نئون

دٻاءُ باوجود پيپلز پارٽي جي قيادت ملڪ نه ڇڏيندي، حالتن جو مقابلو ڪندي

اڱاري ڏينهن پيپلز پارٽي جي اعليٰ قيادت پاران هڪ گڏجاڻي ۾ اهو فيصلو ڪيو ويو آهي ته اها دٻاءُ باوجود ملڪ نه ڇڏيندي ۽ مشڪل حالتن جو مقابلو ڪندي. خبرن موجب هن گڏجاڻي جي صدارت پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ آصف زرداري ڪئي. خبرن موجب ويجهڙ ۾ سنڌ اندر منظر تي آيل 35 ارب رپين جي مالي اسڪينڊل سبب پ پ قيادت تمام گهڻو پريشان آهي. ڇاڪاڻ ته هن اسڪينڊل ۾ ڪجهه اهڙن ماڻهن جي گرفتاري ڪئي وئي آهي جيڪي پ پ قيادت جي ويجهو سمجهيا پيا وڃن. گڏجاڻي ۾ ان خدشي جو به اظهار ڪيو ويو آهي ته چونڊن کان اڳ ۾ هن قسم جي اسڪينڊل جو اچڻ ۽ ان کي وڌائي پيش ڪرڻ سان پارٽي کي نقصان رسائڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي. هن گڏجاڻي ۾ چيو ويو ته بي نامي اڪائونٽن مان پ پ قيادت کي ڪوبه نقصان نٿو پهچائي سگهجي. ڇاڪاڻ ته ان قسم جا اڪائونٽ ته هر ملڪ جي بينڪن ۾ هوندا ۽ جيڪي به طاقتور انهن کي استعمال ڪري رهيا آهن اهي ڪامياب نه ٿيندا. هن گڏجاڻي ۾ اڳوڻي سينيٽر رحمان ملڪ کي به خاص ذميواري سونپي وئي آهي. ان کان علاوه ان خدشي جو به اظهار ڪيو ويو آهي ته ايندڙ ڏينهن ۾ پيپلز پارٽي جي اڳواڻن سان قريب ماڻهن کي به گرفتار ڪري سگهجي ٿو، اهي اهڙا ماڻهو ٿي سگهن ٿا جيڪي سنڌ حڪومت ۾ آفيسر آهن ۽ انهن جا نالا پيپلز پارٽي جي گڊ بڪ ۾ آهن. گڏجاڻي ۾ ان ڳالهه جو انديشو ظاهر ڪيو ويو ته سنڌ اندر ڪجهه اهڙن بيورو ڪريٽس کي به گرفتار ڪري سگهجي ٿو جيڪي پيپلز پارٽي جا راز ڄاڻن ٿا ۽ اهي دٻاءُ ۾ اچي اهڙا راز فاش ڪري سگهن ٿا. ان موقعي تي پ پ جي اڳواڻن پارٽي جي اعليٰ قيادت کي صلاح ڏني ته اي سي ايل ۾ نالي اچڻ خلاف عدالت ۾ درخواست ڏني وڃي پر ان معاملي تي پارٽي اعليٰ قيادت چيو ته هو هن وقت ملڪ مان ٻاهر نه ويندا ۽ چونڊن تي پورو ڌيان ڏيندا رهندا.