بلاگنئون

اچو ته پاڻ لاءِ سوچون

مولا ڪائنات امام علي عليه السلام فرمايو ته انسان پنهنجي زبان هيٺان لڪل ويٺل آهي، جڏهن اهو ڳالهائيندو آهي ته خبر پوندي آهي ته انسان هيري جو ٺهيل آهي يا سون جو ٺهيل آهي، چاندي جو ٺهيل آهي يا وري خام مال جي پيداوار آهي. هڪ ٻي جاءِ تي فرمايائون علم دولت کان بهتر آهي، ڇو ته علم تنهنجي حفاظت ڪري ٿو، جڏهن ته دولت جي حفاظت توکي ڪرڻي پوي ٿي. جنهن تي احسان ڪريو، ان جي شر کان بچو. سڀ کان وڏو گناھ اهو آهي جيڪو توکي ننڍو لڳي. ٻين لاءِ اهوئي پسند ڪريو جيڪو پنهنجي لاءِ پسند ڪريو ٿا، جيڪو شخص پنهنجي غلطي کي قبول ڪري ٿو، اهو ڪامياب ٿئي ٿو. صبر جو دامن ڪڏهن به نه ڇڏيو، ڇو ته صبر ۾ بهتري آهي. دنيا جي محبت هر برائي جي جڙ آهي. سچ ڳالهائڻ سان دل مضبوط ٿئي ٿي ۽ ڪوڙ سان دل ڪمزور ٿئي ٿي. هر انسان جي قيمت ان جي سمجهه مطابق آهي.

مطلب ته مولا حضرت علي عليه السلام جا اهي قول زندگي ۾ رهنمائي جو ذريعو آهن ۽ انسان کي بهترين اخلاق ۽ اصولن ڏانهن راغب ڪن ٿا. قرآن شريف ۾ آهي ته وَذَا قُلْتُمْ فَاعْدِلُوا“ يعني جڏهن ڳالهايو ته انصاف جي ڳالهه ڪريو! ان جو مطلب اهو آهي ته هڪ گهر مان چور چوري ڪري ويو. واردات ٿيڻ کان پوءِ گهر جا ڀاتي پاڻ ۾ ويهي هڪ ٻئي تي حفاظتي بندوبست ۾ سستي جو الزام هڻڻ لڳا. گهر ڀاتين مان هڪ پنهنجي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ٻين کي چيو “جڏهن اوهان پنهنجي سامان جو خيال نه ڪندا ته پوءِ چور چوري ڇو نه ڪندو!؟ تنهنڪري اوهان پاڻ پنهنجي سامان جي چوريءَ جا ذميدار آهيو!” پر اهو ڪاوڙيل گهر ڀاتي گهر مان نڪري جڏهن پنهنجي چوري ٿيل سامان جو ڪيس لڙڻ جي لاءِ پوليس يا عدالت ۽ پنچائت وغيره وٽ ويو ته اتي ان مسئلي جو ٻيو پاسو کنيائين ۽ هاڻي گهر ڀاتين جي خلاف شڪايت ڪرڻ جي بجاءِ چور جي خلاف شڪايت ڪرڻ لڳو.

هاڻي سوال اهو آهي ته هو جڏهن گهر ۾ پنهنجي ماڻهن کي چوريءَ جو ذميدار سمجهي ٿو ته پوءِ چور جي خلاف ڇو ٿو دانهن ڪري!؟ ان جو جواب اهو آهي ته برابر گهر ڀاتين جو قصور آهي، پر قانون ۽ اخلاق جي نظر ۾ گهر ڀاتين جي ان قصور سان چور کي اهو حق ڪڏهن به نٿو پهچي ته هو ٻئي جي گهر ۾ ناحق گهڙي پئي ۽ موقعي جو فائدو وٺي ان جو سامان چورائي وڃي!

هاڻي ان اصول تي هڪ سياسي مسئلو سمجهون ٿا ته سنڌ اسان جو گهر آهي ان جي حفاظت ڪرڻ ۾ اسان گهر ڀاتين کان هزارين ڪوتاهيون ٿيون آهن. اسان ۾ محنت جي بجاءِ سستي آهي. علم ۽ هنر جي بجاءِ جهالت آهي. اتحاد جي بجاءِ اختلاف آهي. اسين ڪانئر ۽ ٽوٽي ۽ نڪما آهيون. بي دين ۽ بد اخلاق آهيون وغيره۔ دنيا جهان جون سڀ ڪمزوريون اسان ۾ آهن. اسان پنهنجي سنڌ پاڻ پنهنجي هٿن سان ٻين جي حوالي ڪئي آهي، پر ڇا اهو اسان جو چوري جي واردات وانگر اندروني بحث ۽  مباحثو هجڻ گهرجي يا ان بنياد تي اسين سياسي ڊائلاگ ۽ قانوني ادارن جي فورم تي ڌارين کي اهو حق ڏيون ته هو اسان جا سياسي ۽ معاشي حق ڦٻائي وڃن!؟

آئون اها ڳالهه ان ڪري چوان ٿو جو اسان جي قوم جا ڪيترائي ساده لوح شريف ماڻهو ان غلط فهمي جو شڪار اهن. انهن کي ايئن چوندي ٻڌو آهي ته “سنڌين ۾ ڪو لڇڻ ئي ناهي تنهنڪري قومي حقن جي جدوجهد جي ڳالهه ڪرڻ اجائي ۽ فضول آهي خوامخواهه جو تعصب آهي” پر انهن کي سوچڻ گهرجي ته گهر ڀاتين جي سستيءَ سبب چور جي وارادت ڪرڻ کي حق بجانب قرار ڏئي نٿو سگهجي!

 اسان سنڌ ڌرتيءَ جا وارث آهيون اسان سنڌ جي اصل وارثن کي ڌرتيءَ تان ڌڪي ڌار ڪرڻ جون سازشون عروج تي آهن. اسان جي تاريخي ماڳن کي ميسارڻ جا پاڻ ۾ وچن ۽ وعدا ورتا پيا وڃن ۽ اسان اکيون ڦوٽاري کين رڳو ڏسي رهيا آهيون. اسانجي معدني وسيلن جا والي وارث ڪي ٻيا آهن. تازو سوشل ميڊيا ذريعي خبر پئي ته سنڌ جو سون ڪوئلو سر عام ٽرين وسيلي سنڌ جون سرحدون پار ڪيو پيو وڃي اسان جي حڪمراني ڪهڙي ڌنڌي ۽ حد ۾ آهي؟ ڇا اسان ڌاريا آهيون؟ ڇا اسان ڀٽڪندڙ نسل آهيون؟ ڇا اسان خانا بدوش آهيون؟ ڇا اسان اڻ سڌريل آهيون؟ تاريخ جا ورق اٿلائي ڏسو اسان ازل کان آهيون۔ اسان جي سنڌ مان ٻين جنم ورتو آهي اسان اصل وارث ۽ پرامن آهيون؟ ڌرتيءَ خاطر اسان هوشو، هيمون جهڙا جوڌا جوان بڻيا آهيون. اسان پنهنجن وسيلن جا وارث آهيون پوءِ پنهنجي ديس ڌرتي ۽ گهر لاءِ پاڻ ڇو نه وڙهنداسين. اسان جي پنهنجي ٻولي ثقافت ۽ تهذيب آهي. اسان جا پنهنجا گھٽ، گھيڙ ۽ پتڻ آهن. اسان جو پنهنجو محبوب دادلو درياءَ آهي، اسان جي مزاج، طبيعت ۽ ڪيفيت کي سمجهڻو اٿئي ته اسانجي ٻوليءِ ۾ اسان سان ڳالهائي. اسان جو پنهنجو لاڙ، اُتر، ڪاڇو، وچولو آهي، اسان وٽ پنهنجا فصل ڪڻڪ، ڪپهه ساريون ٻاجهري جام ٿين ٿيون، اسان جون اوطاقون صدين کان پيار ۽ محبت جون علامتون آهن، اسان جي ماروئڙن جا ڪکانوان گهر تنهنجي محل ماڙين کان گهٽ ڪونهن۔ اسان وٽ قلم، ڪتاب، لائبريريون آهن. تون اسان جي فڪر ۽ فلسفي کان ڊنل آهين تون اسان جي علمي ۽ ادبي ماحول کان خوفزده آهين تڏهن ڪتابي ميلن کان خوف ٿو کائين۔ تون اسان جي پورهيتن جي پگهر جي پورهئي کان ڊنل آهين۔ اسان انقلابي قوم آهيون اسان غلاميءَ کي گار سمجهندا آهيون اسان سامراج سان اٽڪڻ وارا انسان آهيون، اسان جي ملير جي مارئي، عمر بادشاهه جي قيد ۾ رهي به آڻ نٿي مڃي۔ اسانجي سسئي پنهنجي ور لاءِ ڏونگر ڏورڻ کان نٿي لنوائي۔ اسانجي سهڻي ڪارين راتين سان مهاڏو اٽڪائي ميهار سان ملڻ لاءِ درياءَ پار ٿي ڪري اسان وٽ نوريءَ جي نماڻائيءَ سبب پٽ راڻي بڻجي وقت بي بادشاهه کي به سندس غلام ڪري ٿي ڇڏي۔ اسان جي مومل راڻي سان جيڪا راند کيڏي ٿي سا به ڪا گهٽ ڪانهي۔ مطلب ته اسان سڀ ڪجهه آهيون پر پنهنجو پاڻ کي نٿا سڃاڻون ۽ صدين کان ظلم ۽ زيادتيون سهندا پيا اچون۔ آخر ڇو؟ اچو پنهنجي پاڻ لاءِ سوچي پنهنجي انگن ۽ ننگن جي حفاظت ڪريون سستي ۽ ڪاهلي ڇڏي چستي ۽ چالاڪيءَ سان اڳتي وڌي دشمن تي غلبو حاصل ڪريون.