خاص

وفاقي حڪومت پهرين کان اٺين ڪلاس جا اسڪول عيد تائين بند رکڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو

وفاقي حڪومت پهرين کان اٺين تائين جا اسڪول عيد تائين بند رکڻ ۽ 6 هين کان 12 هين تائين تعليمي ادارا سڀاڻي کان سخت ڪورونا ايس او پيز سان کولڻ جو فيصلو ڪيو آهي. رپورٽ موجب تعليم واري وفاقي وزير شفقت محمود جي سربراهي ۾ بين الصوبائي تعليم واري وزيرن جو هنگامي اجلاس ٿيو جنهن ۾ سمورن تعليم وارن وزيرن وڊيو لنڪ ذريعي شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ تعليمي ادارن ۾ ڪلاسن جي بحالي تي ڳالهيون ڪيون ويون. اجلاس ۾ سمورن صوبائي تعليم وارن وزيرن بورڊز ڪلاسز شروع ڪرڻ جي سفارش ڪئي، پر اين سي او سي جي اختيارين جو چوڻ هو ته ڪيس وڌي رهيا آهن. هن وقت تعليمي ادارا نه کوليا وڃن ته بهتر ٿيندو. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته سڄي ملڪ ۾ پهرين کان اٺين تائين جا اسڪول عيد تائين بند رکيا ويندا. جڏهن ته 8 کان 12 تائين جا تعليمي ادارا سڀاڻي کان سخت ڪورونا ايس او پيز سان کولڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. اجلاس ۾ او، اي ليول امتحان شيڊيول موجب وٺڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. جڏهن ته چيو ويو آهي ته ڪورونا جي وڌيڪ شرح وارين يونيورسٽين ۾ آن لائين جو سلسلو جاري رهندو.