پاڪستان ۾ ٻوڏ، هي معاملو سخاوت جو نه انصاف جو آهي : انتونيو گوتريس
گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس ۽ وزيراعظم شهباز شريف سنڌ ۽ بلوچستان جي ٻوڏ سبب متاثر علائقن جو دورو ڪي، دوري دوران ٻوڏ متاثرن سان ملاقات ڪئي ۽ نقصانن ۽ امدادي ڪاررواين جو جائزو ورتو. سکر هوائي اڏي تي وڏي وزير مراد علي شاهه پاران يو اين سيڪريٽري جنرل کي ٻوڏ سبب ٿيندڙ تباهي ۽ امدادي سرگرمين بابت آگاهي ڏني وئي. سنڌ جي وڏي وزير، وزيراعظم ۽ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل کي تازين برساتن ۽ ٻوڏ سبب سنڌ جي ٻهراڙي ۽ شهري علائقن ۾ ٿيل نقصان بابت تفصيلي بريفنگ ڏني. وڏي وزير کين ٻڌايو ته برساتن ۽ ٻوڏ بعد امدادي ڪارروايون جاري آهن، پر جن چئلينجز کي منهن ڏئي رهيا آهيون، اهي وڏا آهن، هن وقت ڪيترن علائقن ۾ 6، 6 فٽ پاڻي بيٺل آهي. امداد ۽ بحالي لاءِ اسان کي کربين رپُيا گهربل آهن، جڏهن ته اسان جا وسيلا محدود آهن. ان موقعي تي يو اين سيڪريٽري جنرل ٻوڏ سبب ٿيندڙ تباهي کي تصور کان ٻاهر قرار ڏنو. انتونيو گوتريس چيو ته پاڪستان ۾ تازي ٻوڏ سبب بنا ڪنهن شڪ جي قيمتي انساني جانين، ملڪيتن، مال متاع ۽ روزگار کي ڪاپاري ڌڪ رسيو آهي، پر اميدون زندهه آهن ۽ اميدن کي ڪو به نقصان ناهي ٿيو، اميدن کي زندهه رکڻ لاءِ پاڪستان کي هن وقت عالمي امداد ۽ مدد جي گهڻي ضرورت آهي. هن چيو ته ماحولياتي تبديلين جي تباهي مچائيندڙ اثرن کي منهن ڏيڻ لاءِ اسان کي پائيدار ۽ مضبوط بنيادي ڍانچي جي ضرورت آهي، ان لاءِ عالمي برادري ۽ مالياتي ادارن کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي بعد ۾ شهباز شريف ۽ يو اين سيڪريٽري جنرل سکر کان بلوچستان جي ضلعي جعفر آباد جي تعلقي اوستا محمد لاءِ روانو ٿي ويا، جتي پڻ ٻوڏ متاثرن سان ملاقات ڪئي. اُڏام دوران وزيراعظم ۽ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل ٻوڏ متاثر علائقن جو هوائي جائزو پڻ ورتو

