”زندگيءَ ۾ زندگيءَ جو احساس“ منور سراج
”لفظ ڀريل پستول هوندا آهن“
سارتر!
ادب، آرٽ، خوشبو، سونهن ۽ علم و دانش جو ديس فرانس. آرٽ موويز، شارٽ اسٽوريز، ناول، ڊرامه ۽ نت نئين فيشن جو ملڪ فرانس!
سارتر جو ديس فرانس.
۽ خود سارتر؟
The age of Reason
Nausea,
Troubled Sleep.
The Roads to Freedom
۽ existentialism and humanism کان وٺي Being and nothingness تائين جهڙن ڪتابن جو ليکڪ! سارتر دنيا جو غير معمولي ناول نگار، ڪهاڻيڪار، فلاسافر سارتر جنهن جي لکڻين ۽ رياست تي ٿيل تنقيد کي بنياد بڻائي جڏهن ملڪ جي حڪمران ڊيگال کي صلاح ڏني وئي ته سارتر کي جيل ۾ وجهڻ گهرجي. ڊيگال تاريخ جو هڪ بلاڪ بسٽر جملو چيو هو: “سارتر ته فرانس آهي مان فرانس کي ڪيئن ٿو جيل ۾ وجهي سگهان”
فرانسيسي ايترو احترام قانون جو نه ڪندا آهن جيترو حُسن جو.
منهنجي خيال ۾ سارتر ڪنهن تعارف جو محتاج ناهي.
سارتر پنهنجو تعارف پاڻ آهي.
ناليواري ليکڪا دانشور سائمن ڊي بوار سان روايتي شادي جي ٻنڌڻن ۾ ڦاسڻ بدران عمر ڀر ساٿ نڀائيندڙ سارتر جنهن جو چوڻ آهي ته:
“commitment is an act not word”
“وچن/واعدو محض لفظ ناهي پر عمل آهي.”
سارتر جنهن 1964ع وارو نوبل پرائيز وٺڻ کان انڪار ڪيو هو، جو سندس خيال هو ته نوبل پرائيز وٺي ليکڪ هڪ اداري جو ڳيجهو ٿي پوندو آهي. هن ڪنهن صحافيءَ جي سوال جو جواب ڏيندي هي به چيو هو ته: “نوبل پرائيز منهنجي لکڻين تي اجايو اثر انداز ٿيندو.”
سارتر پنهنجي پيش رو وجودي فلاسافرن ڪيرڪي گارڊ، فريڊرڪ نطشي، مارٽن هيڊگر، ايڊمنڊ هسرل کان ويندي هاڪاري فڪشن نگاري دوستو وسڪي ۽ فرانز ڪافڪا وانگر وجوديت جو داعي دانشور هجڻ سان گڏ ڪمال جو فڪشن نگار آهي.
“زندگي مايوسيءَ جي ٻئي ڪناري کان شروع ٿئي ٿي.”
سارتر
۽ جنهن جو هي مشهور جملو جيڪو دراصل سندس وجودي نظرئي School of thought جو بنيادي نقطو پڻ آهي، پاڻ سڀني جي سماعتن ۽ تصور جو حصو آهي.
My thought is me
منهنجي سوچ/منهنجو خيال ئي مان آهيان.
۽ سندس هيءَ افسانوي تخليق يعني:
“the childhood of a leader” پنهنجي پاڻ ۾ سارتر جي ان سوچ جو نادر نمونو آهي ته: “پنهنجي عمل سان زندگيءَ ۾ زندگي پيدا ڪرڻي پوندي آهي، نه ته زندگي پنهنجي طور تي زندگي ناهي.”
فطرت/قدرت/خدا طرفان مليل زندگي ته توڻي جو بطور زندگي پنهنجي پاڻ ۾ هڪ مڪمل زندگي آهي، پر اها زندگي “محض زندگي” آهي. زندگيءَ جو خاڪو آهي/ڍانچو آهي/لڪير آهي/بليو پرنٽ آهي، زندگي ناهي. زندگي بڻجڻ لاءِ ان خاڪي ۾ وجود/احساس/جذبي ۽ سجاڳيءَ جا رنگ ماڻهوءَ کي خود ڀرڻا هوندا آهن. ٻي صورت زندگي بڻجي نه سگهندي.
سارتر جي هيءَ مختصر تحرير 1939ع ۾ the wall جي نالي سان ڇپيل طويل ڪهاڻين جي ڪتاب ۾ شامل هڪ اهم ڪهاڻي آهي، پر پنهنجي format توڻي اڻت ۽ ڦهلاءُ ۾ ڪهاڻي short story گهٽ ناول يا گهٽ ۾ گهٽ ناوليٽ وڌيڪ آهي. ڇو ته سئو کن صفحن جي والار سان ذري گهٽ ويهارو کن ڪردارن ۽ انهن ڪردارن جي حالتن/روين/نفسيات/ڪيفيت/گفتگو/عمل/چُرپر ۽ اندروني آنڌ مانڌ سان ڀريل هيءَ تخليق پاڻ ۾ هڪ ڀرپور ناول جو سواد/احساس/ڪائنات سمائي ٿي هلي. هونئن به هڪ ناول دراصل هڪ ڪهاڻي آهي. هن تخليق “the childhood of a leader” جو مرڪزي ڪردار ليوسين ننڍپڻ کان ئي هڪڙو neurotic يا سائڪو ماڻهو/ٻار/نوجوان آهي، جيڪو اول ته ٻاروتڻ کان ئي پنهنجي جنس/مرد يا عورت/هجڻ نه هجڻ جي يقيني uncertainty جو شڪار آهي. سڃاڻپ جي ان اوائلي بحران ۾ مبتلا هجڻ سان گڏ انيڪ خدشن/وهمن/وسوسن جي ور چڙهيل احساس ڪمتري سان گڏ هڪ ٽٽل شخصيت spilt personality کڻي ٿو هلي.
هڪ اداس ڪمزور ڊنل، ٻين تي ڀاڙيندڙ ڇوڪرو. غلط هٿن ۾ غلط طرح استعمال ٿيندڙ مجهول شخص پنهنجي پاڻ کي ڳوليندڙ ۽ ان ڳولا ۾ ڀٽڪندڙ وجود. پنهنجي ڳولا، معنيٰ وجود existence جي ڳولا. وجود جي ڳولا جو سڌو سنئون مطلب وجود کي ڄاڻڻ/سڃاڻڻ. ٻين لفظن ۾ زندگيءَ جي بي رنگ تصوير ۾ رنگ ڀرڻ.
زندگي ملڻ ۾ برابر ماڻهو جي ارادي (will) جو هٿ نه آهي، پر زندگيءَ کي پيدا ڪرڻ ۾ ارادي جو عمل دخل آهي.
۽ آرٽ جي تخليق يا تخليق جو تصور بذات خود زندگيءَ جي جوهر کي سمجهڻ سان گڏ زندگيءَ جي بي معنويت absurdity کي محسوس ڪرڻ/سمجهڻ ۽ ان ۾ معنيٰ ڀرڻ جو عمل آهي.
تخليق خود زندگي آهي.
سچ ته انساني زندگيءَ ۾ سونهن ڀريندڙ شيون يعني عمل، آرٽ، موسيقي، رقص راڳ نه هجي/نه هجي ها ته زندگي جيئڻ جي قابل نه هجي ها.
ڀٽائي چواڻي:
هتان کڻي هُت جن رکيو سي رسيون،
ساڄن، سونهن سرت وکان ئي ويجهو گهڻو.
پنهنجي زندگيءَ ۾ انتهائي مايوسي/نا اميدي/لايعنيت جو شڪار ليکڪ به پنهنجي تخليقن ۽ باوجود بي حد افسردگي/اداسي/بي معنويت جي اظهار سان، پڙهندڙن/ڏسندڙن لاءِ اتساهه جو سبب بڻيا آهن. گهٽ ۾ گهٽ انهن جي اهڙين (زندگيءَ جي بي معنويت/ذلت) جي احساس سان ڀريل/اُڻيل سچاين تي مبني لکڻين ماڻهوءَ کي زندگيءَ جا اهي رخ ته ڏيکاريا آهن جيڪي رخ هميشه کان ڪنهن ڪنهن نالي/حوالي سان ماڻهن کان اوجهل رکيا پئي ويا.
بلا شڪ اعليٰ ادب جي تخليق جو هڪ وڏو سبب خود اها انساني اڻتڻ/اداسي/بي يقيني ۽ اندر جي آنڌ مانڌ آهي.
پر هڪ ڳالهه بهرحال طئي آهي ته زندگيءَ کي ڪابه پائندگي ناهي. دنيا ۾ اهڙو ڪوبه آب حيات ڪونهي جيڪو موت کي مات ڏيئي سگهي. ڇا به هجي زندگيءَ جو غوراب پنهنجي سمورين حسناڪين ۽ هولناڪين سميت ڪنهن نه ڪنهن ڏينهن وقت جي عميق سمنڊ ۾ ٽٽي ٽڪرا ٿيڻو آهي. سڀني رنگن روپن ٻهروپن سوڌو غرقاب ٿيڻو آهي. يعني زندگي يقيني هجي نه هجي موت/خاتمو/End يقيني آهي ته پوءِ چاڪيءَ جي ڏاند وانگر مسلسل هل هلان ڀڄ ڀڄان هڄ هڄان ڇا جي لاءِ؟ ڇو؟
ان سوال جي جواب ۾ مايوسيءَ جو هڪ وشال آسمان ڦهليو پيو آهي! جنهن کان انڪار/بچاءُ/اقرار ممڪن ناهي.
هر سوچيندڙ ذهن لاءِ صليب سندس مقدر آهي. جيڪڏهن ڪو بچاءُ آهي ته اهو آهي بي خبري/ڀورائي/اڻ ڄاڻائي/سادگي/معصوميت/خود سپردگي، باقي نه ته عذاب آهن.
ڀٽائي سچ چيو آهي:
الا! ڏاهي مَ ٿيان ڏاهيون ڏک ڏسن،
مون سان مون پريئن ڀورائيءَ ۾ ڀال ڪيا.
سارتر جي هن تخليق ۾ مک/بنيادي ڪردار ليوسين ۽ سندس آسپاس/آرپار موجود ڪردارن جي زندگيءَ سان لاڳاپيل احساسن/حالتن/ڪيفيتن جو پوتاميل/ليکو چوکو ٿيل آهي. اڌوريون اڻپوريون ننڊون، وڻندڙ/اڻ وڻندڙ خواب، اوٿارا، اوجاڳا، ڇرڪ، آواز، خاموشيون، ڀڃ ڊاهه، بي يقيني، اڻ تڻ، محبت، نفرت، ڪاوڙ، هيجان، چالاڪي، ٺڳي، تعصب، سياست، مذهب، وطن، عورتون، محبوبائون، طوائفون ۽ ٻيو به گهڻو ڪجهه هن تخليق جي بي چين نديءَ ۾ ڇوليون هڻندو ڇلندو ٿو رهي.
منهنجي خيال ۾ انسان ۽ انساني زندگيءَ جي انيڪ معاملن/مونجهارن/سوالن/جوابن/اذيتن/اوراڻن سان ويرو تار سارتر جي هيءَ تخليق هڪڙو اهڙو گهاٽو جهنگ آهي جنهن ۾ پنهنجي مرضيءَ سان داخل ته ٿي سگهجي ٿو، پر پوءِ ان مان ٻاهر نڪرڻ لاءِ ماڻهو مرضي کان محروم ٿي وڃي ٿو. پوءِ ماڻهو ناول جي جهنگ جي مرضيءَ جو محتاج ٿي ٿو وڃي. جنهن ۾ فرائيڊ جي تحليل نفسي Psychoanalysis ۽ ريمباد جي هم جنس پرستي کان ٿيندي خود سارتر جي وجوديت تائين احساسن/حالتن/حوالن/حيرتن جا ڪئي روشن/نيم روشن/اونداها/ڦِڏا سڏا/ور وڪڙ رستا، چوراها، موڙ اچن ٿا. جنهن ۾ گهڻو پري ماضي/ماضي بعيد ڏي کلندڙ/ويندڙ/ايندڙ ڳڙکيون/دروازا/روشندان آهن به آهن ته قديم غار/غفائون ۽ سُرنگون به آهن! هن ناوليٽ/ڪهاڻي جي آسمان ۾ هڪڙو سج جهڙو سوال مسلسل ٻرندو جلندو/هلندو ٿو رهي ته:
مان ڪير آهيان؟
مان آهيان به نه آهيان؟
انهن سوالن جو تعلق وجود سان آهي/وجود جو واسطو انهن سوالن سان آهي ۽ سارتر وجوديت جو نمائندو/اهم ليکڪ/فلاسافر/پوئلڳ آهي. سندس هي ناوليٽ/ڪهاڻي وجودي وارتا جو تخليقي اظهار آهي ان معنيٰ ۾ هيءَ تخليق عدم وجود/لا وجود کان وجود existence ڏانهن سفر/منتقلي جي ڪٿا آهي. سڃاڻپ جي بحران identity crisis ۾ مبتلا ڪردار ليوسين جوانيءَ جي چانئٺ تي قدم رکڻ کانپوءِ تعصب/نفرت/ڊپ جي ور چڙهي اندر ۾ بدگماني/ڪاوڙ/ڪروڌ کڻي بي خبريءَ جي ڪوهيڙي ۾ هلندو/ٿڙندو ٿاٻڙندو ٿو رهي. پنهنجي سمجهه/وجدان/شعور کي منتقل بنائڻ بدران ٻاهرين سمجهه/ٻڌ سڌ تي انحصار ڪري ٿو ۽ قدم قدم تي الجهندو/هٻڪندو/ڀٽڪندو/اٽڪندو ٿو رهي. نيٺ/وري به آخر ۾ بهرحال پنهنجي اندر/داخلي دنيا/نجپڻي سان تعلق/رابطي ۾ اچڻ/پنهنجو پاڻ سڃاڻڻ واري اهليت حاصل ڪرڻ کانپوءِ بي خبريءَ جي ڪُن مان ٻاهر نڪري سگهندو آهي. اهو هن ناوليٽ جو مرڪزي نقطو آهن. مختصر لفظن ۾ يان پال سارتر جي وجوديت جو خلاصو/نچوڙ/حاصل مطلب ڪجهه هن ريت آهي ته:
“وجود existence جوهر جي کول ڪري ٿو. ماڻهوءَ کي پاڻ زندگيءَ مان زندگيءَ کي جنم ڏيڻو پوندو آهي/ڏيڻ گهرجي. مايوسي/بي معنويت/بيگانگي/يڪسانيت/بيچيني زندگيءَ سان گڏ رهي ٿي، موت زندگيءَ کي کائي ٿو وڃي.”
جڏهن ته وجوديت جو ابو ڪيرڪي گارڊ وجوديت جي حوالي/لحاظ کان انسان جي داخلي تجربي کي خارجي ميٿاميٽيڪل سچائين تي فوقيت ڏئي ٿو.
دنيا جو سمورو اعليٰ پائي جو ادب داخلي Subjective وارتائن جو عڪس/نتيجو آهي. ادب ۾ داخليت کانسواءِ خارجيت مڪمل طرح هڪ ڇسو ۽ کوکلو تجربو آهي.
دنيا جو هر باخبر/سچو/حقيقي آرٽسٽ سڀ کان اول ۽ بنيادي سطح تي پنهنجي پاڻ ۽ سچ ڏي ذميوار هوندو آهي/هجڻ گهرجي، ان کانپوءِ هو پنهنجي آرٽ/فن/پورهئي/ڪم/تخليق ڏي جوابدار آهي/هجڻ گهرجي. ۽ سارتر دنيا جو تمام وڏو ليکڪ آهي سندس تخليق “هڪ سرواڻ جو ٻالڪپڻ” لاءِ بس ايترو چوڻ ئي ڪافي آهي ته هي سارتر جي تخليق آهي.
***

