براڊشيٽ جي ڪهاڻي انور قاضي
مهاتير محمد کان ميان نواز شريف جڏهن پڇيو ته اسان پاڪستان کي معاشي ترقي ڪيئن وٺرايون جواب ۾ ان صرف اهو چيو: Honesty Your Excellency محترم ايمانداري. اها ڳالهه مهاتير محمد ٽي دفعا ورجائي جو ميان صاحب به ان کان ٽي دفعا پڇيو پوءِ ميان صاحب مسڪرائي خاموش ٿي ويو! ڳالهائڻ جي حد تائين اسان ايمانداري لفظ جو ورجاءُ ڪيترائي دفعا ڪريون ٿا، پر عملي طور هڪ دفعو به نٿا ڪريون. اهو ئي بنيادي سبب آهي جو اسان جي معيشت روز بروز برباد ٿيندي پئي وڃي عام ماڻهو ماني ڀور لاءِ پريشان آهي ۽ حڪمران ڏينهون ڏينهن امير ٿيندا وڃن ٿا امير ۽ غريب جو فرق زمين ۽ آسمان وانگر ٿي ويو آهي.
ڪافي عرصو اڳ هڪ سياستدان جيڪو ڪيترائي ڀيرا وزير پڻ رهي چڪو آهي سندس والد صاحب پڻ وزير اعليٰ ۽ نگران وزيراعظم رهي چڪو هو، پنهنجي يادگيري ونڊيندي ٻڌايو هو ته هڪ دفعو هو ملڪ کان ٻاهر وڃي رهيو هو ان جي ڀر واري سيٽ تي هڪ گورو صاحب ويٺل هو پرواز بين الاقوامي هئي ۽ ڀارت کان اچي رهي هئي. گورو صاحب سياستدان کي نه پيو سڃاڻي ڀر واري سيٽ تي هجڻ ڪري ڳالهه ٻولهه پئي ٿي. خبر پئي ته هو World Bank جو ڪو آفيشل هو. محترم سياستدان گوري کان پڇيو ته ڀارت به اوهان کان مختلف Projects تي قرض کڻندو آهي ۽ پاڪستان به پوءِ ٻنهي ۾ ڪو فرق! گوري کي خبر نه هئي ته هي سياستدان ۽ موجود وزير آهي. گوري صاحب چيو ته ڪميشن ٻنهي ملڪن ۾ وٺن ٿا. سياستدان دل ۾ ڏاڍو خوش ٿيو ته ڳالهه مڙئي ساڳي آهي، پر گوري صاحب ڳالهه اڳتي وڌائيندي چيو ته فرق تمام گهڻو آهي سياستدان مايوس ٿيو گوري کان پڇيائين ڪيئن؟ گوري جواب ڏنو مثال طور: اسان يعني World Bank ڀارت کي ڪو Project آڇيندا آهيون ته پهرين اتي جي حڪومت اسان سان تمام گهڻي بار گيننگ ڪندي آهي. اگر اسان ڪوبه پروجيڪٽ 100 ملين ڊالر جو ڏنو ته ڀارت وارا پهرين ته گهٽ ڪرائيندي ڪرائيندي 80 ملين ڊالر تائين کڻي ايندا جڏهن اسان راضي ٿيندا آهيون پوءِ ڊيل ڪرڻ وارو چوندو. هاڻي ٻڌايو منهنجي ڪميشن ڪيتري آهي. جڏهن Project انتهائي گهٽ قيمت تي شروع ٿيندو ته قرض به گهٽ ٿيندو پوءِ اسان چوندا آهيون هاڻي ڪميشن ڇا جي پوءِ به اسان کي 0.5 سيڪڙو کان هڪ سيڪڙو ڪميشن ڏيڻي پوندي آهي. ڀارت جو حڪومتي سياستدان خوشي سان قبول ڪندو آهي، پر پاڪستان ۾ انهيءَ جي بلڪل ابتڙ آهي. اسان اگر ڪنهن پروجيڪٽ لاءِ پاڪستاني حڪومت کي 100 ملين ڊالر جو قرض ڏيڻو ڪندا آهيون ته هو چوندا آهن اگر اسان اهو پروجيڪٽ 120 ملين ڊالرن ۾ منظور ڪريون ته اسان جي ڪميشن! اسان انهن کي خوشي سان 10 سيڪڙو ڏيندا آهيون پوءِ اهو ساڳيو Project جيڪو ڀارت ۾ 80 يا 81 ملين ۾ شروع ٿيندو آهي اهو پاڪستان ۾ 10 سيڪڙو ڪميشن ڏيڻ جي باوجود اسان 110 ملين ۾ ٺهرائي ڏيندا آهيون اسان جو ته 30 ملين جو فائدو هوندو آهي.
هي آهي اسان جي سسٽم جو هڪ ننڍو مثال قرض جي رقم وياج سميت عوام کي ڀرڻي هوندي آهي پوءِ ملڪ جي معيشت ڏينهون ڏينهن ڪمزور عوام بک تي امير عياشين ۾. گورو صاحب اسان جي پئسن سان اسان تي حڪومت ڪري ٿو.
هن وقت براڊشيٽ وارو اسڪينڊل به ان جي هڪ ڪڙي آهي مشرف صاحب جي حڪومت ۾ چيو ويو ته ڪڙو ۽ بي ريا احتساب ٿيندو. سمورو قانون اختيار ۽ طاقت انهيءَ وٽ هئي. جيئن وڻيس پيو تيئن ڪري پيو نيب جي اداري برطانوي ڪمپني کي 200 سياستدانن جا نالا ڏنا ته هنن جا اثاثا ۽ نقد رقم جيڪا ٻاهر پئي آهي اها ڳولي ڏيو. مزي جي ڳالهه ته براڊشيٽ 28 مئي 2020 ۾ رجسٽرڊ ٿي ۽ اسان جي NAB ان سان معاهدو 20 جون 2000 تي ڪيو مطلب ته نئين ڪمپني جنهن جو ڪوبه تجربو نه هو جنهن جو ان وقت جو I.C.E.O جو وڪالت جو لائسنس پڻ رد ٿيل هو ۽ ان وقت مذڪوره ڪمپني جو C.E.O ڪاوي موسوي صاحب توهين عدالت ۾ سزا کائي چڪو هو، پر سائين پاڪستاني حڪمران ته بادشاهه هوندا آهن پوءِ بادشاهن اهڙو معاهدو ڪيو ته جيتري به رقم يا اثاثا NAB ڳولي ۽ واپس وٺي يا Broadsheet صرف ڳولي ڏئي ان رقم ۾ 20 سيڪڙو Broadsheet جو هوندو. پهرين رقم جو سراغ براڊشيٽ محترم آفتاب خان شير پائو جو لڳايو 3.5 ملين ڊالر ثبوت سان NAB جي حوالي ڪيو ويو NAB جو چيئرمين محترم جناب عزت ماب جنرل امجد صاحب جن هئا. اهو ثبوت کڻي شير پائو صاحب سان ڊيل ڪئي وئي ته پيپلز پارٽيءَ ۾ الڳ گروپ ٺاهيو نه ته رقم تان هٿ کڻو. آفتاب شير پائو رقم تان هٿ نه کنيو پيپلز پارٽي مان هٿ کڻي ويو ۽ 2002 واري اليڪشن ۾ وزير داخلا بڻجي ويو. NAB براڊشيٽ کي لکيو ته آفتاب شير پائو جو نالو غلطي سان اوهان جي لسٽ ۾ اچي ويو آهي هاڻي مهرباني ڪري ان جي جاچ نه ڪريو، پر براڊشيٽ چيو ته اسان ته محنت ڪئي آهي خرچ ڪيو آهي اسان کي پنهنجي رقم ڏيو. بهرحال پرويز مشرف حڪومت 1.5 ملين NAB جي هٿان براڊشيٽ کي ڏنا، پر انهن سان معاهدو ختم نه ڪيو. چوڻ وارا چون ٿا ته ان ۾ ڪميشن هئي براڊشيٽ وارا پاڻ ۾ وڙهي پيا اها رقم براڊشيٽ جي اڳوڻي C.E.O جي اڪائونٽ ۾ جمع ڪرائي وئي ۽ اهو گورو صاحب براڊشيٽ کي ڇڏي هليو ويو هو، پر پاڪستان جو معاهدو ختم نه ٿيو براڊشيٽ Bankrupt ٿيڻ واري هئي پوءِ ان جي ايراني نزاد موسوي صاحب اهو چئي C.E.O ٿيو ته اسان وٽ سوني جهرڪي پاڪستاني NAB سان ٿيل معاهدي جي صورت ۾ آهي. ڪجهه وقت ڏيو. اڄ تائين غريب ۽ مقروض پاڪستاني عوام جا 65 ملين ڊالر تقريبن ساڍا ڏهه ارپ رپيا اسان براڊشيٽ کي ڏئي چڪا آهيون، اڃان به معاهدو ختم نه ٿيو آهي پوءِ ڇو نه اسان قرضي ٿيون!
آخري ويجهي رقم جيڪا برطانوي ڪورٽ جي ذريعي براڊشيٽ کي ادا ڪئي وئي اها به 30 ملين ڊالر آهي جنهن لاءِ چيو ٿو وڃي ته ان ۾ شهزاد اڪبر جو 25 سيڪڙو حصو آهي ۽ ان تي جلدي ڪري رقم NAB کان ادا ڪرائي وئي. ان ڳالهه کي بنياد بڻائي نديم افضل چن ڪابينا مان استعيفيٰ ڏني. اندر جو حال الله پاڪ ڄاڻي ٿو، جيڪي ڳالهيون موسوي ڪري ٿو انهن مان اڌ ڳالهيون حڪومت صحيح سمجهي ٿي ۽ اڌ ڳالهيون اپوزيشن پر عام پاڪستاني هنن ڳالهين کي صحيح ان ڪري سمجهي ٿو ته پئسا عوام جا ويا جنهن کي ماني، دوا ۽ روزگار لاءِ روز پريشان ٿيڻو پوي ٿو. حڪمران ڀلي ڪير به هجي ان کي ڪابه پرواهه نه هئي نه آهي.
اسان جو ملڪ صرف نه ان ڪري غريب آهي جو ڪجهه ماڻهن جو ٽولو اسان کي ڦري رهيو آهي پوءِ اهو ٽولو ڪنهن جو به هجي سياستدان هجن يا اسٽيبلشمينٽ کائڻو اسان عوام کي ئي آهي. اهو سلسلو 73 سالن کان هلندو پيو اچي ۽ اڄ تائين به ان ۾ تبديلي نظر نٿي اچي.
زرعي ملڪ هجڻ جي باوجود اسان ڪڻڪ، کنڊ ۽ هاڻي ڪجهه امپورٽ ڪريون ٿا. حڪومت چئي ٿي اهي مافيائون آهن عوام پڇي ٿو انهن تي ضابطو ڪير آڻيندو حڪومت ۾ اهي ئي ويٺا آهن. عوام مايوس ڇو نه ٿئي؟ هنن جو پاڻ ۾ جهيڙو به پنهنجي پنهنجي حصي پتي تي آهي هي سڀ عوام دشمن آهن، پر ڇا ڪجي! ان جو ڪوبه جواب بظاهر نٿو اچي. اسان پاڪستاني عوام جانورن کان بدتر زندگي گذاريون ٿا. اسان جي رقم حڪمران نه صرف پاڻ کائين ٿا، پر گورن کي به کارائين ٿا ڇو ته انهن وٽ هنن کي پناهه ملي ٿي. ڇا اسين واقعي آزاد ٿيا آهيون؟ ته پوءِ I.M.F جا موڪليل نمائندا اسان تي حڪومت ڪيئن ٿا ڪن؟
مايوسي ڪفر آهي، پر بهتري نظر نٿي اچي براڊشيٽ جيڪو فيصلو برطانوي عدالت کان ورتو ان کي پڙهجي ٿو ته ائين ٿو لڳي ته هنن حڪمرانن ۾ ڪوبه خوف خدا نه آهي عوام جي نالي عوام سان ويساهه گهاتيون ڪندا رهن ٿا ۽ ڪندا رهندا. هنن کان شايد گورا حڪمران بهتر هئا جيڪي صرف پاڻ کائيندا هئا هي ته پاڻ به کائين ٿا ۽ گورن کي به کارائين ٿا.

