رسيءَ وارو ڪرتب ليائو جائي ڪليم ٻُٽ
مان جڏھن ڇوڪرو هئس ته صوبي جي راڄڌاني واري شھر امتحان ڏيڻ ويس. هي بهار واري ميلي کان ٿورو اڳ جي ڳالهه آھي ۽ رواج موجب ميلي واري شام جو سڀني واپارين کي نچي ڪڏي ناڻي واري ڪمشنر جي آفيس اچڻو هوندو هو. انهيءَ ڪري ان کي “بهار وارو نچڻ ڪڏڻ” جي نالي سان به ياد ڪيو ويندو هو. مان هڪ دوست سان اتي هي مزو ڏسڻ پهتس. ان ڏينهن رش ڏاڍي هئي.
ورانڊي ۾ ڳاڙھيون ورديون پهريل چار عملدار آمهون سامهون ويٺل هئا. هڪڙن جو منهن اولهه ڏانهن ۽ ٻين جو اوڀر ڏانهن هو. ان وقت سندن عهدن جي ڄاڻ ھئڻ لاءِ مان اڃا ننڍو هئس.
وڏن آوازن ۽ ڪن ڦاڙيندڙ گانن جي گونج ۾ هڪ ڪرتب ڏيکاريندڙ ڏنڊو کڻي ۽ وڏن وارن واري ڇوڪري کي هدايتون ڏيندو مٿي اسٽيج ڏانهن ويو. ايئن ٿي لڳو ڄڻ هو ڳالهائي رهيو هجي، پر سندس آواز گم ٿي ويو هجي.
ان سڀ ۾ مون عملدارن کي کلندي ڏٺو. پوءِ هڪ سلڇڻي نوجوان تماشائي وڏي واڪي کيس ڪرتب ڏيکارڻ جو چيو. ان تي ڪرتب واري چيو هو ڇا ڪري ڏيکاري. ان تي عملدارن هڪٻئي سان صلاح ڪري ان تماشائي کي چيو ته هن کان پڇي ته هو ڪهڙي ڪرتب ۾ مهارت رکي ٿو.
“مان قدرت جي قانون کي مٽائي سگهان ٿو.” هن جواب ڏنو.
تماشائي اها ڳالهه علمدارن کي ٻڌائي ۽ پوءِ هن کي اچي چيو ته هو آڙو پيدا ڪري ڏيکاري.
ڪرتب ڏيکاريندڙ ڪوشش ڪرڻ جو راضپو ڏيکاريو. هن ڪوٽ لاهي ان کي ڇلي مٿان رکندي اعتراف واري انداز ۾ ڳالهائڻ شروع ڪيو:
“هي نيڪ مرد غير منطقي پيا لڳن، اڃان ته ٿلهي برف ئي نه ڳري آھي… مان آڙو ڪٿان آڻيندس! پر جيڪڏهن اسان ڪوشش نه ڪئي ته عملدار ڪاوڙجي پوندا. هاڻي ڇا ڪرڻ گهرجي!”
“بابا تو پڪ ڏياري هئي ته تون اهو ڪندين… هاڻي پنهنجي ڳالهه تان ڦر نه.” سندس پٽ چيو.
ڪرتب ڏيکاريندڙ هڪ پل لاءِ اداس ٿي سوچڻ لڳو. پوءِ چيائين:
“مون ان تي غور ڪيو آھي، جيئن ته ڌرتي اڃان ٿلهي برف سان ڍڪيل آھي ان ڪري ڌرتي تي اسان کي آڙو ڪونه ملندا. آسمان واري امان جو باغ ئي هڪ اهڙو هنڌ آھي جتي ٻارهو ئي وڻن ۾ گل هوندا آھن. متان اتي آڙو ھجن. پاڻ کي آسمان مان چوري ڪرڻي پوندي.”
“پر پاڻ آسمان تي ڪيئن چڙھنداسين!” ڇوڪري پڇيس.
“مون وٽ ھڪ ترڪيب آھي.” همراهه جواب ڏنس ۽ سندس ڇلي کولي ان مان سوين فوٽ ڊگهي رسي ڪڍيائين. هن رسي جو هڪ حصو پڪڙي ان کي هوا ۾ اڇل ڏني، رسي ايئن اڀي ٿي بيٺي ڄڻ ڪنهن شيءِ ۾ اٽڪي پئي هجي. اها مٿي اڃان به مٿي وئي ٿي، ايتري تائين جو جهڙ تائين وڃي پهتي.
“هيڏانهن ڇوڪرا…” هن پٽ کي سڏيو: “مان پوڙھو، ٿلهو ۽ سست مڙس آھيان هن رسي تي ڪونه چڙھي سگهندس. توکي ئي مٿي وڃڻو پوندو. تون ان تي چڙھي سگهين ٿو.” هن رسي پٽ ڏانهن وڌائي. رسي وٺندي ڇوڪري جو منهن لهي ويو ۽ چپن ۾ ڀڻڪيائين:
“بابو به ڪهڙو نه چريو مڙس آھي، هو چاهي ٿو ته مان هن سنهڙي رسي تي چڙھي آسمان ڏانهن وڃان. جيڪڏهن اهو وچان ڇڄي پئي ته منهنجا هڏ گڏ ئي ڀڄي پوندا.” پر سندس پيءُ به ضد ڪيو بيٺو رهيو.
“پٽ سندن ڳالهه مڃڻ منهنجي غلطي هئي، هاڻ جيڪو ٿيڻو هو سو ٿي ويو.” ان همراهه چيو.
“پٽ مان توکي رسي چڙھڻ جي ئي صلاح ڏيندس توکي اعتراض وارڻ نه گهرجي. جيڪڏهن تون آڙو چورائي آئين ته هي اسان کي چاندي جا سئو ٽڪرا ڏيڻ لاءِ پابند هوندا ۽ انهن ٽڪرن مان آئون تنهنجي لاءِ سهڻي ملوڪ ڪنوار آڻيندس.”
ڇوڪري رسي پڪڙي ۽ مڪڙي وانگر ان سنهڙي رسي تي مٿي چڙھندو ويو. ڪجهه گهڙين ۾ هو جهڙ ۾ گم ٿي ويو. ٿوري ئي دير ۾ مٿان پيالي جيڏو آڙو ھيٺ ڪريو، ڪرتب ڏيکاريندڙ خوش ٿي اهو عملدارن آڏو پيش ڪيو، انهن وري ان مونجهاري ۾ ته آڙو اصلي آھي يا نقلي، هڪ هٿ کان ٻئي هٿ ڏانهن وڌايو، پر اوچتو رسي هيٺ اچي ڪري ۽ ڪرتب ڏيکاريندڙ پريشاني ۾ رڙ ڪئي:
“مٿان کان رسي ڪٽجي وئي آھي. هاڻي منهنجو ٻچڙو ڇا ڪندو!” پوءِ هڪ ڌچڪي سان ڪا شيءِ ھيٺ ڪري… اها ڇوڪري جي سسي هئي. ڪرتب وارو منهن مٿو پٽي روئڻ لڳو:
“هن کي رکوالي ڪندڙ آڙو چورائيندي پڪڙي ورتو هوندو. منهنجو معصوم ٻچڙو مري ويو…” پوءِ ڇوڪري جي هڪ ٽنگ هيٺ ڪري ۽ پوءِ سندس سڀ ڪٽيل عضوا هڪ ٻئي پٺيان هيٺ ڪرڻ لڳا. ڪرتب وارو هوش وڃائي ويٺو ۽ هڪ هڪ ڪري عضون کي ڇلي ۾ رکندو ويو. هن ڇلي کي ڍڪي چيو:
“هي منهنجو سڪيلڌو پٽ ھو. منهنجو هر حڪم مڃيندي اتر ۽ ڏکڻ ۾ سفر ڪندو هو. سندس پڄاڻي ڪيڏي نه ڏک واري ٿي. هن کي ڏور کڻي وڃي مون کي سندس ڪفن دفن جو بندوبست ڪرڻ گهرجي.” هو وچ اسٽيج ڏانهن آيو ۽ عملدارن ڏانهن جهڪيو.
“هن آڙو لاءِ مون پنهنجي ٻچڙي کي ماري ڇڏيو.” هن روئيندي چيو.
“مون تي رحم ڪري سندس ڪفن دفن ۾ منهنجي مدد ڪريو، مان سدائين اوهان جو ٿورائتو رهندس.”
هيٺ ويٺل ماڻهو هن ڏانهن سڪا اڇلائڻ لڳا، ڪرتب ڏيکاريندڙ انهن مان کيسا ڀرڻ لڳو. پوءِ هن ڇلي کي لوڏيندي چيو:
“منهنجا ٻچڙا تون ڇلي مان نڪري هنن ڀلن مردن جو ٿورو ڇو نٿو مڃين!”
اک ڇنڀ ۾ ڇلي جو پڙ لٿو ۽ ڇلي مان هڪ ڇوڪرو وار سڌا ڪندو نڪتو. هو جيئن جهڪيو ته اسان کي خبر پئي اهو ڇوڪرو ڪرتب واري جو پٽ ئي هو. اهو اهڙو ڪرشمو هو جيڪو اسان کي اڄ ڏينهن تائين ياد هو.
پوءِ مون ٻڌو ته “وائيٽ لوٽس” نالي هڪ فرقي وارا اهو ساڳيو ڪرتب ڪري ڏيکاريندا آھن. ڀانئجي ٿو هي همراهه به انهن مان ئي هو.
(نوٽ: وائيٽ لوٽس هڪ ڳجهو سماج هو جيڪو 13 ۽ 14 صدي ۾ چنگ بادشاهت جي ڏينهن ۾ چنگ حڪومت خلاف ڪيترن ئي صوبن ۾ باغي ٿي اڀريو، پر نيٺ چيڀاٽجي ويو).

