سيڪيورٽي ڪمپنيءَ جو ڊرائيور سوا 6 ڪروڙ ڪيش کڻي وين سوڌو فرار

ڪراچي جي علائقي ڪورنگي انڊسٽريل ايريا ۾ نجي سيڪيورٽي ڪمپني جو ڊرائيور وين مان 6 ڪروڙ 35 لک رپين جي رقم ڪار ۾ منتقل ڪري فرار ٿي ويو. پوليس مطابق واقعو گذريل ڏينهن ڪورنگي صنعتي علائقي ۾ پيش آيو. جنهن وقت واقعو پيش آيو ان وقت ڪيش وين ۾ موجود ٻيا سيڪيورٽي گارڊ نجي بينڪ مان رقم کڻڻ لاءِ اندر ويل هئا. پوليس ڪيش وين قبضي ۾ وٺي فارنزڪ ماهرن کان ملزمن جا فنگر پرنٽ حاصل ڪيا آهن ۽ ڪيش وين کي تحويل ۾ وٺي مقدمو درج ڪري ڇڏيو آهي. ملزم وين ڊرائيور کي 3 مهينا پهرين نوڪريءَ مان ڪڍيو ويو هو ۽ ڪجهه ڏينهن پهرين ئي ٻيهر ملازمت تي بحال ڪيو ويو هو. واقعي جي سي سي ٽي وي به ملي وئي آهي.

0 0 votes
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments