ڊالر ٻه سئو رپين کان به گھٽجي ويندو: اسحاق ڊار
وفاقي وزير اسحاق ڊار اڳڪٿي ڪئي ته ڊالر ٻه سئو رپين کان به گھٽجي ويندو. ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته ڊالر جو اصل اگهه 200 رپين کان گھٽ آهي ۽ ايندڙ ڏينهن ۾ ڊالر 200 رپين کان گھٽ ٿي ويندو. هڪ خانگي ٽي وي چينل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي اسحاق ڊار جو چوڻ هو ته ڊالر جو جيڪو هن وقت اگهه آهي اهو حقيقي ناهي. هن چيو ته ڊالر جو اصل اگهه 200 رپين کان گھٽ آهي ۽ ايندڙ ڏينهن ۾ ڊالر 200 رپين کان گھٽ ٿي ويندو. وفاقي وزير جو چوڻ هو ته هن وقت ڊالر عالمي طور تي مضبوط آهي، پر پنهنجي پاليسين تحت ڊالر کي 200 رپين کان گھٽ تي آڻينداسين. سندس وڌيڪ چوڻ هو ته ڳڻپ وارو کاتو آزاد ادارو آهي ۽ هو هيرا ڦيري ناهي ڪندو. اسحاق ڊار چيو ته اپوزيشن کي ماضي ۾ به چوندو رهيس ته اچو ميثاق معيشت ڪريون، عمران خان ۽ سندس سموري ٽيم جي دماغ تي آئون سوار آهيان. ياد رهي ته ملڪ ۾ ڊالر جي لاٿ جو سلسلو جاري آهي ۽ انٽر بينڪ ۾ ڊالر هڪ رپيو 16 پئسا سستو ٿي 227 رپيا 29 پئسن جو ٿي ويو آهي، جڏهن ته اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر جو اگهه 230 رپين تي برقرار آهي.

