حڪومت طرفان اسحاق ڊار جي سينيٽ جي سيٽ خالي قرار ڏيڻ ڏيڻ لاءِ درخواست داخل
وفاقي حڪومت سپريم ڪورٽ ۾ ن ليگ اڳواڻ اسحاق ڊار جي سينيٽ جي سيٽ خالي قرار ڏيڻ جي درخواست داخل ڪرائي ڇڏي، جنهن جي ٻڌڻي به ٿي ايڊيشنل اٽارني جنرل عامر خان عدالت ۾ موقف اختيار ڪيو ته حڪومت پارليامينٽ ميمبرن جي حلف برداري بابت نئون قانون ٺاهيو آهي. نئين قانون تحت 60 ڏينهن اندر حلف نه کڻڻ جي صورت ۾ سيٽ خالي سمجهي ويندي. عامر خان چيو ته ن ليگ قانون سازي کي هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو هو، جنهن کي رد ڪيو ويو، هن وقت اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ انٽرا ڪورٽ اپيل ٻڌڻي هيٺ آهي. هن چيو ته اپيل ۾ ن ليگ جو موقف آهي ته سپريم ڪورٽ اسحاق ڊار جو نوٽيفڪيشن معطل ڪري ڇڏيو آهي. سپريم ڪورٽ ڪيترائي ڀيرا اسحاق ڊار کي طلب ڪيو، پر هو پيش نه ٿيو ۽ ن ليگ چوي ته ته نوٽيفڪيشن معطل ڪرڻ جي ڪري اسحاق ڊار واپس نه پيو اچي ان ڪري سينيٽ ۾ اسحاق ڊار جي سيٽ کي خالي قرار ڏنو وڃي. جسٽس اعجاز الاحسن چيو ته ڪيس جي ٻڌڻي ايندڙ هفتي لاءِ مقرر ٿا ڪريون، جنهن بعد عدالت اسحاق ڊار نااهلي ڪيس جي ٻڌڻي ايندڙ هفتي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

