بلاگ

يقين جو سفر ۽ تبديليءَ جون منزلون… نسيم عباس سومرو August 2021

مون مون هڪ دفعو ڪٿي پڙهيو هو ته، ڪوبه سچ هڪ ئي وقت تي هرهڪ ماڻهوءَ لاءِ ۽ هرهڪ مڪان تي سچ ناهي هوندو. عام لفظن ۾ چئجي ته ايئن ٿيندو ته ڪوبه سچ هرهڪ وقت تي، هر ماڻهوءَ لاءِ ۽ هرهڪ جاءِ تي سچ ناهي هوندو… يعني هر سچ مخصوص گروهن لاءِ، مخصوص وقتن ۽ مخصوص جڳهين تي سچ هوندو آھي. اسان لاءِ مقدس ڄاڻايل هڪ سچ دُنيا جي ڪنهن ٻي ڪنڊ ۾ موجود ماڻهوءَ لاءِ ڪوڙ به ٿي سگھي ٿو…

اُن وقت ته ڳالھ ڪا خاص سمجھ ۾ ڪونه آئي هئي، پر وقت سان گڏ ان هڪ جُملي دماغ کي هميشه سوچڻ تي مائل ڪري رکيو… ننڍي هوندي کان ذھن ۾ ويٺل عقيده ۽ خيال کڻي جڏهن سڌريل دنيا ۾ قدم رکيوسين ته خبر پئي ته دُنيا ۾ ته ٻيا به ڪيترائي مذهب ۽ عقيده آهن… هر ماڻهوءَ جي عقيدي جو احترام لازمي آهي… ڇو ته هر ماڻهو پنهنجي دائري جي اندر صحيح آهي. روشن خيال نظريا ۽ ماڻهو منطقي انداز ۾ درست لڳا. ذھن کي هميشه کولي رکڻ کپي ته جيئن نواڻ جو رستو کُليل رهي. نئين نسل کي به اهو ئي نياپو ڏجي.

ڪنهن به صورتحال کي ڏسڻ ۽ سمجهڻ جا زاويه هميشه ساڳيا ناهن رهندا. اهو ايئن ئي آهي جيئن اسان اگر ننڍپڻ يا نوجواني ۾ ڪا ڊائري لکي هجي ۽ اُھا ساڳي وري عمر جي 30 کان 40 واري ڏهاڪي ۾ پڙهي ڏسبي ته پنهنجن ئي پراڻن خيالن ۽ سوچ جي انداز تي کل پئي ايندي ته اسان جي سوچ ڪيڏي تبديل ٿي وئي آهي. اسڪول کان ويندي ڪاليج پوءِ يونيورسٽي تائين اسان جو فهم مختلف ڏاڪا چڙهندو ڪجھ جوان ٿئي ٿو. ان سڄي سلسلي ۾ اسان جا دوست احباب وڏو ڪردار ادا ڪن ٿا. ڇو ته انسان پنهنجي صحبت مان ئي سڃاتو ويندو آهي ۽ اُن مان ئي اسرندو آهي.

پنهنجي يقين کي هميشه ڪنهن منطقي سوچ سان جوڙي رکجي ته بهتر هوندو آهي. انڌو يقين ڪرڻ ڪنهن به علمي جوڙجڪ ۾ پورو نٿو لهي. پوءِ چاهي اُھو ڪو شخص هجي… ڪو عقيدو هجي… يا ڪو نظريو… ڇو ته وقت سان گڏ سڀ ڪجھ تبديل ٿيو وڃي… خيال، نظريا، اعتبار، سوچ جو انداز.. سڀ وقتي ھوندا آھن… تبديلي انساني سماج جو لازمي جُز آهي… تبديلي ۾ ئي زندگي جي رواني آهي. اسان مان جيڪي تبديليءَ کي نٿا مڃين يا اختيار ڪن اُهي وقت جي رفتار کان پوئتي رهجي وڃن ٿا. سوال ڪرڻ جي سگھ ۽ سوالن کي منهن ڏيڻ جي جرئت ئي حقيقت ۾ علم جي جستجو جو دليل آهي. ذھن ۾ هڪ دري هميشه کُليل رکڻ سان نوان خيال ۽ نظريا ڪنهن تازي هوا وانگر داخل ٿين ٿا جيڪي پاڻ سان گڏ ٻيا ڪيترائي سوال کڻي اچن ٿا جن جي کول(explore)  ڪرڻ سان ئي يقين ۽ تبديليءَ جو سفر جاري رهي ٿو.

اگر اسان ڪجھ نٿا ڄاڻون ته ان جي اظهار ڪرڻ ۾ ڪو عيب ڪونهي. اهو ڄاڻڻ ته اسان ڪجھ نٿا ڄاڻون، ڄاڻڻ جي طرف پهريون قدم به ٿي سگھي ٿو. اهڙيءَ ريت سوال جنم وٺن ٿا، جن مان جواب ۽ پوءِ ڄاڻ ڏانهن وک وڌي ٿي. اڻڄاڻائي کي تسليم ڪرڻ سان ئي تبديلي جنم وٺي ٿي.

هڪ تبديلي اِها به آهي ته اسان عمر جي مختلف حصن ۾ مختلف نظرين جي نه صرف پوئيواري، پر تبليغ پڻ ڪندا آهيون. ايتري تائين جو شدت پسنديءَ جي حد تائين هليا ويندا آهيون، جنهن جي سامهون ٻين جي ڪنهن ڳالھ جي اهميت ناهي رهندي، پر انهن نظرين ۾ پائيداري ناهي هوندي ۽ نتيجي طور ايندڙ وقت کين مٽائي ڇڏيندو آهي. انسان جي سڃاڻپ سندس نظريي سان ٿيندي آهي ان ڪري نظريي جي چونڊ وڏي احتياط سان ڪرڻ گهرجي ڇو ته اسان نه صرف پاڻ اُن نظريي جي پوئيواري ڪندا آهيون بلڪه اسان کي ڏسي اسان جا ننڍا يا ڪجھ دوست پڻ اُن ئي راھ تي نڪري پوندا آهن. نظريي جي چونڊ تي جيڪي عنصر اثر انداز ٿيندا آهن انهن ۾ اسان جي پرورش، گهر ۽ درسگاهن جو ماحول، اسان جي صحبت، استاد، عمر، سوچ جو انداز شامل آهن. نوجواني جي مستي ۾ آزاد سوچ رکڻ وارا عمر جي آخري حصي ۾ جڏهن مذهب جي لباس ۾ لڪي ويندا آهن تڏهن آزاد سوچ رکڻ وارا ئي کين ڀٽڪيل لڳندا آهن… تبديليءَ جو هي روپ هڪ الڳ فلسفو کڻي اچي ٿو. تبديلي جتي لازمي ۽ اڻٽر آهي اتي هِن جهڙيون تبديليون ٻين لاءِ اچرج جو سبب پڻ ٿين ٿيون. ھتي انساني آدرش پنهنجو ڪردار ادا ڪن ٿا. هڪ آدرشي انسان نظرين جي فرق جي باوجود سامهون واري جي راءِ جو احترام ڪري ٿو. نظرين جي فرق جي بنياد تي ڪنهن سان فرق نٿو ڪري.

ڪجھ معاملن ۾ تبديلي انسان جي وس کان به ٻاهر هوندي آهي جيئن سالن صدين جا پراڻا قصا اسان کي سچا ڪري ٻڌايا ويندا آهن! هاڻي ٿورو سوچڻ جي ڳالھ اها آهي ته هتي صبح جي ڳالھ شام تائين ساڳي نٿي رهي اتي اِھي صدين جو سفر ڪري اسان جي سماعت تائين پهتل قصا ڪيترا سچا هوندا خدا ٿو ڄاڻي.

تبديلي بهرحال پنهنجي اهميت ۽ جاءِ ٺاهيو اچي ٿي. ڀلي کيس ڪو ڀليڪار ڪري يا نه! ان ڪري عقلمندي ان ۾ ئي آهي ته ان مان ممڪن حد تائين هاڪاري فائدا ۽ نتيجا حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪجي. اگر اسان ان جي مخالفت ڪنداسين ته پاڻ ئي پوئتي رهجي وينداسين.. ايندڙ نسل تبديليءَ جو حامي آهي ۽ اهوئي فطرت جو اصول پڻ آهي. پنهنجي ٻارن جي تربيت دور حاضر سان گڏوگڏ ايندڙ وقت جي لحاظ سان ڪرڻ گهرجي ته جيئن کين ڪا تڪليف نه ٿئي.

 تبديليءَ سان ئي ارتقا ﺟﻮ سفر جاري آهي، جيڪو ڪلھ هو اهو اڄ ناهي، اڄ وارو سڀاڻ نه هوندو. ڪلھ جو ٻار اڄ جو جوان، جڏهن ته ڪلھ جو جوان اڄ جو پيرسن آهي. فطرت پنهنجي طئي ٿيل قانون کي مڃيندي هميشه اڳتي جي طرف روان دوان آهي. وقت جيتوڻيڪ هڪ غير طرفي مقدار (scalar) آهي، پر سندس وهڪرو هميشه اڳتي جي طرف ئي هوندو آهي. گذريل لمحن کي ورائي نٿو سگهجي. ڪائنات ۾ اهڙي ڪابه شيءِ ناهي جنهن تي وقت پنهنجو اثر نه ڇڏيو هجي. قديمي آثارن جي کوجنا ڪري اتان ملندڙ معلومات پڻ وقت ۽ حالات ۾ تبديليءَ کي ظاھر ڪندي آهي ته مختلف وقتن ۾ انسان ڪيئن زندگي گذاري آهي. تهذيبون ڪيئن جڙيون آهن. انسان کي حضرت آدم عه جو اولاد ڪري ڄاڻو يا سائنسي حساب سان انساني نسل جي ارتقا سمجهو، ٻنهي صورتن ۾ تبديلي واضح آهي. هيءَ ڪائنات مسلسل حرڪت(motion)  ۾ آهي بلڪه ڪجھ اندازن موجب ڦهلجي پڻ رهي آهي. ترقي يافته قومون ڌرتيءَ جي گولي کان نڪري ڪائنات ۾ موجود ٻين سيارن ۽ ستارن تي نه صرف تحقيق شروع ڪري ڏني آهي بلڪه اتي قدم پڻ رکيو آهي. ڇو ته کين اِها ڄاڻ آهي ته هيءَ ڌرتي هميشه هڪ جهڙي ناهي رهڻي. ڌرتيءَ جا معدني خزانه اڻ کُٽ نه آهن. وڌندڙ آباديءَ کي منهن ڏيڻ لاءِ توانائيءَ جي نون ذريعن تي ڪم جاري آهي، خاص طور تي اھڙا ذريعا جيڪي پنهنجو پاڻ کي وري نئين سر جوڙي سگهندا هجن(Renewable energy resources)  اهائي وقت جي ضرورت آهي.

***