ڇو اسان جو سماج اهڙو ٿيندو پيو وڃي، جنهن کي ڏسو، اهو پنهنجي سوچ مطابق پيو هلي، نه ڪنهن وڏي جي ٻڌي پيو نه ڪنهن ننڍي جي، بس پنهنجي مرضي پيو هلائي، هڪ ڏينهن آئون دنيا جي وڏي سوشل ميڊيا چينل فيس بڪ تي ويٺو هجان. فيس بڪ تي آيل ڊاڪ ڏسندي ڏسندي هڪ اهڙي ڊاڪ تي نظر پئي جو آئون حيران ۽ پريشان ٿي ويس ۽ سوچڻ لڳس ته اسان جو پڙهيو لکيو نوجوان ڪاڏي پيو وڃي. اها ڊاڪ ڇا هئي. “اڄ مون قرآن پاڪ جو ختم شريف سنڌي ۾ پڙهي پورو ڪيو، جنهن جو ثواب آئون ڪامريڊ چي گويريا جي حوالي ڪريان ٿو. الله ان کي جنت الفردوس ۾ اعليٰ جاءِ ڏئي.” نه عزيزن قريبن کي نه ئي پنهنجي حق ۾ بخشش ۽ ٻاجهه گهريائين.
پڙهيا لکيا نوجوان جيڪي هن قوم ۽ ملڪ جا مستقبل ۽ معمار آهن، PCS CSS ۽ مختلف چٽاڀيٽي جا امتحان ڏئي رهيا آهن، انهن سان جڏهن ڪچهري ٿيندي آهي ته آئون ڪوشش ڪندو آهيان ته نوجوانن جي سوچ ڏسجي ته هو ڪهڙي سوچ رکندڙ آهن، جڏهن انهن جي اڳيان مختلف موضوع رکندو آهيان ۽ انهن کان پڇندو آهيان ته اڪثريت ائين محسوس ڪرائيندي آهي ته اسان کي پنهنجو فڪر آهي. اسان چاهيون ٿا ته اسان جلد ئي وڏا ماڻهو ٿيون. ماڻهو اسان جا سلامي ٿين، ايترو پئسو گڏ ڪريون جو اسان جون ست پيڙهيون ويهي کائين تڏهن به نه کٽائي سگهن. ان کان علاوه اهو تاثر ڏيندا آهن ته اسان کي هن ملڪ ڏنو ڇا آهي؟ جو اسان هن ملڪ لاءِ سوچون. اسان کي بک، بدانتظامي، ڪرپشن، ناانصافين کان علاوه مليو ڇا آهي. جو اسان هن ملڪ لاءِ ڪجهه ڪريون وري جڏهن مذهبي حوالي سان انهن سان بحث مباحثو ٿيندو آهي ته اهڙو تاثر ڏيندا آهن جو ائين لڳندو آهي اسلامي معلومات آهي ته صرف انهن وٽ آهي، نه عالمن، نه ئي مذهبي اسڪالرن وٽ آهي. ٻڌڻ وارو اهو محسوس ڪندو ته هي ته وڏا عقلمند آهن مذهب آهي ته صرف هنن وٽ آهي، جڏهن عملي طرح انهن کي مذهبي حوالي سان ڏسندا آهيون ته ٻڙي هوندا آهن. چوندا آهن جيڪو ڪجهه آهي هتي يعني هن جهان ۾ آهي، آخرت تي انهن جو پختو يقين نه هجڻ جي برابر هوندو آهي، ويٺا يورپ جو مثال ڏيندا آهن ته انسانيت آهي ته صرف يورپ ۾ آهي. اسان جي سماج ۾ جيڪڏهن اهڙي قسم جو تاثر اڀري پيو ته ان جا ڪهڙا سبب آهن، ڪڏهن ڪنهن ان تي سوچيو آهي، اڳين زماني جا به ته ماڻهو هئا جيڪي پنهنجي ملڪ، قوم ۽ دين تي سر ڏيندا هئا. هو جيڪو ڪجهه سوچيندا ۽ ڪندا هئا اهو سڀ جو سڀ ايندڙ نسلن جي لاءِ هوندو هو.Elias Howe آمريڪا جي مشهور شهر مساچوسٽ جو هڪ معمولي ڪاريگر هو، جيڪو 1819ع ۾ ڄائو ۽ صرف 48 سالن جي عمر ۾ 1867ع ۾ مري ويو. ان دنيا کي هڪڙي اهڙي شيءِ ڏني جنهن پوري دنيا ۾ انقلاب آڻي ڇڏيو. اها هئي سلائي مشين جيڪا هن 1845ع ۾ ايجاد ڪئي، مشين ايجاد ڪرڻ جي ڪري پوري دنيا ان جي ٿورائتي آهي.
اڄ جو نوجوان خاص ڪري پڙهيو لکيو طبقو ته گهٽ ۾ گهٽ اهڙي سوچ ته نه رکي جنهن ۾ ملڪ ۽ قوم جي بهتري هجي، اهڙي سوچ نه رکي جنهن سان اسان جي وڏن جا ارمان ۽ خواب ساڀيان نه ٿي سگهن. آئون هڪ نوجوان جو قصو اوهان کي ٻڌائيندو هلان، جيڪو بي اي پاس آهي، ان سان جڏهن مون ڪچهري ڪئي، حال احوال ورتا ته هاڻي اوهان جو ڇا پلان آهي، ڇا سوچيو آهي اوهان ڇا ڪندا، چيائين آئون چاهيان ٿو ته مون کي وڏي گهراڻي جي ڇوڪري ملي، جنهن سان آئون شادي ڪريان، ان سان گڏ بنگلو، ڪار، بئنڪ بيلنس ملي ته جيئن آئون آرام سان پنهنجي زندگي گذاري سگهان، ٻيو مون کان ڪجهه به نه ٿيندو. مون کيس چيو ته يار ان لاءِ ته اوهان کي طويل جدوجهد ڪرڻي پوندي، ائين جهٽ پٽ ۾ سڀ شيون ملڻ ناممڪن آهي. مون کي جهٽ پٽ ۾ جواب ڏنائين ته سائين اوهان کي خبر ناهي ته الله وڏو ڪريم رحيم آهي. ان جي اڳيان دير ئي ناهي، اوهان ويٺا ڏسو اهو ڪيئن ٿو ٿئي. مون کيس چيو ته آئون ڄاڻان ٿو ته الله بيشڪ رحيم، ڪريم آهي ليڪن اهو به لوچڻ کانسواءِ نه ملندو اوهان کي. اهو سڀ ڪجهه ڪيئن ملندو؟ تون ڌاڙا هڻندين، ڦرون ڪندين جو ايترو جلدي اهو سڀ ڪجهه ٿي ويندو. انگريزي ۾ هڪ چوڻي آهي.For it is in giving that we receive اسان ڏيون ٿا تڏهن حاصل ڪريون ٿا.
دنيا ٺاهڻ واري الله پاڪ جو قانون آهي ته جيڪو ڏيندو اهوئي حاصل ڪندو، هڪ ٻي چوڻي آهي تهAs you sow so shall you reap جهڙي پوکيندين تهڙي لڻندين. عامر خان جي هڪ فلم آيل آهي جنهن جو نالو پي ڪي آهي، اها فلم شايد ڪافي ماڻهن ڏٺي هوندي جيڪا رانگ نمبر تي ٺهيل آهي. اهو رانگ نمبر مذهب ۾ هجي يا سماج ۾ ان کي وائکو ڪيو ويو آهي. اڄڪلهه اسان جي ميڊيا خاص ڪري اليڪٽرونڪس ميڊيا ته حد ڪري ڇڏي آهي. رمضان شريف جي ڀلاري مهيني ۾ پيش ٿيندڙ يعني هلندڙ اڪثر پروگرام مذهبي آهن انهن سڀني پروگرامن جا تقريبن ميزبان يا ته مسخرا آهن يا فنڪار آهن بجاءِ عالمن ۽ مذهبي اسڪالرن جي انهن مسخرن کي اسلام جو ذمو ڏنو ويو آهي ته اوهان دنيا ۾ مذهب جو اميج بهتر ڪريو، جن جو مذهبي حوالي سان ڪو تعلق ئي نه آهي. مقصد چوڻ جو اهو آهي ته جيڪي ڪجهه اسان جي سماج ۾ غلط ٿئي پيو، ان تي اسان جا دانشور، عالم، اديب، پڙهيا لکيا ماڻهو ڇو خاموش آهن، ڇا انهن جي اکين تي ڪاريون پٽيون چڙهيل آهن؟ ڇا انهن جي مٿان اهو فرض لاڳو نٿو ٿئي ته اهڙي قسم جي برائين کي سماج مان ڪڍي ٻاهر ڦٽو ڪن ۽ اهڙو سماجي علم پکيڙين جنهن ۾ عدل، انصاف ۽ بهتري هجي. موجوده دنيا ۾ ڪاميابي جو راز ان ۾ آهي ته ماڻهو وقت کي سڃاڻي ۽ زماني جي تقاضا مطابق هلي، جيڪو ماڻهو وقت ۽ زماني جي تقاضائن کي نٿو سمجهي ان جو حال تمام برو ٿيندو آهي. هن نازڪ دور ۾ اهڙن ذهين ماڻهن جي ضرورت آهي جيڪي وقت ۽ زماني جي ضرورتن کي سمجهن، ان لاءِ اسان کي ايندڙ نسل اهڙو تيار ڪرڻو پوندو، جيڪو ملڪ، قوم ۽ دين کي روشن ڪري.