پرڏيهه ۾ رهندڙسنڌين جو سماجي پليٽ فارم: سـنڌي ايـسوسـئيشـن آف UAE جـي پـهريـن سـالـگـره ڊاڪٽر عامر گڏاڻي (دبئي)
سنڌ ڌرتيءَ جي چيڪي مٽيءَ سان ڳوهيل سنڌين جي هميشه اها روايت رهي آهي ته هو دنيا جي ڪنهن به ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ڇو نه هجن، پر پنهنجي مٽيءَ سان محبت سندن نس نس ۾ سمايل هوندي آهي. هو پنهنجن گهرن ۾ هجن يا ٻاهر، ديس ۾ هجن يا پرديس، پر سانگيئڙن جي سڪ ۽ مٽيءَ جي مهڪ کي هميشه پنهنجي سيني ۾ سانڍي ٿا رکن. اها سنڌ جي ڀاڳوند ڌرتي ئي آهي، جنهن جي سڪ ۽ اڪير ست سمنڊ پار به سنڌين جي دلين ۾ هميشه زنده پئي ڏسڻ ۾ ايندي آهي. اهو ئي سبب آهي جو سنڌي ماڻهو هميشه پنهنجي مرشد لطيف جي انهن سٽن کي هڪ آيت جيان ياد ڪري پنهنجي ذهن جي پردن ۽ دل جي سڀني ديوارن تي اڪري ٿا ڇڏين ته:
سڄڻ ۽ ساڻيھه ڪنهن اڻاسيءَ وسري،
حيف تني کي هوءِ وطن جن وساريو.
پنهنجي سڄڻن جي بهتر مستقبل لاءِ هو پنهنجون جوانيون پرديس ۾ گذاري ٿا ڇڏين ۽ ساڳي جاءِ تي ساڻيھه جي سڪ به ڪنهن سمنڊ جيان اٿاهه ڇولين جيان پئي ڇلڪندي اٿن.
پنهنجي تهذيب، تمدن، ريتن ۽ رواجن، عيدن توڙي ڏيارين کي هميشه پنهنجي ثقافتي ويسن سان ملهائيندي، پنهنجي سنڌو ڌرتيءَ سان وفا جو وچن ورجائيندا رهندا آهن.
سنڌ ۾ رهندي سنڌ ۽ سنڌيت سان اڻ کٽ محبت ته هميشه پئي ڏسڻ ۾ ايندي آهي، پر ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ رهندي به ڌرتيءَ کي نه وسارڻ ئي سچن سپوتن جو هڪ عظيم ڪم آهي.
اھڙا ئي ڪجھه سنڌ ڌرتيءَ سان بي لوث محبت ڪندڙ انسان ڌرتيءَ کان ڪوهين ميل ڏور گڏيل عرب امارات جي تقريبن سڀني رياستن ۾ پنهنجي پنهنجي روزگار جي سلسلي سان رهن ٿا، جن ڪجھه عرصي ۾ ئي هتي رهندڙ سنڌين کي هڪ ننڍڙي پليٽ فارم “سنڌي ايسوسيئيشن آف يو اي اي” تي گڏ ڪرڻ جو سوچيو ۽ سنڌين جي اها ننڍڙي تنظيم جوڙي ورتي جيڪا تمام ٿوري ئي عرصي ۾ سنڌين سان سلهاڙيل اهڙي مالها بڻجي وئي، جنهن جون سڀئي لڙهيون ڌرتي جي خوشبوءَ سان واسجي ويون. هيءَ غير سياسي ۽ سوشل تنظيم هڪ سال اڳ ڪجھه باشعور سنڌي دوستن گڏجي ٺاهي، جن ۾ انجنيئر ماجد حيدري، انجنيئر مسلم بڙدي، ڊاڪٽر واجد حيدري ۽ ٻيا ساڃاهه وند سنڌي دوست هن ساٿ جا شروعاتي سرواڻ ٿيا، جن پنهنجي ڏينهن رات جي محنتن ۽ جفا ڪشين سان سنڌين جي هن منڊليءَ کي پرديس ۾ رهندڙ سنڌين جو سڏ ثابت ڪيو. پرديس ۾ هرڪو ماڻهو پنهنجي روزگار جي سلسلي ۾ ايندو آهي ۽ سڀني جي هتي اها ئي رات ڏينهن ڀڄ ڊڪ هوندي آهي ته وڌ کان وڌ وقت پنهنجي نوڪرين ۽ روزگارن ۾ گذارين جيئن ڪجھه پئسا ڪمائي پنهنجن ٻچڙن جو مستقبل بهتر کان بهتر بڻائي سگهجي. ان نفسا نفسي واري عالم ۾ پنهنجي هڙان وڙان خرچ ڪري سنڌ مان ڪهي ايندڙ نون سنڌي نوجوانن کي روزگار مهيا ڪرڻ جا وسيلا پيدا ڪري ڏيڻ، سندن ڪيريئر ڪائونسلنگ ڪرڻ، کين رهائش جو مناسب بندوبست ڪري ڏيڻ، ڪنهن به سنڌيءَ تي ايندڙ ڏکئي وقت ۾ سندن ڀرجهلو ٿي بيهي رھڻ، پنهنجي قديم سنڌي ثقافت جي پرڏيھه ۾ پرچار ڪرڻ لاءِ سنڌي ثقافتي پروگرام منعقد ڪرڻ سچ پچ ته هڪ جهاد ڪرڻ مثل آهي ۽ اهڙي قسم جو جهاد سنڌي ايسوسيئيشن آف يو اي اي جا دوست بنا ڪنهن لالچ ۽ لوڀ جي پنهنجو فرض سمجهندي ادا ڪندا رهن ٿا. عيدون براتون هجن توڙي هوليون يا ڏياريون هن پليٽ فارم تي صرف سنڌيت جي جهلڪ ڏسڻ ۾ ايندي آهي. هن وقت يو اي اي ۾ رهندڙ سنڌين جو هي پليٽ فارم جنهن جو اجراءَ هڪ سال اڳ ۾ انجنيئر ماجد حيدري ۽ ڪجھه ٻين باشعور دوستن ڪيو پنهنجو هڪ سال پورو ڪري چڪو آهي، ان هڪ سال جي ننڍڙي سفر ۾ هي سماجي شعور جون ڏياٽيون ٻاريندڙ سنڌي ساڃاهه وندن سان سلهاڙيل ننڍڙي تنظيم پرديس ۾ وسندڙ سنڌين لاءِ ڪيتريون ئي لاٽون جلائي چڪي آهي. دبئيءَ جي آڊيٽوريم ۾ ملهايل ايڪتا ۽ ثقافتي ڏهاڙي کان علاوه گذريل سال هن پليٽ فارم تان ڪيترا ٻيا سوشل پروگرام پڻ سنڌين لاءِ ملهايا ويا. جن ۾ وڏي تعداد ۾ سنڌي گهراڻن شرڪت ڪئي.

هن وقت جڏهن پوري دنيا هڪ عالمي وبا ۾ گهيريل آهي ۽ ان جو اثر جڏهن سنڌ تائين پهتو ته سنڌي ايسوسئيشن جي دوستن ۽ عرب امارات جي سنڌي وسندي ۽ پھچ رکندڙ مخير دوستن پنهنجي ڌرتيءَ تي وسندڙ غريب ماڻهن جي مدد ۽ سهائتا لاءِ ڪافي گهربل مدد ڪئي، جنهن ۾ لاڪ ڊائون دوران پنهنجن گهرن ۾ محسور ٿيندڙ ماڻهن جي درن تائين راشن پهچائڻ، دوائن جو بندوبست ڪري ڏيڻ سان گڏوگڏ سندن مالي مدد پڻ ڪئي وئي. ساڳئي وقت يو اي اي جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ رهندڙ سنڌي ماڻهن تائين پڻ راشن پهچائڻ جو ڪم سچ پچ ته ساراهه جوڳو آهي. سنڌي ايسوسئيشن پنهنجي هڪ سال جي سفر دوران ڪافي مشڪلاتون پڻ ڏٺيون، پر دوستن جي سچائي ۽ نيڪ ارادن هن سماجي تنظيم کي عرب امارات ۾ رهندڙ سڀني سنڌين جي دلين تائين پهچائي ڇڏيو. هڪ سال جو سفر پورو ڪرڻ تي سنڌي ايسوسئيشن آف يو اي اي لاءِ هزارين نيڪ خواهشون هتي رهندڙ هر سنڌيءَ جي دل ۾ آهن ۽ کين اها اميد پڻ آهي تي سنڌين جو هي سماجي سٿ هميشه بهترين ڪارڪردگيءَ جو مظاهرو ڪندو رهندو.

