2023 جي بارشن ۾ ملڪ جو ٽيون حصو خاص طور تي سنڌ ۽ بلوچستان پاڻي هيٺ رهيو، 33 ملين کان وڌيڪ ماڻهو بي گهر ٿيا، ان سان گڏوگڏ سندن گهر گهاٽ ڊهي پٽ پئجي ويا، روڊ، ريلوي ٽريڪ، پُليون تباھ ٿي ويون، سندن بيٺل فصل، چوپايا مال ٻڏي ويا ۽ سندن معيشتون تباھ ٿي ويون، جيڪي اڃان تائين سڌيون ناهن. ان ڪري ته ماڻهن جا رڳو فصل نه ٻڏا، پر انهن جي اميد به ٻڏي وئي جنهن جي ڪري انهن جو معاشي آسرو لڙهي ويو، جنهن جو تدارڪ نه ٿيو. ان ڪري جو انهن فصلن جي انشورنس ناهي ٿيل هوندي جو نقصان جي بدلي انهن کي نقصان جو ازالو ملي سگهي يا سندن جيڪي گهر ٻار، مال متاع ۽ ملڪيتون تباھ ٿي ويون جنهن سبب انهن ماڻهن جا معاشي آسرا ختم ٿي ويا اهي موٽي ملي سگهن. ان ڪري اهو ناممڪن آهي ته حڪومت پاران موجوده مالي سال لاءِ مقرر ڪيل معاشي هدف پورا ڪري سگهجن. اها به حيرت جي ڳالھ ناهي ته گذريل سال حڪومت پنهنجي بجيٽ ۽ معاشي ترقي جو هدف 5 سيڪڙو گهٽائي صرف 2 سيڪڙو ڪري ڇڏيو هو، پر موسمياتي آفتن ملڪ کي هڪ اهڙي وقت متاثر ڪيو هو جڏهن معيشت اڳ ۾ ئي ٽٽل حالت ۾ هئي، جڏهن حڪومت بدترين معاشي توازن جي بحرانن، قرضن جي انبارن ۽ وڌندڙ مهانگائي سان ويڙھ لايو ويٺي هئي. گھڻن کي اهو يقين ھو ته ترقيءَ جي نظرثاني ٿيل اڳڪٿيون ان تباھيءَ کانپوءِ به پوريون ڪري سگهبيون، جيڪي تباهيءَ جي نتيجي ۾ پيدا ٿيون هيون، جيڪي ملڪ کي ھن سال به تمام گھٽ شرح واري ترقيءَ تي بيهاري ڇڏينديون. هائيپر انفليشن، رپئي جي قدر ۾ انتهائي گھٽتائي ۽ آءِ ايم ايف جي سخت پيڪيج تحت مالياتي سختي اڳ ۾ ئي معاشي ترقي کي متاثر ڪري رهي هئي، پر جڏهن طوفاني مون سون جي برساتن ۽ گليشيئر پگھرجڻ سبب ملڪ جا وڏا حصا ٻڏي ٿا وڃن تڏهن اهو ڏسي حيرت نٿي ٿئي ته تباهي واري ٻوڏ ان معمولي ترقي کي گهٽائي ڇڏيندي، جيڪا اسان حاصل ڪرڻ جي اميد ڪري رهيا هئاسين، پر بدقسمت ۽ اٻوجھ قوم کي اهڙيون ٻوڏون وري کين تباهيءَ جي ڪناري ڏانهن ڌڪي ڇڏين ٿيون جن جو ازالو مشڪل ٿي ٿو پئي.