بلاگنئون سنڌيءَ جو بادشاهه ڪهاڻيڪار July 15, 2024 Zahida Abro نسيم کرل جو نالو سنڌي ڪهاڻيءَ جي ميدان ۾ چوٽيءَ جي ڪهاڻيڪارن ۾ ياد ڪيو وڃي ٿو. هن سنڌي ادب کي اوڻيتاليهن سالن جي عمر ۾ اوڻيتاليهه ڪهاڻيون لکي ڏنيون، پر انهن اوڻيتاليهن ئي ڪهاڻين لاءِ چئي سگهجي ٿو ته اهي سنڌيءَ جون سرموڙ ۽ لاجواب ڪهاڻيون آهن، جن هن کي هڪ وڏي ڪهاڻيڪار جي حيثيت ڏياري ۽ جڏهن به سنڌي ڪهاڻيءَ جي ڳالهه ٿيندي ته نسيم کرل جو نالو پهرين صف جي ڪهاڻيڪارن ۾ لکيو ويندو. 29 جون 1939ع تي خيرپور رياست ۾ پيدا ٿيل نسيم کرل 14 جولاءِ 1987ع تي صرف 39 سالن جي ڄمار ۾ ذاتي دشمنيءَ ۾ شهيد ڪيو ويو. سندس موت سنڌي ڪهاڻي ۽ ادب لاءِ هڪڙو وڏو سانحو ثابت ٿيو. نسيم کرل جون ڪهاڻيون پڙهڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته سندس ڪهاڻين جي ڪردارن ۾ سرڪاري آفيسرن، وڏيرن، ڪمدارن، هارين، چورن ڪاٽڪن ۽ اوڏن وغيره جي نفسيات، رهڻي ڪهڻي ۽ ٻوليءَ جو هن تمام ويجهي کان مشاهدو ڪيو هو. ان سان گڏ ڪهاڻين ۾ هن جا ڇپجندڙ مڪالما ۽ شاندار ڪلائيميڪس هن جي ڪهاڻين کي نه وسرندڙ بڻائي ويا. هن جي ڪهاڻين ۾ واقعا ۽ فني اڻت ايتري ته برجستي هئي جو ڪوبه پڙهندڙ هن جي ڪهاڻيءَ کي سالن تائين وساري نه سگهندو. ڇو ته هن کي سندس ماحول جي مشاهدي تي زبردست دسترس آهي. نسيم کرل جي ڪهاڻين جي اڻت (پلاٽ)، مڪالما، ڪردار، ماحول، انهن جي ٻولي، ڪلائيميڪس، واردات بيان ۽ ڪمال جي مهارت هن جي هر ڪهاڻيءَ کي هڪڙي شاندار ڪهاڻي بڻائي ويا. هو سندس ڪهاڻي “پهرين مراد” ۾ ڪاٽڪن ۽ چورن جي ٻوليءَ ۾ ڳالهائي ٿو ته ڪهاڻي “مجاور” ۾ آفيسرن جي ٻولي ڳالهائي ٿو، ڪهاڻي “چوٽيهون در” ۾ پوليس جي نفسيات ۽ ٻوليءَ ۾ ڳالهائي ٿو. “پهرين مراد” ۾ ڪچي جي ڪاٽڪن جي ٻولي ڳالهائي ٿو. “عنايت ڏانداريءَ سان چڪون لٽيندي پنهنجي پٽ ماڻڪ کي چوڻ لڳو، توکي ته ٽيون سال پاڪي کنئي ٿيو آهي، مان ته اڃان پاڪي به پوري نه کنئي هئي جو راوي چنا جون مينهون هتي لوڙهي آڻيندو هئس. اسان جي پڙ تان سدائين ويهه پنجويهه آلوڙيون ۽ ويهه پنجويهه ڍڪيون مڙنديون هيون مينهون به ذاتيون، سچن لاءِ هيانءُ جو ٺار ته دشمن تي داغ!” هو ڪهاڻي “مڪسڊ گرل” ۾ لکي ٿو ته لڳي ٿو ڪنهن هاءِ فاءِ فيملي جا ماڻهو ڪنهن فائيو اسٽار هوٽل ۾ بوٽ ڪلب ۾ ويهي ڳالهائي رهيا آهن: ٿڌڙي ٿڌڙي هير پئي گهلي، اسين ٻئي ڄڻا هوٽل جي بالڪنيءَ ۾ ويٺا پي رهيا هئاسون هيٺ ڊاڪا گراس جي وڏي لان ۾ ٺهيل سوئمنگ پول ۾ ڀوريون ڀوريون جوانڙيون ائين پئي تريون جيئن ڪي جل پريون! ٿورو پرتي ڪمپائونڊ وال جي چوڌاري پام جي وڻن جا پاڇا گهرا ٿي ويا هئا ۽ ڪارن ديون جيان پئي ڏيک ڏنائون. مان اڃان ٽيون جام پئي سپ ڪيو ته هن پنج پورا ڪري ڇهون پئي اوتيو سِپ ڪيو ۽ هر ڍڪ چکڻ سان هيٺ ترندڙ جل پرين کي تڪيندي مرحبا مرحبا جا پئي نعرا هنيائين، هو ٽئين جام پيئڻ سان ئي وٺجي ويو ۽ مون کي چيائين، آءُ ته ڪاڪ ٽيل پيون. وري سندس ڪهاڻي “ڪافر” ۾ هن سيتل اوڏ ۽ سندس زال کي مسلمان ڪرڻ واري ڏينهن جڏهن سيتل ۽ سندس گهر واريءَ کي مسجد ۾ گهرائي مولوي صاحب بلند آواز ۾ سيتل کان پڇيو: بابا، تون ۽ مائي تِلي دين محمدي قبول ڪرڻ گهرو ٿا؟ “ها مولوي صاحب” “پنهنجي رضا خوشيءَ سان يا زور زبردستيءَ سان؟” “پنهنجي رجا سان سائين” نسيم کرل جي ڪهاڻين جا سڀ موضوع الڳ الڳ ۽ اڇوتا، ڪابه ڪهاڻي ٻي ڪهاڻيءَ کي رپيٽ نٿي ڪري ان ڪري بلا شڪ هو سنڌيءَ جو نه رڳو سرموڙ ڪهاڻيڪار آهي بلڪه هن جي نالي کانسواءِ سنڌي ڪهاڻيءَ جو ذڪر اڻپورو ٿيندو. نسيم جڏهن ڪهاڻيون لکڻ شروع ڪيون ته ان وقت سنڌي ڪهاڻيءَ جي ميدان تي جمال ابڙو، غلام رباني آگرو، آغا سليم، امر جليل، غلام نبي مغل ۽ طارق اشرف جهڙا ڪهاڻيڪار براجمان هئا، پر جڏهن نسيم کرل ڪهاڻيون لکڻ شروع ڪيون ته هو به سنڌيءَ جي چوٽيءَ جي ڪهاڻيڪارن ۾ شامل ٿي ويو. سندس ڪهاڻين جي پختگي ۽ پڪائي سندس گهري مشاهدي، تجربي ۽ مطالعي جي سببان هئي، جنهنڪري سندس ڪهاڻين ۾ ڪٿي به فني گهٽتائي محسوس نٿي ٿئي. هو سندس ڪهاڻين جا موضوع ۽ سندس ئي زندگيءَ جي تجربن مان کڻي ٿو. هن جي ڪهاڻين جا پلاٽ ۽ موضوع سندس چوڌاري پکڙيل ماحول تي سندس زبردست گرفت جي عڪاسي ڪن ٿا. هن وٽ جيڪا ڏات ۽ ڏانوَ آهن تن سندس ڪهاڻين کي بين الاقوامي ادب جي صف ۾ بيهاري ڇڏيو آهي. هن جي ڪابه ڪهاڻي وقت جي لٽ ۾ لٽجڻ واري ناهي. ڇو ته هن جون ڪهاڻيون نعري باز ادب جي ذمري ۾ نٿيون اچن. نسيم کرل جون ڪهاڻيون سماج جي مٿئين طبقي جي مسئلن جي ترجماني ڪرڻ سان گڏ وچولي ڪلاس جي مسئلن تي پڻ لکيل آهن ۽ سندس پنهنجن ئي لفظن تي پوريون ٿيون اچن ته اهڙو ادب تخليق ڪجي جنهن کي دائمي قدر هجن. سٺو اديب اهو آهي جيڪو ڪنهن مقصد لاءِ سماج جي سڌاري لاءِ لکي ۽ انسان ذات جي ڀلائيءَ لاءِ لکي، جيئن وقت گذرڻ سان ماڻهو کيس ياد رکن. Post Views: 208