ادبڪهاڻيوننئون

ڪهاڻي: طلاق

مِس خديجه ماهه جبين جو درد ڀريو داستان ٻڌڻ کانپوءِ هڪ ڊگهو شوڪارو ڀريندي کيس صلاح ڏيندي چوڻ لڳي،
”جيڪڏهن تنهنجي مسئلي جو ڪو به حل ڪونهي ته پوءِ فقط اهوئي طريقو آهي ته هتي چاچن وٽ رهي پئو، مستقل دِل لڳائي تعليم پوري ڪري پيرن تي بيهه اڃان وڏي زندگي پئي آهي، سترنهن سال ڪا عمر ته ڪونهي جو ايئن حياتي ڪٽين اهڙي نالي جي مڙس مان آجي ٿي“.
نه نه امي اهڙي ڳالهه نه ڪريو طلاق جو ٻڌندي ئي ماهه جبين جنهن کي سڀ ”بينا“ چوندا هئا ڇرڪي چيو:
”مِس، جي مون طلاق ورتي ته پوءِ منهنجي ماءُ کي طلاق ملندي!!“
”ڇا؟؟“
خديجه جو حيرت وچان وات ئي پٽجي ويو ڏسڻ ۾ ته ڇوڪري سنئين سيبتي آهي پوءِ هيءَ چوي ڇا پئي؟ هن ڳالهه جو ته ڪو نه سر آهي نه ئي ڪو پير،
اسٽاف روم ڏي وڃڻ لاءِ جيئن بيٺل هئي تيئن هٿ ۾ جهليل پرس واپس ميز تي رکندي ٻيهر ڪرسيءَ تي ويهي رهي، ڪلاس روم سڄو خالي ٿي ويو هو ڇوڪريون رسيس ۾ ٻاهر ميدان تي ڪينٽين وٽ هيون، بينا پڻ اوڏانهن پئي وئي پر مانيٽر هئڻ ڪري ٽيچر خديجه کيس روڪي ٽي ڏينهن غير حاضريءَ جو سبب پڇيو جنهن تي جيڪا خبر چار ڪيائين ان جي پڇاڙي ڏاڍي دکدائڪ هئي ڌيرج سان چوڻ لڳيس،
”بابلا ڇو؟ تنهنجي امڙ جي ڇا ڪاڻ طلاق ٿيندي؟ تنهنجو ته سڱ ئي غلط ٿيو آهي، هڪڙي ننڍي نينگري ٻيو روز مارون کائين. مڙس پاري به نٿو. تنهنجو ته عليحدگيءَ جو مسئلو جائز آهي ني!“
بينا باهه تي رکيل ڪُنيءَ جيان اندرئون ٽهڪندي به ڏاڍي ٿڌي ٿانوري نموني چيو،
مِس! دراصل آئون پنهنجي امان جي عيوض مامي جي گهر ۾ پيٽ لکي ڏنل هيس، جڏهن منهنجي بابا وارن اميءَ جو سڱ نانا کان گهريو هو تڏهن منهنجي ڏاڏاڻن ۾ ڪا به ڇوڪري ڪانه هئي جا عيوض ۾ منهنجي ناناڻن کي ڏين، مامن سڱ جي مخالفت ڪئي، ناني کي چيائون سڱ نه ڪجو.
منهنجي امان شڪل صورت ۾ تمام خوبصورت آهي، بابا جي پسند هئي، بابا ڀائرن سان مشورو ڪري کين موڪليو جن چيو ته، ”توهان اسان کي صدوريءَ جو سڱ ڏيو اسين بدلي ۾ ڇوڪري بلڪل ڏينداسين، گل محمد يا اسان ڀائرن وٽ جيڪا به نياڻي پهرين پيدا ٿي اها توهان جي جوڙ لائق پٽ لاءِ ننهن ڪري وٺجو“ اهو فيصلو الحمد شريف تي لکت ۾ ٿيو، منهنجي مامن ۽ چاچن سڀني صحيحون ڪري مٺايون ورهايون، منهنجي پيدائش کان اڳ منهنجي حياتيءَ جو فيصلو ٿي چڪو هو، هاڻي جي منهنجا مائٽ منهنجي طلاق وٺرائيندا ته پوءِ بابا کي به بدلي ۾ امان کي طلاق ڏيڻي پوندي“
خديجه جا ته تاڪ ئي لڳي ويا، رسيس بند ٿيڻ جو گهنڊ لڳي چڪو هو، ڇوڪريون ڪلاس ڏي ورڻ شروع ٿيون، مِس خديجه پرس کڻندي ماهه جبين ڏي ڏٺو، ”ماه جبين ڪيترو پيارو نالو!! ڪيڏي چانڊوڪيءَ جي چمڪاٽن جهڙي حسين مورت ٻاٽ اونداهيءَ جي ڪاريءَ رات جهڙي تقدير کڻي آئي آهي، سندس لاءِ ڪيل تدبيرن جو ڪارائتو ٿيڻ ناممڪن پيو لڳي پر وري به سوچن مان نڪري کيس ڪُلهي تي هٿ رکي تسلي ڏيڻ پنهنجو فرض سمجهيائين،
”ٻڌ! تون همٿ نه هار، الله وڏو ڪارساز آهي، سکن جو سج ضرور اڀاريندو، تون سڙي خاڪ ٿيڻ لاءِ پيدا ڪونه ٿي آهي، علم وڏو هٿيار آهي، هوشيار آهين پڙهي پيرن تي بيهه ڪونه ڪو حل ضرور نڪرندو“
بينا حاضري رجسٽر کڻي اسٽاف روم جي ڪٻٽ ۾ رکڻ لاءِ ساڻس گڏ ڪلاس روم مان نڪتي،
بينا جي ماءُ ننڍپڻ کان ئي سندس دِل ۽ دماغ ۾ مامن جي گهر لاءِ محبت جو ٻج ڇٽيو هو. ماروٽ اسلم بينا کان پنج سال وڏو هو کيس به ڄاڻ هئي ته هو سندس مڱيندو آهي، اڪثر مٿس رعب رکندو هو، پڙهائيءَ ۾ ڪمزور، شڪل صورت ۽ قدبت ۾ پورو سارو مٿان وري خود سر، خود پسند ۽ ضدي اٺ درجا پڙهي اسڪول وڃڻ به ڇڏي ڏنائين، ڊيل جيان ٽلندڙ بينا سان جڏهن به مليو ٿي ته احساس ڪمتريءَ ۾ ايندي بي سبب داٻو رکڻ شروع ٿي ويندو هو، بينا کي هن جي عادتن ۽ رويي کان بڇان ايندي هئي پر ڪجهه چئي به نٿي سگهي ناناڻن وڃڻ ئي ڇڏي ڏنائين،
هوءَ هاڻي نائين ڪلاس ۾ اچي وئي هئي. اٺين درجي ۾ ڪلاس ۾ پهرين پوزيشن کنيائين ڳوٺ جو اسڪول مڊل تائين هو. نائون ڪلاس هڪ ماسترياڻيءَ جي گهر وڃي پڙهڻ لڳي، سندس چاچا حيدرآباد ۾ رهندا هئا پڻس کي چيائون ته ڇوڪري اسان وٽ رهائي ته مئٽرڪ هِتان ڪري پر گل محمد اڃا ڪو فيصلو ڪري تيسين عيد اچي وئي. مامن عيد تي سندن دعوت ڪئي بينا پڻ ڀائرن، ڀاڄاين ۽ ماءُ پيءُ سان گڏ ناناڻن وئي. سڀني جي منجهانس اک ئي نه نڪري پندرهن سالن جي حسين مورت، گهاٽا ڪارا وار جاڙن ڀرن جي هيٺان چمڪندڙ اکيون ڄڻ پروليون سِلي رهيون هيون نرم ڳاڙها ڳل ۽ گلابي چپ مٿان وڳو به گلابي ۽ عيد جي ڏينهن تي هٿن تي ميندي ۽ چوڙين جو کڙڪو، ماما، ماميون، ماروٽ سڀ مٿس قربان پئي ٿيا ته، اڄ نه ته صبح هيءَ حور پري لانئون لهي اسان جي اڱڻ تي ايندي، خوشيءَ جو اظهار نه هو ته فقط اسلم وٽ، سندس کهُري آواز ۽ منهن جي گهُنڊ، بينا جي دِل ۾ اڻ ڄاتل خوف ڀري ڇڏيو. پر پوءِ به پنهنجو ڌيان هٽائي ٻين سان مصروف ٿي وئي.
گهر اچي جڏهن اداسيءَ جي تند اندر ۾ تپڻ لڳيس پنهنجا انديشا ماءُ سان اوريائين، صدوري ڀائرن جي محبت ۾ کيس چپ ڪرائيندي چوڻ لڳي،
”چري! ڀاڳن واري آهي، هڪڙي پيءُ جي اڱڻ تان ٻئي پيءُ جي اڱڻ تي پئي وڃين سڳا ماما اٿيئي، ڌارين کان ڌڻي شل پناهه ڏئي، نياڻي پرڻائي ڏجي انهن وٽ نه داد ٿئي نه فرياد نه دانهن نه ڪوڪ، هي ته وري به پنهنجا ته آهن، ماري به ڇانوَ ۾ وجهندا، ڏسج ڪيئن ٿو بخت ڀيڙو ڏينئي، پنهنجي پيءُ کي دُعا ڪندينءِ، اسلم جون اهي جوانيءَ جون ارڏايون ختم ٿي وينديون پاڻيهي سياڻو ٿي ويندو“ صدوريءَ ڌيءَ کي ته چپ ڪرائي ڇڏيو پر خود فڪر ۾ ضرور پئجي وئي گل محمد کي ساڻ ڪري ڀاءُ سان ڳالهائڻ وئي. وڏي آڌر ڀاءُ ٿيس موقعو ڏسي ڳالهين ڳالهين ۾ سُر کنيائين ته اسلم کي ڪِي سنوَت ۾ آڻيو نه پڙهي لکي ٿو ۽ نه ئي ڪا ڪِرت ڪري ٿو. ڀاڻس وڌيڪ وڌڻ ئي ڪونه ڏنس چي،
”ڀينگيا ڪونه آهيون جتي هيترا پيا پَرِجون اُتي هڪڙي تنهنجي نياڻي اسان تي بوجهه ڪونه ٿيندي پنهنجي ڀاڻيجيءَ کي ڏکيو ڏينهن اصل ڪونه ڏيکارينداسين زمين ٽڪر آهي اسان وٽ. اسلم جو فڪر نه ڪر پاڻ اسان کي شاديءَ جا ڏينهن ٻڌي ڏي ايندڙ جمعي تي تاريخ وٺڻ اينداسين“
صدوري ڪُسجي مُسجي ماٺ ڪري رهي ڀائرن پوتي پارائي خرچيون پکا ڏيئي پيار سان روانو ڪيس گهر اچي ماڳهين ڌيءَ تي رعب رکيائين، ”هاڻي پڙهڻ نه وڃ تنهنجا شاديءَ جا ڏينهن ٿا ٻڌجن“
بينا ته هيڪاري بتال ٿي ماءُ کي ايلاز ڪرڻ لڳي ته آئون مئٽرڪ ڪريان پر ڪنهن ڪونه ٻُڌس گهر ۾ ڏيج پوت تيار ٿيڻ شروع ٿي ويا، نياڻي گهر ۾ هڪڙي سو سڀن کي ڪوڏ به گهڻا ٿي سُجهيا اوڙي پاڙي جون عورتون به اچڻ لڳيون گهر ڀاتي کيس ٻڌائڻ لڳا ته اسلم شاديءَ جي شوق ۾ سڌري ويو آهي، ٻاهر سنگت ۾ رُلڻ به نٿو وڃي مامن سان ٻنيءَ تي به وڃڻ لڳو آهي، جيڪي وهم ۽ وسوِسا ورائي ويا هئس انهن کي پاسيرو ڪري خود به ڪمن ۾ هٿ ونڊائڻ لڳي، پڙهي نه سگهڻ جو ڏک ضرور هئس پر ماڻس واعدو ڪيس ته پوءِ توکي ساڳيءَ ٽيچر وٽ پڙهڻ لاءِ موڪلينداسين ڀلي حيدرآباد ۾ وڃي امتحان ڏج.
شادي خير خوبيءَ سان ٿي سال کن گذريو چوندا آهن، ”چار ڏينهن چاهه جا پوءِ ٻاهريان پاسا واهه جا“ سو اسلم کي پڻ دوست ياد اچڻ لڳا، احساسن کان عاري ۽ غير مستقل مزاج جوان وٽ آهستي آهستي ڪنوار جي اهميت گهٽ ٿيڻ لڳي اتفاق وري اهڙو ٿيو جو هن سال ايترا مينهن پيا ٻوڏون اچي ويون فصل به نه ٿيا ته ڌنڌا ڌاڙي سڀ چوپٽ ٿي ويا، گهر ۾ پريشانيءَ جي لهر ڇائنجي وئي. اهڙين حالتن ۾ اسلم ٻيهر سنگت ڏي موٽ کاڌي، رات جو دير سان وَرَڻ لڳو، پڻس جي ڪجهه چويس ته مرڳو وڙهڻ ۽ گارگند ڪرڻ شروع ٿي وڃي، ڄڻ ان جهڙو ڪو معتبر ۽ مٿانهون تَرَ ۾ ڪونهي سڀني کڻي ماٺ ڪئي. ننڍي نيٽي ڪونج جهڙي ڪنوار تي عجيب وحشت طاري ٿي وئي اسلم کي پڻس سان وات هڻندي ڏسي هڪ پل سوچيائين ته کيس ٿڌائيءَ مٺائيءَ سان سمجهايان پر هن جي نگاهن جي گهور ۽ تپش کي محسوس ڪندي نرڙ تي ئي پگهر اچي ويس ڪجهه به چئي ڪونه سگهي، آس ۽ نراس، محبت ۽ نفرت، اميد ۽ نااميديءَ جي ٽه واٽي تي بيٺل بينا کي پنهنجي مائٽن تي ڏک ٿيڻ لڳو، پيڪي وڃڻ چاهيائين پر انهن کي چاچن ٻوڏ جي ڪري پاڻ وٽ حيدرآباد گهرايو هو. چند ڏينهن ئي گذريا اسلم اچي پڻس کي سُر کڻايو ته آئون ڌنڌو ٿو ڪريان پئسا کپن، پڻس ته ٺهه پهه جواب ڏنس وڏي ڳالهه فصلن جي ٻڏي وڃڻ کانپوءِ پاڻ به توائي هو، ڪاٿئون پئسا آڻي، هُن ڏٺو ٻيو ڪو چارو ڪونهي بينا وٽ ڪي شاديءَ جا پئسا ضرور هوندا. اچي کيس سُر کڻايائين پئسا نه ڏسي ڳهه، گهريائين بينا جو زيورن لاءِ جواب ڏيڻ ۽ اسلم جو بخيل ٿيڻ پوءِ ته قصو وڌي ويو، نيٺ بخيلائيءَ جي بحث مباحثي جي صورت ۾ اسلم جو هٿ کڄي ويو. چڙ ۽ تيسي ۾ ڪاراٽيل اسلم جو هيءُ خوفناڪ روپ ڏسي بينا ڪمري مان نڪرڻ جي ڪئي ته کيس ٻانهن مان جهلي پلنگ تي سٽيائين سڄي رات بيوسيءَ جا لڙڪ لارون ڪري ڳلن تان وهڻ لڳس گهر وارا جن هيڏيون وڏيون ڳالهيون ٿي ڪيون سي به دپ ۾ هن لوفر جي ويجهو ڪو نه آيا ته متان وڌيڪ گوڙ ٿيئي، کيس پنهنجي پيءُ جو به ڏاڍو ڏک ٿيو، جنهن کيس ڄمڻ کان اڳ ئي پوري حياتيءَ لاءِ حسرتن جي اوڙاهه ۾ اُڇلي ڇڏيو هو، آرزوئن سان ڀريل دِل ڄڻ ٽڪرا ٽڪرا ٿي ٽٽي وئي. رت بدران رڳن ۾ جيون جي ناڪاميءَ جو زهر ڊوڙڻ لڳو، هوءَ بي جان ۽ خالي خالي اکين سان سڀني ڏي تڪيندي ساجهر کان گهرجي ڪمن ڪارين ۾ لڳندي هئي ته رات تائين ٻاهر هوندي هئي وَرَ وٽ ڪمري ۾ ويندي ڄڻ روح رڙندو هئس ٿورن گهڻن ڏينهن مائٽ به حيدرآباد مان اچي ويس کين جڏهن خبر پئي ته ڏاڍي ڇڪ ڇڪان ٿي ماما به ته ڏوهاري هئس جن سندس خيال ڪونه ڪيو هوءَ لڙڪ لاريندي پيڪن اچي وئي.
اسلم کي پهرين ته ڪير ڪجهه چئي ڪونه سگهيو هو پر بينا جي وڃڻ ۽ غير موجودگيءَ ۾ سڀ گهرڀاتي ورائي ويس نيٺ شرمسار ٿيو، ڇوڪريءَ کي معافيون تلافيون ڪري واپس وٺي آيا، ڇهه مهينا مَسَ گذريا ٻيهر اسلم پاران پئسن جي رڙو رڙ شروع ٿي وئي. هُو ته ڪو ٻاهر جوا کيڏڻ لڳو هو، مٿس جو قرض چڙهيو ته ٻيهر ڇتو ٿي پيو، وڏو دنگل ڪيائين، وري به عتاب بينا تي نازل ٿيو، سڙي کامي ٻيهر پيڪن آئي هن دفعي سندس چاچا حيدرآباد مان ڳوٺ اچي کيس پاڻ سان وٺي ويا، گرلز هاءِ اسڪول ۾ داخلا ٿي ويس، راحتون ته کانئس هونئن ئي رٺل هيون پر پڙهائيءَ ۾ جو ريجهي ته روح جو رڙڻ جهڪو ٿيو.
مِس خديجه جي ڏنل حوصلي، پنهنجي محنت ۽ چاچن جي شاباس تي محنت ڪري مئٽرڪ ۾ فرسٽ ڪلاس کنيائين، وڍيل وجود کي سنڀاليندي علمي ڪاميابيءَ کيس اندر ۾ اٽل ڪيو، ان ريت بي اي ڪري اسڪول ۾ استاد ٿي لڳي، هاڻي مسئلن کي منهن ڏيڻ لاءِ همٿ اچي وئي هيس، مامن ماڻس وٽ گهڻيئي مُرليون وڄايون دڙڪا دهمان ڏنا پر هن دفعي سڀني جي چوندي به بينا وٽن وڃڻ کان نابري ٿي بيٺي، سختيون ۽ صدما سهندي سهندي سکن ڪاڻ وڙهڻ جو ساهس ساري ورتو هئائين، ماءُ کي چيائين، ”مون کي تنهنجي دُعا ٿي گهرجي، باقي ٻيهر انهيءَ دوزخ ۾ نه وينديس، مامن ڪا به پوئواري ڪونه ڪئي کين پنهنجو پٽ پيارو هو مون کي ته ٽاڪ منجهند جي ٽانڊن واريءَ اُس ۾ اڪيلو ڪيائون“
ٻه سال لنگهي ويا هڪ ڏينهن چاچا کيس اسڪول مان وٺڻ آيا ته ڳوٺ هلڻو آهي، گل محمد جو ايڪسيڊنٽ ٿيو آهي، گهر پهچي تڏو وڇيل ڏسي سمجهي وئي. ماءُ سان ملندي وٽانس اوڇنگار به نه نڪتي بس پنهنجي آجپي تي ٻه لڙڪ ڪري پوتيءَ ۾ جذب ٿي ويس.
***