نئون

سامراج جون مڪاريون ۽ مذهبن جو سياسي روپ!

اسلام، يهوديت ۽ عيسائيت سان لاڳاپيل سوين بنياد پرست گروهه سڄي دنيا ۾ مذهبي ۽ فرقيواريت جي باھ ڀڙڪائڻ جو ڪم ڪري رهيا آهن. وچ اوڀر، عرب ۽ مسلمان ملڪن ۾ خاص طور تي اها فرقيواريت رت جون نديون وهائڻ واري صورت اختيار ڪندي پئي وڃي. پراڻي پرڳڻي ۾ ISIL موجوده “اسلامي رياست” جي ڪاري اڀار کان وٺي پاڪستان ۽ افغانستان ۾ طالبان جي ختم نه ٿيڻ واري رتوڇاڻ تائين. سامراج جا اهي پيدا ڪيل ڪنٽرول کان ٻاهر جنوني ديو انساني سماج کي بربريت جي انڌي واديءَ ۾ غرق ڪرڻ تي هٺ ڪيو بيٺا آهن. ان بنياد پرستي کي جنم ڏيڻ وارا سامراجي آقا اڄ انسانيت جا ٺيڪيدار بڻيل آهن ۽ ڪارپوريٽ ميڊيا پنهنجو سمورو زور سامراج کي “بنياد پرستي جو دشمن” ثابت ڪرڻ تي لڳائي رهيو آهي.

“تهذيبن جو ٽڪراءُ“(Clash of Civilizations)  فرسوده ۽ انسانيت دشمن نظريو “ويٽنام جا ڪاسائي” ۽ سي آئي اي جي مڪار نظريي دان هٽنگن 1992ع ۾ پنهنجي هڪ ليڪچر ۾ پيش ڪيو هو. 1996ع ۾ موصوف ان موضوع تي هڪ ڪتاب “تهذيبن جو ٽڪراءُ ۽ ورلڊ آرڊر جي نئين سر ترتيب” جي عنوان سان شايع ڪيو. ان ۾ ٿاڦيل نظريي جو دليل اهو آهي ته سرد جنگ کانپوءِ عالمي منظرنامي ۾ جهڳڙن جو بنياد مذهبي سڃاڻپ هوندي. برطانيه جو هر نظريو ڪنهن طبقي يا سماجي گروهه جي مفادن جي نمائندگي ڪري ٿو. سي آئي اي جو اهو نظريو جنهن کي مذهبي ۽ خاص ڪري اسلامي بنياد پرستن آسماني حڪم جيان قبول ڪيو. اصل ۾ محنت ڪش عوام کي ورهائڻ ۽ طبقاتي جدوجهد جي اڀرندڙ ڇولين کي بند ٻڌڻ جي خطرناڪ سازش هئي. مذهبي بنياد پرستي ڪنهن نه ڪنهن شڪل ۾ سدائين موجود رهي آهي، پر سرمائيداري ۽ سامراج پنهنجن مفادن جي تحت شعوري طور تي انهيءَ کي نئون سياسي ڪرادار عطا ڪيو آهي. سرمائيداراڻي طرز پيداوار کان برآمد ٿيڻ وارا سماجي لاڳاپا ۽ ٽين دنيا جي اڳوڻن بيٺڪي ملڪن ۾ انهيءَ نظام جي تحت نهايت ناهموار ترقي، پوئين دورن ۾ اهي معروضي زرخيز حالتون ميسر ڪري ٿي، جنهن ۾ مذهبي ۽ فرقيوارڻي تعصب جو فصل خوب پکڙجي ٿو. مذهبي بنياد پرستي جون پاڙون جيتوڻيڪ ماضي بعيد ۾ کتل آهن، پر ويجهڙائيءَ واري ماضيءَ ۾ به ان جون ڪيتريون ئي “جديد” شڪليون نظر اچن ٿيون.

اهي مذهبي پارٽيون ۽ بنياد پرست دهشتگرد گروهه پنهنجي منشور ۽ ارادن تي “اسلامي فلاحي رياست” جي ڪيتري ئي تعريف ڇو نه ڪن. انهن جو معاشي پروگرام سرمائيداري کان شروع ٿي ڪري انهيءَ تي ختم ٿي وڃي ٿو. انهن جا مجوزه “سڌارا” پيداواري وسيلن جي نجي ملڪيت، نفعو ۽ منڊي جي معيشت تي مشتمل ان نظام کي ڪڏهن چئلينج نٿيون ڪري سگهن. بنياد پرستن ۽ سامراج جو ٽڪراءُ نقلي آهي. ڪميونزم ۽ کاٻي ڌر جي خلاف بنياد پرستن سدائين سامراج جي ساڄي هٿ جو ڪردارا ادا ڪيو آهي. مذهب جي سياست اها ڪاري رجعت آهي، جنهن کي ڪجھ رياستي ڌڙن ڪاري ناڻي جي آڪيسجن تي زنده رکيو آهي. عوام جي انقلابي تحريڪ ۽ طبقاتي جدوجهد جو اڀار مذهبي سياست جو حقيقي چهرو پاڻ ئي ننگو ڪري وجهندو. پنهنجا عقيدا ٻين تي مڙهڻ، مذهب جي نالي تي بيگناهن جو رت وهائڻ ۽ نجي زندگين ۾ دخل اندازي ڪرڻ جو حساب ورتو ويندو. محنت ڪش طبقي جي انقلابي فتح ان نظام جو آخر هڪ ڏينهن ضرور خاتمو ڪندي، جنهن مذهب کي مالي ۽ سياسي مفادن جي حاصلات جو اوزار بڻائي ڇڏيو آهي!

ڪامريڊ لال خان جي ڪتاب (مذهب ڪا سياسي روپ) تان ورتل.