بلاگ

طبقاتي سوچ جا محور ۽ سماجي غلامي‎

انساني سماج گهڻين ئي شين تي محيط هجي ٿو، اسان وٽ اوائلي نظام ٺهن ۽ ڊهن ٿا، جديد نظام سامهون ٿا اچن، معنيٰ اصول ۽ ضابطا هر روز ٻيا ٻيا جڙندا ۽ پيدا ٿيندا ٿا رهن، جيئن دنيا جي ماڻهن “مين ميڊ رولز” تحت رهڻ سکي ورتو آهي. مثال طور: هر ملڪ ۾ تعليمي ادارن جا ضابطا، عسڪري ادارن جا قانون، پوليس جي قلمن جا دائرا، ٽريفڪ جا قانون، اسيمبلين جا دستور ۽ هر اداري ۽ آفيس جا پنهنجا پنهنجا قانون، قائدا ۽ ضابطا هوندا آهن، جيڪي ٺهندا ۽ ڊهندا رهن ٿا. ڪنهن ملڪ ۾ ڦاهي تي پابندي آهي ته ڪنهن ملڪ ۾ سر عام ماڻهن جي مُنڍي لاٿي وڃي ٿي. ڪنهن ملڪ ۾ هٿيارن تي پابندي آهي، ڪنهن ملڪ ۾ ماڻهو ماڻهوءَ تي هٿ به نٿو کڻي سگهي. ڪنهن ملڪ ۾ نظام فرسوده آهن ته ڪٿي اڃان تائين بادشاهت آهي، ڪٿي جا ماڻهو پنهنجن پنهنجن ٻولين ۾ وڏا پڙهيل لکيل آهن ته ڪٿي وڏا انجنيئر ۽ ڊاڪٽر آهن، ڪٿي ماڻهو ووٽ وٺي حاڪميت ٿو ڪري، ڪٿي رياست ۾ شهنشاهيت ڊهي نٿي، ڪٿي جا اصول ڪجھ آهن ته ڪٿي جا ڪجھ، انهن کي چئلينج نٿو ڪري سگهجي يا انهن کي نندي نٿو سگهجي.

ماڻهن جي رهڻ ڪهڻ جا اصول ۽ ضابطا الڳ الڳ آهن، انهن جا ڪلچر به جدا جدا آهن، اهي پنهنجي پنهنجي طور طريقي سان رهن ڪهن ٿا، ماڻهن ۾ اهو به آهي ، پر اهڙا پارڪ ضرور آهن جتي اهي اهڙا طريقي سان گهمي ڦري سگهن ٿا، يا انجواءِ ڪري سگهن ٿا، پوءِ اهي سڀ طور طريقا، رنگ ڍنگ، نمونا نرالپڻ انساني غلامي جي ڪهڙي ذمري ۾ ٿا اچن؟ ڇا اهي ماڻهو سماجي غلام آهن، اهي ماڻهو رياستي غلام آهن، اهي ماڻهو سامراجي غلام آهن، اهي ماڻهو معاشي غلام آهن، يا آخر ڇا؟ بس اهي ماڻهو پنهنجي پنهنجي ليڪيل محور ۾ ڀرپور زندگي ٿا گذارين، انهن جا پنهنجا اصول، ضابطا، قائدا ۽ قانون آهن، پوءِ انهن کي ڪهڙي به طرح ڪنهن به طرح غلامي جي ذمري ۾ آڻي نٿو سگهجي. ڇو اسان وٽ ۽ سڄي دنيا ۾ ماڻهن کي زندگي گذارڻ جا پنهنجا پنهنجا نمونا ۽ طريقا آهن، انهن کي نندي يا گهٽ وڌ نه ٿو چئي سگهجي. آمريڪي ۽ يورپي سماج ۾ اسان جا ماڻهو ورڪنگ ڪلاس آهن، هتان وڃي اتي ڪم ڪاريون ڪن ٿا، اتي زندگي گذارين ٿا، اهي اتي نوڪريون ڪن ٿا، اهي سروسز ڏين وٺن ٿا، اهي اتي هڪ سرڪل ۾ اهي سڀ ڪاروبار ۽ وڻج واپار ڪن ٿا، پوءِ اهي جي سروسز ڏين وٺن ٿا ته اهي غلامي ٿي ويا؟ يا جيڪي ملڪ پاڻ ۾ ائين ئي ڪاروبارن ۽ ڪمن جي مٽاسٽا ڪندا ٿا رهن ته اهي هڪ ٻئي جي غلامي ۾ ٿا هجن؟

غلامي ۽ جبلتون انسان جا فطري جز ۽ ڪُلَ چئجن، انسان ۾ ڪلاس ڪنورجن شروع کان ٿيندي ٿي رهي، انسان جي خدمتن ڪرڻ ۽ ڏيڻ وٺن جا سلسلا پراڻا ۽ قديمي چئجن، انسان جون طبقاتي سبقتن کي اسان غلام نه ذمري ۾ نٿا آڻي سگهون، هتي هڪ مثال ٿا وٺون ته اسان قبل مسيح ۾ سڪندر اعظم جي دور ۾ حملي جي زد ۾ آياسين، وري هلي هلي يوناني تهذيبن ۾ هندو راجائن جا راڄ رهيا، هلي هلي وري اسلامي دور ۾ آياسين، اسان وٽ سَما، سُومرا، ڪلهوڙا، ارغون، تيخان، ٽالپر، انگريز ۽ هاڻي ولائتي يا پنجاب جي بالادستيءَ ۾ آيا آهيون ته ڇا اسان انهن سڀني دورن کي غلامي جا دور چئون؟ نه قطعن نه اهي سڀ حڪومتن جا سيٽ اپ هئا اسان سڌي طرح اهڙن سرڪارين جي اهڙين حڪومتي سيٽ اپ جو حصو رهندا آياسين ۽ هاڻي به آهيون، پر اهي سڀ دور غلاميون ناهن، اسلامي روح مطابق غلامي جو تصور ٻيو آهي، معنيٰ اهڙن ماڻهن کي پڪڙي غنيمت جو مال چوڻ، جيڪو اهي پاڻ سان گڏ کڻي سگهيا يا کڻي آيا، پوءِ اهو يا ته بيت المال جو حصو ڪين يا اهي ٻانڌي عورتون مومن مردن ۾ ورهائي يا انهن کي انعام اڪرام ۾ ڏئي، اهي ڪم سرانجام ڏنن. جيڪي مرد ايمان نه پيا آڻين انهن کان گهرن جون ڪم ڪاريون يا مزدوريون يا ڏکيا ڪم جيڪي ڪرڻ مصيبت هئا، هنن ورتا يا اهي ان کانپوءِ آزاد ڪيا ويا. ان صورت ته اهي ايمان آڻي ويا ته اهي کڻي غلامي جي ذمري ۾ اچن پيا يا آڻي سگهجن ٿا، پر هاڻي جي پيش منظر ۾ اهي ماڻهو جيڪي مزدوري مڙهي جو ڪم ٿا ڪن اهي غلام ناهن يا جي ڪنهن وٽ اهڙو ڪم ڪن به ٿا ته اهي غلامي جي ذمري ۾ ناهن، ڇو ته مزدور دنيا مان ختم ته نٿو ڪري سگهجي يا دنيا مان ڪم ختم ٿي ويندا يا مزدوري جا ڪم هاڻي نه ٿيندا يا جي ٿيندا ته اهي غلامي جي دائري ۾ ايندا؟ اهڙو سوال ٿارڻ به غلط آهي؟ آزادي کان اڳ غلامي نه هئي، پر اسان انگريز سرڪار جي سيٽ اپ جو حصو هئاسين جيئن هاڻي ڀلا ڪنهن نه ڪنهن طرح ڪنهن به سسٽم جو حصو آهيون يا رهنداسين.

معاشرتي غلامي ڪڏهن ختم ڪانه ٿيندي، جنهن کي غلامي ٿو چئجي سا سروسز آهي، هر ماڻهو ٻئي ملڪ يا ماڻهن جي لاءِ ڪا نه ڪا شيءِ ٺاهي جوڙي ٿو، هڪڙو استاد آهي، جيڪو ٻار ٿو پڙهائي ته اهو ڪنهن جو غلام ناهي، يا ان جي لاءِ ڪو بينڪنگ ٿو ڪري ته اهو ڪو ان استاد جو غلام ناهي يا گهرن ۾ جيڪي به سروسز وٺون ٿا، مثال طور: بجلي جي نظام هلائڻ ۾ جيڪي به ڪم ڪاريون ٿين ٿيون يا ڪي ٻئي گاڏين جا مڪينڪ ٿين ٿا يا ڪو اسان کي هوٽل تي چانھ ٺاهي پياري يا هوٽل جو بيرو يا ڪي اهڙا ڪم جيڪي اسان سفري سهولتن ۾ ڪم آڻيون ٿا انهن کي غلامي ڪيئن چئون. اسان جي ملڪ جو صدر به ڪنهن نه ڪنهن کي رپورٽ ٿو ڪري، اسان جو ملڪ جا وزير به ڪنهن سسٽم جي واري ۾ ٿا اچن، معنيٰ جيڪي به ڪم ڪاريون آهن، انهن جو ڪنهن به طرح غلامي جي ذمري ۾ فٽ ناهن، اهي اهڙيون سروسز آهن جيڪي اسان وٺون ۽ ڏيون ٿا. اسان ڪل ٻئي جي لاءِ ڪم ڪاريون ڪيون ٿا انهن جو اسان کي عيوض ملي ٿو، معنيٰ ڪي ڏهاڙي دار آهن ڪي مهيني جي پگهار ٿا کڻن ڪي ٺيڪيدار آهن ۽ اهو به آهي ته دنيا جي صنعتن جي ترقي ڪرڻ جي ڪري سروسز سيڪٽر به ترقي ڪئي آهي، الائي ڪهڙيون ڪهڙيون هوائي روزيون ڪري سگهجن ٿيون، جيڪي اڳي نه هيون هاڻي آهن. هڪ صدي پهرين ڪمپيوٽر جا دڪان نه هئا انهن جا سامان نه هئا يا موبائيلون نه هيون هاڻي اهي وڏي مقدار ۾ آهن پوءِ جيڪي به ڪم ڪاريون اهڙي طريقي ايجاد ٿين ٿيون، اهي غلامي جي ذمري ۾ اچن ٿيون. آمريڪا جهاز ٺاهي کپائي، آمريڪا هٿيارن جو وڏو ايڪسپورٽر آهي، جرمني گاڏين ٺاهڻ ۾ ماهر آهن، دنيا جون وڏيون وڏيون گاڏيون جرمني ٿو ٺاهي، جيڪي ڪروڙين رپين جون آهن، پوءِ اهي جرمني وارا غلام ٿيا؟ جو هو اسان کي گاڏيون ٺاهي ٿا ڏين. غلامي معاشي ناهي يا معاش ڪمائڻ غلامي ناهي، جيڪي به معاشي ذريعا آهن، پوءِ اهي ڪهڙي به ملڪ ۾ هجن اهي غلامي جي ذمري ۾ نٿا اچن، طبقاتي غلاميءَ جا تصور پراڻا آهن، معنيٰ جڏهن انسان پٿر جو دور هو، جڏهن انسان هڪٻئي کان گوءِ کڻڻ جي چڪر ۾ هو، جڏهن انهن جي دماغ ۾ اهو هو ته اهي جنگيون ڪري، انهن جي ماڻهن کي ٻڌي گهلي هڪ شهر ملڪ کان کڻي ٻئي ملڪ ۾ ڇڏيندا هئا، اهي انهن کان انهن جا مذهب ڇڏائيندا هئا، اهي پنهنجي خدائن کي ڇڏي وڃي انهن جي سچن ڪوڙن خدائن کي مڃيندا ته پوءِ تيستائين انهن کي نه ڇڏيندا جيستائين اهي انهن جي خدائن کي نه مڃيندا. انهن جي ملڪن تي حملا ڪري انهن جون عورتن ٻڌي کڻي ويندا هئا، انهن کي پنهنجي ملڪ ۾ وڃي مال غنيمت سمجهي ورهائيندا هئا، پوءِ اهي تيستائين غلام رهندا جيستائين سچا ڪوڙا ايمان نه آڻيندا. هاڻي جي صورتحال ٻي آهي، هاڻي جي مذهبن تي ائين هلان نٿو ڪري سگهجي، جين مت وارا معاشي حوالي سان خوش آهن، ٻڌ مت پنهنجي مستي ۾ آهن، يهودي ۽ عيسائين جي پنهنجي ملڪيت ۽ مرضي آهي، مسلمان پنهنجن ملڪن ۾ خوش ۽ خرم آهن پوءِ غلامي جي تصورن اسان گهڻو پوئتي ڇڏي آيا آهيون جن جا پيرا صديون پراڻا آهن.

سماجي غلامي جا تصور به اوائلي آهن، هر ماڻهو ٻئي ماڻهو تي حڪمراني ڪندو ٿو اچي، مثال طور: سرمائيدار ختم ٿي ويندا؟ ماڻهو فيڪٽريون، ڪمپنيون ۽ ادارا ختم ڪندا يا جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪنهن وٽ اهڙي طريقي نوڪري ڪندو ته اهو غلام چورائبو؟ يا جيڪي به انتظامي سطحون يا ”لييرز“ ٿين ٿا اهي سڀ غلامي جي دائري ۾ آهن، آمريڪي صدر به ڪانگريس جي حڪم جي دائري ۾ آهي پوءِ اهو غلام ٿيو؟ يا جيڪي ملڪ هڪٻئي جي پروڊڪٽس تي ڀاڙين ٿا، اهي انهن جي معاشي غلام ٿي ويا، اهي جيڪي ادارا هڪ ٻئي کانسوا نٿا هلي سگهن اهي غلام ٿي ويا؟ جيڪي ملڪ تيل ٿا پيدا ڪن، اهي ٻين ملڪن کان مرسڊيز گاڏيون ٿا خريد ڪن، جيڪي ملڪ چانور پيدا ٿا ڪن، اهي ٻين ملڪن کان اليڪٽرانڪس جون شيون ٿا وٺن، پوءِ اهي غلام ٿي ويا؟ ڳالھ اها به آهي ته ملڪن جي تعليمي ريشي، ٽيڪنالوجي جي اڳڀرائي، افرادي قوت، تخليقي صلاحيتون ئي انهن جي جيئڻ جا سامان آهن، باقي ڪير ڪنهن جو غلام ناهي نه ڪير جي نوڪري ٿو ڏئي، پر سيٽ اپ جو حصو ضرور آهيون جيڪي سلسلا هلندا رهندا.