بلاگنئون

ٻوڏ جي صورتحال مان صوبا نڪتا ئي ناهن

2023 جي بارشن ۾ ملڪ جو ٽيون حصو خاص طور تي سنڌ ۽ بلوچستان پاڻي هيٺ رهيو، 33 ملين کان وڌيڪ ماڻهو بي گهر ٿيا، ان سان گڏوگڏ سندن گهر گهاٽ ڊهي پٽ پئجي ويا، روڊ، ريلوي ٽريڪ، پُليون تباھ ٿي ويون، سندن بيٺل فصل، چوپايا مال ٻڏي ويا ۽ سندن معيشتون تباھ ٿي ويون، جيڪي اڃان تائين سڌيون ناهن. ان ڪري ته ماڻهن جا رڳو فصل نه ٻڏا، پر انهن جي اميد به ٻڏي وئي جنهن جي ڪري انهن جو معاشي آسرو لڙهي ويو، جنهن جو تدارڪ نه ٿيو. ان ڪري جو انهن فصلن جي انشورنس ناهي ٿيل هوندي جو نقصان جي بدلي انهن کي نقصان جو ازالو ملي سگهي يا سندن جيڪي گهر ٻار، مال متاع ۽ ملڪيتون تباھ ٿي ويون جنهن سبب انهن ماڻهن جا معاشي آسرا ختم ٿي ويا اهي موٽي ملي سگهن. ان ڪري اهو ناممڪن آهي ته حڪومت پاران موجوده مالي سال لاءِ مقرر ڪيل معاشي هدف پورا ڪري سگهجن. اها به حيرت جي ڳالھ ناهي ته گذريل سال حڪومت پنهنجي بجيٽ ۽ معاشي ترقي جو هدف 5 سيڪڙو گهٽائي صرف 2 سيڪڙو ڪري ڇڏيو هو، پر موسمياتي آفتن ملڪ کي هڪ اهڙي وقت متاثر ڪيو هو جڏهن معيشت اڳ ۾ ئي ٽٽل حالت ۾ هئي، جڏهن حڪومت بدترين معاشي توازن جي بحرانن، قرضن جي انبارن ۽ وڌندڙ مهانگائي سان ويڙھ لايو ويٺي هئي. گھڻن کي اهو يقين ھو ته ترقيءَ جي نظرثاني ٿيل اڳڪٿيون ان تباھيءَ کانپوءِ به پوريون ڪري سگهبيون، جيڪي تباهيءَ جي نتيجي ۾ پيدا ٿيون هيون، جيڪي ملڪ کي ھن سال به تمام گھٽ شرح واري ترقيءَ تي بيهاري ڇڏينديون. هائيپر انفليشن، رپئي جي قدر ۾ انتهائي گھٽتائي ۽ آءِ ايم ايف جي سخت پيڪيج تحت مالياتي سختي اڳ ۾ ئي معاشي ترقي کي متاثر ڪري رهي هئي، پر جڏهن طوفاني مون سون جي برساتن ۽ گليشيئر پگھرجڻ سبب ملڪ جا وڏا حصا ٻڏي ٿا وڃن تڏهن اهو ڏسي حيرت نٿي ٿئي ته تباهي واري ٻوڏ ان معمولي ترقي کي گهٽائي ڇڏيندي، جيڪا اسان حاصل ڪرڻ جي اميد ڪري رهيا هئاسين، پر بدقسمت ۽ اٻوجھ قوم کي اهڙيون ٻوڏون وري کين تباهيءَ جي ڪناري ڏانهن ڌڪي ڇڏين ٿيون جن جو ازالو مشڪل ٿي ٿو پئي.
معاشي بحاليءَ جو رستو تنگ يا وڌيڪ سوڙهو ٿي سگهي ٿو. ابتدائي ٻوڏ سان لاڳاپيل معاشي نقصان جو اندازو لڳ ڀڳ 30 بلين ڊالر هو. ان ڪري پوئين سال قرضن ۾ رليف جا مطالبا تيزيءَ سان وڌي رهيا هئا ۽ ملڪ ترقي يافتا دنيا ڏانهن نهاري رهيو هو ته اهي وڏي انداز ۾ امداد ڪندا ۽ ان ڪري متاثر ٿيل ماڻهن جي وڏي تعداد کي اڃان تائين امدادي خدمتن ۽ امدادي پئسن جو انتظار آهي ۽ بحاليءَ جو مرحلو اڃان ان رفتار سان شروع ٿيڻو آهي. اها ڳالھ به ڏکائي ٿي ته پاڪستان جهڙو ملڪ رڳو ٻوڏ جي پاڻيءَ ۾ ناهي ٻڏو، پر قرضن ۾ به ٻڏل آهي. ان ڪري گڏيل قومن جي هڪ پاليسي ميمو ۾ تجويز ڏني وئي هئي ته بين الاقوامي قرضن جي واپسي کي معطل ڪرڻ گهرجي ۽ قرض ڏيندڙن سان قرضن جي ٻيهر جوڙجڪ ۽ ڳالھ ٻولھ ڪرڻ گهرجي. ڇو ته گذريل ٻوڏن مالي بحرانن کي وڌائي ڇڏيو هو. ان ڪري قرضدارن کي قرض جي رليف تي غور ڪرڻ گهرجي ۽ پاليسي ساز قرضن جي واپسي تي غير معمولي ڍَرَ ڏين ۽ آيل آفتن جي ڪري وڌيڪ مالي امداد کي ترجيح ڏين.
هن وقت تائين بين الاقوامي رپورٽن رڳو پاڪستان جي ڊفالٽ ٿيڻ جو خدشو ظاهر ڪيو آهي. ڇاڪاڻ ته پاڪستان جا خود مختيار ادارا ۽ انهن جي عيوض ورتل بانڊ هاڻي اڌ قيمت تائين وڃي بچيا آهن، ان ڪري خدشو اهو به آهي ته ملڪ پنهنجي قرضن جي ادائگيءَ جي ڪري مڪمل طور تي ڊفالٽ نه ڪندو. IMF جو فقط اهو اشارو آهي ته هو بيل آئوٽ پروگرام تحت بدليل معاشي صورتحال ۾ شرطن کي آسان ڪرڻ لاءِ تيار آهي ۽ ايندڙ قسط ۾ پاڪستان کي جيڪا رقم ملندي ان ۾ اضافو ڪرڻ لاءِ گهڻيون ڳالهيون مشروط ڪري سگهجن ٿيون. ان ڪري امڪان آهن ته پاڪستان ڪجھ اضافي گهڻ طرفي مالي امداد حاصل ڪندو ۽ اهو موجوده بحران جو حل ناهي، پر اهو وقت اچي ويو آهي ته دنيا پاڪستاني معيشت کي تباھ ٿيڻ کان روڪڻ لاءِ قرضن جي رليف فراهم ڪرڻ لاءِ اڳتي وڌي ۽ پاڪستان جهڙن ملڪن سان ٿيندڙ موسمياتي ناانصافي کي ختم ڪن، جيڪي خوشحال ملڪ آهن اهي ان ڏس ۾ امداد ڪن.
گلوبل وارمنگ ۽ اڃان تائين ان جي بدترين نتيجن کي منهن ڏيڻ لاءِ تنبيھ ڪنديون رهن ٿيون ۽ سوال اهو به آهي ته اسان اهڙي گلوبل وارمنگ جي قيمت بغير ڪنهن قصور جي ڇو ادا ڪري رهيا آهيون. ڇو ته قدرت اسان جي ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ جي نشانن کي ڏسڻ کانسواءِ پاڪستان تي پنهنجو غضب نازل ڪيو آهي، جيڪو نه هجڻ کپي. اهو ائين به آهي ته ”ڪري ڪو ڀري ڪو“ ڇو ته ڪاربان پيدا ڪندڙ ملڪن ۾ پاڪستان جو حصو ناهي ۽ نه ئي اسان جهڙن ملڪن ۾ ڪو صنعتن جا ڄار وڇايل آهن، جيڪي ملڪ ٽنَنَ جا ٽَنَ ڪاربان اڇلائيندا رهن ٿا، انهن جي اهڙن عملن جو اهو نتيجو آهي ته غريب ملڪ عذاب ڀوڳي رهيا آهن. گذريل سالن جي گهڻين برساتن ۽ ٻوڏن سبب پيدا ٿيندڙ مصيبتن دنيا جو ڌيان ڇڪايو آهي. موسمياتي تباهي جي شدت جنهن ملڪ جو هڪ ٽيون تباھ ڪري ڇڏيو هو، جنهن سبب ملڪ جو هڪ وڏو حصو ان وڏين بارشن جي ڪري پاڻي هيٺ رهيو، جيڪو ماضيءَ ۾ ڪنهن به نه ڏٺو هوندو. ڇو ته گذريل سالن واري سيلاب صدين جي موسمي رڪارڊ کي ٽوڙي ڇڏيو هو ۽ ملڪ جو وڏو ڀاڱو پاڻي هيٺ رهيو. ڇو ته پاڪستاني عوام انساني مصيبتن جي سمنڊ ۾ غرق ٿيل آهي. موسمياتي تبديلي جي ان صورتحال ۾ 33 ملين ماڻهو جن ۾ عورتون، پوڙها ۽ ٻار شامل آهن، جيڪي صحت جي بدترين مسئلن سبب وڌيڪ خطري هيٺ رهيا (۽ آهن) گذريل سال 650,000 عورتن عارضي ترپالن ۾ ٻارن کي جنم ڏنو. ان ڪري پاڪستان کانسواءِ ڪنهن به ملڪ ان گلوبل وارمنگ جو اثر يا ان کان وڏو ۽ تباهي وارو مثال ڪڏهن به نه ڏٺو هوندو.
هاڻي ان مصيبتن جي ڪري ملڪي انفرا اسٽرڪچر ۽ روز جا ڪار وهنوار بدلجي ويا آهن. پاڪستان جا ماڻهو پڇن ٿا ته آخر هنن سان ائين ڇو ٿيو يا ٿي رهيو آهي يا اڳتي ٿيندو؟ جڏهن گلوبل وارمنگ سڄي دنيا ۽ سمورن ملڪن کي خوفناڪ رفتار سان ٽڪرائي رهي آهي ته دنيا جا ملڪ يڪمشت ٿي ان مسئلي جو حل ڳولهين، ان ڪري اهو وقت اهو پڇڻ جو ناهي ته اهو سڀ ڪجھ ڇو ٿي رهيو آهي؟ يا ڇا ڪري سگهجي ٿو، پر وقت اچي ويو آهي ته ڇا ڪرڻ گهرجي. ناقابل ترديد ۽ تڪليف ڏيندڙ سچ اهو آهي ته هي آفتون اسان جي ڪنهن به عمل جي ڪري ناهن آيون، مڃون ٿا ته اسان جا گليشيئر ڳري رهيا آهن، اسان جا ٻيلا سڙي رهيا آهن ۽ اسان جي گرمي جي لهر 53 ڊگري سينٽي گريڊ کي پار ڪري چڪي آهي، جنهن اسان کي ڌرتيءَ تي گرم ترين هنڌ بڻائي ڇڏيو آهي. گذريل سال جي ٻوڏ ڪو اڪيلو واقعو نه هو. ڇو ته اسان هڪ خطرناڪ بارشن جي دور مان گذري رهيا آهيون. اهو لفظي طور تي هڪ مينهن ٿي سگهي ٿو، پر اها هڪ مصيبت ٿي ڪڙڪي ٿي. هڪ ڳالھ بلڪل واضح آهي ته جيڪو ڪجھ پاڪستان ۾ ٿيو اهو جيڪڏهن ڪنهن يورپي ملڪ ۾ ٿئي ها ته اهي زبردست اپاءَ به وٺن ها ۽ دنيا کي جاڳائي ڇڏين ها، پر غريب ۽ ٿرڊ ورلڊ ڪنٽريز جو ڪو پُرسانِ حال ناهي، پاڪستان جهڙو هاٽ اسپاٽ ملڪ هاڻي آبهوا جي لحاظ سڀ کان دنيا جو ڏهون خطرناڪ ملڪ بڻجي ويو آهي.
اسان جهڙا ملڪ توڙي جو گرين هائوس گيسز جو هڪ سيڪڙو کان به گهٽ خارج ڪن ٿا. ان ڪري ته نه هن ملڪ کي صنعتي ڄار آهن، نه ئي ٽريفڪ جي زور جي ڪري ڪو دونهين جا ٽن خارج ٿين ٿا، نه ئي ڪاربان خارج ڪرڻ جا ٻيا ذريعا ئي ممڪن آهن. تنهنڪري اهڙن نقصانن جي عيوض پاڪستانين کي دنيا کان انصاف جي اميد رکڻ مڪمل طور تي مناسب ۽ جائز آهي. ڇو ته اهڙين مصيبتن جي ڪري ملڪ اڪيلو رهجي ٿو وڃي، جنهن جي ڪير مالي سهائتا نٿو ڪري، ڪير هن ملڪ جي طبي امداد جي لاءِ اڳتي نٿو وڌي، ڪير به هن ملڪ جي مالي مدد نٿو ڪري ته پوءِ هي ملڪ آخر اهڙن بحرانن کي ڪيئن منهن ڏئي سگهندو، جيڪي اسان پيدا ئي ناهن ڪيا. حقيقت ۾ اسان جا ماڻهو اهو سوال ڪرڻ ۾ جائز آهن ته نقصان اسان ڇو ڀريون، ان ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ جي قيمت اسان ڇو ادا ڪري رهيا آهيون؟ يا جنهن ترقي جي ڪري دنيا جا 20 ملڪ سک ۽ شانتي ۾ آهن جيڪي ملڪ صنعتي پيداوار جي ڪري ڏينهون ڏينهن ترقي ڪري رهيا آهن ته پوءِ انهن جي بدلي اسان جهڙا 20 غريب ملڪ جن ۾ بنگلاديش، ڀارت، پاڪستان، افغانستان ۽ آفريڪا جا ملڪ به اچي وڃن ٿا، جنهن جي ڪري اهي سڀ ملڪ انهن موسمياتي ڏمرن جي ڪري مسلسل خوف ۾ ڇو آهن؟ پوءِ ڪير انهن جو تدارڪ ڪندو، ڇو ته عالمي گرمي پد رڳو انهن غريب ملڪن جي زندگي تباھ ڪري ڇڏي آهي، جيڪي پاڻ ڀرا ناهن ۽ بارشن انهن ملڪن ۾ تباهي آڻي ڇڏي آهي، ان ڪري پاڪستان جي ماڻهن جي دردن کي تڪڙي ترجيح ڏني وڃي جنهن سان معاشي ترقي کي يقيني بڻائڻ ۽ لکين ماڻهن کي بک ۽ بدحالي مان ڪڍڻ به آهي.