڄائو نوبل انعامِ يافته هارورڊ يونيورسٽي جو پروفيسر امرتياسين پنهنجو ڪتاب انصاف جو تصور(The Idea of Justice-2009) ۾ ماڻهن جي صلاحيتن کي اجاگر ڪرڻ لاءِ سماجي انصاف جو تصور ڏنو. ان جي برخلاف انتها پسند آزاد خيالي جو نظريو(Libertarianism) جو پوئلڳ رابرٽ نوزڪ جيڪو هارورڊ يونيورسٽي جو ئي پروفيسر هو. جنهن پنهنجو ڪتاب(Anarchy, State and Utopia-1974) ۾ سماجي انصاف جي مخالفت ڪندي چيو ته هي انسان جي بنيادي آزادين جي خلاف آهي.
سماجي انصاف جا ڀاڱا (Components):
سماجي انصاف هڪ تجريدي اصطلاح يا فقرو(Abstract Phrase) آهي، پر ان جا ٺوس ڀاڱا هيٺ ڏنل آهن، جيڪي انفرادي، گروهي ۽ شهرين جي اجتماعي ڀلائيءَ سان لاڳاپيل آهن.
ووٽ جي حق سميت برابريءَ جا حق 2. جمهوريت 3. بنيادي انساني آزاديون ۽ حق 4. روزگار 5. غربت جو خاتمو 6. بنيادي سهولتون، جنهن ۾ صحت، تعليم، گهر ۽ ٻيون روزمره جون سهولتون(Utilities) شامل آهن 7. عورتن ۽ ٻارن جي حقن جي حفاظت، صاف پاڻي ۽ صاف هوا 8. معذور ۽ ضعيف شهرين جي مدد 9. ڊجيٽل ٽيڪنالاجي تائين پهچ 10. امن امان ۽ شهرين جي جان مال ۽ عزت جي حفاظت 11. روڊ رستا 12. هوائي ۽ بحري آمدورفت جون سهولتون 13. وبائن کان بچاءُ 14. حادثا ۽ قدرتي آفتن کان شهرين جو بچاءُ 15. معاشي نابرابري جو خاتمو 16. سير و تفريح، رانديون ۽ ٻيون ثقافتي سرگرميون 17. شهرين جي ٻولي ۽ ثقافتي ماڳن جي ترقي 18. قدرتي وسيلن جي پائيدار ترقي ۽ 19. موسمي تبديلين کان بچاءُ.
سماجي ناانصافيءَ جا عام سبب:
سماجي ناانصافي(Social Injustice) هڪ اهڙو سماجي رجحان آهي، جيڪو ماڻهن جي گروهن يا فردن سان غير منصفاڻي سلوڪ، وسيلن جي نا برابري واري ورهاست ۽ هر قسم جي مت ڀيد جي صورت ۾ ظاهر ٿئي ٿو. سماجي ناانصافي گهڻو ڪري معاشي فرق، تعليم تائين رسائي ۾ ڏکيائپ، سماجي ۽ ثقافتي مت ڀيد، عالمي نابرابريءَ جو معاشي نظام، سياسي ناانصافي، غلامي، بادشاهت، ٻاهرين حڪومت(Colonization) ۽ آمريت جي سياسي نظام ۾ اچي وڃن ٿا.
سماجي نا انصافيءَ جا اثر:
سماجي نا انصافيءَ جا اثر فرد، گهر، اقليت ۽ مجموعي سماج تي نفسياتي، سماجي، معاشي ۽ جسماني شڪل ۾ ظاهر ٿين ٿا. مثال طور؛ ذهني بيماريون، خود اعتماديءَ ۾ گهٽتائي، عزتِ نفس جو موجود نه هجڻ، هر وقت ڊپريشن ۾ رهڻ، سماجي اڪيلائپ، ٻين سان لاڳاپن ۾ خرابي، گهريلو ماحول جي ڀڃ ڊاھ ۽ شخصيت جو تباھ ٿيڻ سماجي نا انصافي جا نتيجا آهن.
ناانصافيءَ جي موجودگيءَ ۾ فرد کي تعليم، صحت، گهر نه هجڻ، صاف پاڻي نه ملڻ ۽ روزگار کي نقصان رسي ٿو. مثال طور؛ ناانصافيءَ جي ڪري کاڌي جي کوٽ، بک، بيماريون، ننڍي عمر ۾ موت جو خطرو، دل جون بيماريون، بلڊپريشر ۽ ذيابيطس جهڙيون بيماريون عام ٿي وڃن ٿيون.
سياسي ناانصافيءَ جي ڪري فرد، اقليت ۽ اجتماعي ماڻهن کي سياسي ۽ قانوني حقن کان محروم رکيو وڃي ٿو، انهن کي قانون مطابق حق نٿو ملي، انهن کي هر وقت هر جڳھه يا فورم تي انهن سان مت ڀيد وارو سُلوڪ ڪيو وڃي ٿو.
سماجي انصاف ۽ پائيدار ترقيءَ جا مقصد:
عالمي سطح تي خاص ڪري غريب ملڪن ۾ سماجي انصاف کي وڌائڻ لاءِ اقوامِ متحده سيپٽمبر 2000 ۾ پهريائين ملينيم ڊيولپمينٽ گولز (Millennium Development Goals-MDGs) جو نظام لاڳو ڪيو ۽ ان جي ڪاميابي يا ناڪاميءَ مان سبق سکندي گڏيل قومن پائيدار ترقي جا مقصد(SDGs) جنوري 2016 ۾ لاڳو ڪيا ويا جنهن کي 193 ملڪن اختيار ڪيو ۽ هي پائيدار ترقيءَ جي مقصدن کي 2016 کان 2030 تائين جو هدف ڏنو ويو آهي.
هن پائيدار ترقيءَ جا مقصد هي آهن:
غربت جو خاتمو، بک ۽ غذائي تحفظ، سٺي صحت ۽ خوشحالي، معياري تعليم، جنسي برابري، صاف پاڻي ۽ صفائي، سستي ۽ صاف توانائي، معقول روزگار ۽ معاشي واڌ، صنعت، جدت ۽ انفرااسٽڪچر، عدم مساوات ۽ گهٽتائي، پائيدار شهر ۽ برادريون، ذميوار استعمال ۽ پيداوار، ماحولياتي عمل، سمنڊن ۽ سامونڊي وسيلن جو تحفظ، زميني ماحولياتي نظام جو تحفظ، امن، انصاف ۽ مضبوط ادارا ۽ مقصدن لاءِ عالمي ڀائيواري شامل آهن.
اِهي 17 مقصد گڏيل قومن جي پائيدار ترقي جي ايجنڊا 2030 جو حصو آهن. هي پائيداري مقصد دنيا ۾ سماجي انصاف لاءِ تمام گهڻو ڪردار ادا ڪن ٿا. ملڪي ۽ عالمي سطح تي سماجي انصاف وڌائڻ لاءِ مستقل ڪوششون ٿينديون رهن ٿيون، جنهن ۾ جمهوريت کي مضبوط ڪرڻ، انساني حقن جو تحفظ، قانون جي حڪمراني، آئيني سڌارا ۽ حڪومتي قانون سازي ذريعي مختلف ملڪن ۾ اِهي ڪوششون ٿي رهيون آهن.
سماجي انصاف لاءِ ڪم ڪندڙ عالمي ادارا:
جيئن اڳ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته سماجي انصاف جا مختلف پهلو آهن ۽ سماجي انصاف کي بهتر ڪرڻ لاءِ مختلف عالمي ادارا، سول سوسائٽيءَ جون تنظيمون ۽ ٻيا خيراتي ادارا ڪم ڪري رهيا آهن. ان ۾ مکيه گڏيل قومن جا ادارا، جنهن ۾ انساني حقن جي ڪائونسل، انصاف جي عالمي عدالت، فوجداري ڏوهن جي عالمي عدالت، ورلڊ جسٽس پراجيڪٽ، ايمنسٽي انٽرنيشنل ۽ هيومن رائيٽس واچ اچي وڃن ٿا.
ان کان علاوه جمهوريت کي مضبوط ڪرڻ لاءِ ادارا، جنهن ۾ انٽرنيشنل انسٽيٽيوٽ فار ڊيموڪريسي اينڊ اليڪٽرورل اسسٽنس، نيشنل انڊومينٽ فار ڊيموڪريسي، ڊيموڪريسي رپورٽنگ انٽرنيشنل، ورائٽيز آف ڊيموڪريسي، فريڊم هائوس ۽ دي اڪنامڪ انٽيليجنس يونٽ به سماجي انصاف لاءِ تمام گهڻي جاکوڙ ڪن ٿا ۽ ٻيا علاقائي سطح تي ادارا جنهن ۾ يورپين ڪورٽ آف جسٽس ۽ يورپين يونين ايجنسي فار فنڊامينٽل رائيٽس به سماجي انصاف لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن ٿا.
پڄاڻي:
سماجي انصاف هڪ بنيادي انساني حق آهي ۽ ان کي دنيا جي هر ملڪ ۾ ماڻهن کي حق ڏيڻ لازمي آهي. سماجي انصاف جي غير موجودگيءَ ۾ انسان تذليل جو شڪار ٿئي ٿو. هن وقت جڏهن اسان 21 هين صديءَ ۾ رهون ٿا ته سماجي ناانصافي جنهن ۾ معاشي نابرابري به اچي وڃي ٿي جيڪا هڪ لعنت آهي.
توهان ڏٺو ته سماجي ناانصافي جي نظام ۾ ماڻهن کي بنيادي سهولتون ميسر ناهن، انهن کي سياسي ۽ جمهوري حق نٿا ڏنا وڃن، هُو غربت ۽ بي روزگاري جو شڪار رهن ٿا. انهن ئي سببن جي ڪري هُو ذهني ۽ جسماني بيمارين جو شڪار ٿين ٿا. ان لاءِ تمام ضروري آهي ته عالمي سطح تي انصاف ڀريو نظام هجي ۽ هر ملڪ جي شهرين کي سماجي انصاف مهيا ڪجي، جيئن نه صرف هُو عزت واري زندگي گذارين، پر هنن جي ايندڙ نسل کي به ڪنهن به قسم جي مت ڀيد کانسواءِ پائيدار ۽ عزت ڀري زندگي مهيا ڪئي وڃي.
ان لاءِ امير ۽ غريب ملڪ عالمي ۽ مقامي سول سوسائٽي، ترقي پسند سياسي جماعتون ۽ باشعور فرد گڏجي ڌرتيءَ جي گولي تي ناانصافي، نابرابري، مت ڀيد ۽ ٻين ناانصافين جو نظام ختم ڪري سماجي انصاف جو نظام رائج ڪن.