ڇا قومي اسيمبلي جي ميمبرن جي اخلاقيات نه هوندي آهي؟
ملڪ جي لاءِ بجيٽ انساني جسم ۾ ڪرنگهي واري حيثيت رکي ٿي. اگر ڪرنگهي جي ڪنهن به مهري ۾ ڪوبه مسئلو ٿئي ته انسان معذور ٿي ويندو آهي، ساڳي ڪهاڻي بجيٽ جي آهي. اگر ملڪ جي بجيٽ بهتر نه آهي ته ملڪ مفلوج ٿي ويندو آهي. جنهن جو مثال پاڪستان تي ٺهڪي اچي ٿو، اسان جي بجيٽ عالمي ادارا ٺاهين ٿا ۽ ڇو نه ٺاهين؟ ڇا اسان جي قومي اسيمبلي جي ايوان ۾ ايتري لياقت آهي جو هو پنهنجي عوام ۽ ملڪ لاءِ بهتر بجيٽ ٺاهي سگهن. جواب آهي ته لياقت ته پري جي ڳالهه آهي انهن ۾ اخلاقيات به نه آهي.
انهن ۾ ته ايتري برداشت نه آهي جو آرام سان ڪنهن ٻئي فاضل ميمبر جي ڳالهه ٻڌي سگهن ۽ پوءِ وري ان کي دليل سان جواب ڏئي مطمئن ڪري سگهن، پر هي ته هڪ ٻئي کي مطمئن ڇا ڪندا هنن کي ته هڪٻئي تي لعن طعن ڪرڻ اچي ٿي افسوس!
قومي اسيمبلي ملڪ جو انتهائي معتبر آئيني ادارو آهي، جيڪو بظاهر ملڪ جي سڀني ادارن کان مٿانهون آهي، ايستائين جو عدليه جي لاءِ قانون سازي به هن اداري کي ڪرڻي هوندي آهي. هي ادارو سڌو عوام مان چونڊجي اچڻ جي ڪري (جيڪڏهن واقعي عوام مان چونڊجي ايندو آهي؟) عوام وٽ جوابده هوندو آهي، ان ڪري عوام قومي اسيمبلي مان توقع رکندو آهي ته چونڊيل ميمبر اسيمبلي ۾ ويهي عوام جي ڏک سور جو مداوو ڪندو بک بيروزگاري جي خاتمي لاءِ اپاءُ وٺندو، امن ۽ انصاف لاءِ قانون سازي ڪندو، جن جي ڪري عوام ۽ ملڪ جي ترقي ٿي سگهندي، پر ايئن ٿئي ڪونه ٿو. بجيٽ صرف حساب ڪتاب جي راند ٿي وڃي ٿي ڪوبه ميمبر سنجيده نظر نٿو اچي، اجلاس بجيٽ ڳالهيون ابتيون هڪٻئي تي تنقيد، زباني تذليل ۽ هاڻي ڄُنڊا پٽ ٿي آهي. قومي اسيمبلي جي اخلاقي تاريخ ته ڪا خاص سٺي نه آهي، پر هن بجيٽ اجلاس ته قلعي کولي ڇڏي آهي. اخلاق جي پست ترين حد تائين پهتل قومي اسيمبلي جا نمائنده جن کي اهو به شرم نه آهي ته پوري دنيا سندن ڪرتوتن کي ڏسي رهي هوندي آهي. بجيٽ اجلاس ۾ ايئن لڳو ته قومي اسيمبلي جي ميمبرن جو اخلاق بازاري شودن کان به بدتر هو. زبان جو استعمال گار سان وزير موصوف سينيٽائيزر جون بوتلون هڪٻئي کي اڇلائي هڻن پيا ۽ بجيٽ جو ڪتاب ته خاص هٿيار طور عام استعمال ٿيو. اچرج تڏهن ٿي اچي جڏهن شام جو ٽي. وي شوز ۾ اچي ڪِنن ۽ ڪُڌن ڪرتوتن جي وڪالت پئي ڪيائون. ڪنهن وڪيل دوست کان معلوم ڪيم ته قومي اسيمبلي ۾ اگر ميمبر ڪجهه به ڳالهائي ٿو ته ان کي ڪنهن به عدالت ۾ چئلينج نٿو ڪري سگهجي، پر اگر ڪنهن ميمبر کي مارڪٽ ڪري ته ڇا اها به ان کي ڇوٽ آهي، پر هو ڪو برجستو جواب ڏئي نه سگهيو صرف ايترو چيائين ته هٿن سان ويڙهه ڪرمنل ايڪٽ آهي ان تي ڪٿي به ڪيس داخل ٿي سگهي ٿو، پر ڪنهن به ميمبر ڪيس داخل نه ڪيو، گاريون کائي ۽ گاريون ڏئي چپ ڪري ويهي رهيا. اخلاق ۽ غيرت الائي ته ڪٿي ڇڏي آيا هئا باقي غريبن مان ڪاوڙ ڪڍڻ لاءِ بجيٽ ئي بس آهي.
حڪومتي ميمبر ته پري، پر وزير صاحب جو مذاق وارو انداز يا ڪوڙ يا بقول خاقان عباسي صاحب غلط بياني انهن جي تقريرن مان واضح ٿي جڏهن وزير دفاع فرمايو ته مهانگائي انهيءَ ڪري آهي جو ملڪ ۾ ترقي ٿي آهي، عوام وٽ قوت خريد آهي، تڏهن هو شيون وٺن ٿا ۽ مهانگائي ٿئي ٿي. صاحب وڌيڪ فرمايو ته اچو ڪي پي ڪي ۾ ڏسو مزدوري لاءِ مزدور نٿو ملي، ڪوبه بيروزگار نه آهي، ڪنهن به ماڻهو جو گهر ڪچو نه آهي، ڇا چئون؟ کيس جاهل چئون؟ بي شرم چئون؟ ڪوڙو چئون؟ غلط بياني ڪندڙ چئون؟ هن کي پنهنجي تڪ نوشهره ۾ هڪ لک ماڻهو غربت جي لڪير کان هيٺ آهن اهي نظر نٿا اچن. مطلب ٻه ٽائيم جي ماني به پيٽ ڀرڻ لاءِ موجود نه آهي. اسان اهڙن نمائندن مان اميد رکون ته اهي اسان جي لاءِ بهتر بجيٽ ٺاهيندا. هي ٻاهرين مالياتي ادارن جا ٽائوٽ آهن، جيڪي اسان جا وسيلا انهن وٽ گروي رکي پنهنجي ونگار وٺندا آهن هي دلال آهن ڪميشن کائڻ وارا، سوشل ميڊيا تي پوسٽون اچڻ شروع ٿيون ته اگر ڪي پي ڪي ايترو خوشحال آهي ته پوءِ ڪي پي ڪي جا ماڻهو ايتري وڏي تعداد ۾ سنڌ صوبي ۾ ڇو آهن واپس ڇو نٿا وڃن پنهنجي صوبي ڏانهن ڇو ته بقول سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس جي ته سنڌ صوبو ته بقايا ٽن صوبن کان پوئتي پيل آهي. ميڪا ولي چواڻي ته ڪوڙ ايترو ڳالهايو جو سچ لڳي، هي همراهه انهيءَ فارمولا تي هلي رهيا آهن.
چون ٿا بمپر فصل لٿا آهن، اڄ ئي ڪڻڪ امپورٽ ڪرڻ جي منظوري ڏني اٿن. اگر فصل بمپر ٿيو آهي ڪڻڪ ڇو ٿا ٻاهران گهرايو، جواب اڳين حڪومت چور، کنڊ ٻاهران گهرايو ٿا هاڻي ته ڪپهه به ٻاهران گهرايو ٿا. جواب اڳين حڪومت چور آهي، وزير خزانه صاحب موصوف وزارت ۾ اچڻ کان ڪجهه ڏينهن پهرين هن حڪومت جي پاليسين تي ٽي. وي ٽاڪ شو ۾ ڇتي تنقيد ڪئي، هاڻي صاحب موصوف تعريف ڪندي ٿڪجي ڪونه ٿو.
سينيٽ ۾ تقرير ڪندي فرمائي ٿو ته آءِ. ايم. ايف ته 700 ارب رپيا ٽيڪس وڌيڪ لڳائڻ جو حڪم ڏنو اهو ته مان هئس جو آءِ. ايم. ايف جي سامهون بيهي رهيس ۽ ٽيڪس گهٽ ڪرائي 600 ارب رپيا ڪرايو. ياد رهي ته هي صرف پيٽروليم جي مد ۾ ٽيڪس آهي خبر نه آهي هي عوام سان مذاق ڇو ٿا ڪن شايد عوام ويچارو بيوقوف آهي يا بيوس! هڪ لطيفو ياد ٿو اچي هڪ همراهه جهيڙو ڪيو ته ان تي پوليس 326 جي، ايف آءِ آر داخل ڪئي همراهن وڪيل ڪيو، وڪيل به اسان جي وزير خزانه جهڙو، ڪورٽ ۾ اهڙا دليل ڏنائين جو ڪيس 302 جو ٿي ويو، همراهن کان پئسا به جام ورتا هئائين انهن کي چوي پيو ڏسو مون 326 کان 302 تي ڪرايو آهي باقي ڇا ڪريان. بهرحال همراهه ڪورٽ ۾ رحم جي اپيل داخل ڪئي اتي انگريزي ۾ جام دليل ڏنائين ملزم جا مائٽ ڏاڍا خوش ٿيا ته اجهو ٿو همراهه جيل کان ٻاهر اچي، پر سزا بحال. هاڻي وڪيل صاحب ٻاهر نڪري ملزم جي مائٽن کي چيو ته منهنجي جج سان منهن ماري صرف انهيءَ ڪري ٿي جو مان چوانس پيو همراهه کي ڦاسي ڀلي ڏي، پر پٽڪي سوڌي ڦاسي، پر جج چئي پيو ته نه پٽڪو لهرائي پوءِ ڦاسي ڏيوس. همراهن چيو وڪيل صاحب ٻي رقم به توکي ڏيون ٿا ڦاسي ڀلي اچي، پر پٽڪي سوڌو اسان جي عزت جو سوال آهي. اسان جا اڳواڻ به اهڙا آهن اسان کي ڦاسي ڏيارين ٿا، پر پٽڪي سوڌي. عزت بچائين ٿا شرم نٿو اچين.
پر اچين به ڇو اگر ملڪ جو وزيراعظم آمريڪن ٽي وي تي انٽرويو ڏيندي زنا باالجبر جي ڪيسن وڌڻ تي ايئن چوي ته عورتن جو لباس اهڙو آهي جو مردن کي اڪسائين (Temptation) جو سبب بڻجي ٿو. اگر وزير خارجا اسامه بن لادن کي دهشتگرد نه چوي پوءِ هن ۾ ڪهڙي تبديلي ايندي ڪهڙي ترقي ٿيندي.
اگر ڪو عثمان ڪاڪڙ جهڙو آواز اسيمبلي ۾ گونجندو ته ان کي خاموش ڪرايو ويندو. حالتون بدتر کان بدتر ٿين پيون آمريڪا افغانستان مان وڃي پيو. افغاني حڪومت ۽ طالبان خود اسان کي سڄڻ نٿا سمجهن. انڊيا سان اسان جا تعلقات ڪيترا بهتر آهن؟ چين به ڪجهه پاسيرو ٿئي پيو، ايران سان به اسان بهتر نه آهيون، بک بيروزگاري راڪاس وانگر آهي، سياستدانن جي سمجهه اسان جي سامهون آهي انهن ۾ اخلاقيات جي کوٽ اچي وئي آهي. خطرو وڌي ٿو ته فرشتا پاڻ ئي نه اچي وڃن. خير جي اميد رکون ٿا، پر مشڪل لڳي ٿي. جالب صحيح چيو هو:
خاڪ ۾ مل گئي رنگيني لوگ،
حڪمران بن گئي ڪميني لوگ.
***

