بلاگ

ڪرسپر ٽيڪنالاجي انساني تاريخ جو هڪ عظيم طبعي انقلاب اعجاز منگي March2021

ٿورو سوچيو ته اوهان 1940ع ۾ هڪ فلم ٿا ڏسو جنهن ۾ اهو ڏيکاريو ٿو وڃي ته مستقبل ۾ هر شيءِ کي ڪمپيوٽر هلائيندا. جهازن کي اڏارڻ ۽ لاهڻ، ريل کي هلائڻ، اسٽاڪ مارڪيٽ جو سڄو ڪاروبار، اوهان کي محبوب ڳولهي ڏيڻ سمجهو ته دنيا جو هر ڪم ڪمپيوٽر ڪندا. توهان کي هٿ ۾ هڪ ننڍڙي device هوندي جنهن کي موبائل فون چوندا ۽ ان موبائل فون سان اوهان دنيا جهان جي معلومات حاصل ڪري سگهندا. اخبارون فلمون سڀ شيون ان هٿ جيتري device ۾ موجود هونديون. اوهان هزارين ميل ويهي نه صرف ڪنهن سان ڳالهائي سگهندا، پر ان جي تصوير به ڏسي سگهندا ته اوهان اهو ئي سوچيندا ته اهو صرف فلمن ۾ ئي ٿيندو آهي. اصل ۾ حقيقت جو ان سان ڪو تعلق نه آهي.

پر ايڪيهين صدي ۾ اهو سڀ ڪجهه ممڪن ٿي ويو آهي، جيڪو فلمن ۾ ٿيندو هو.

مان جيڪڏهن اهو چوان ته مستقبل ۾ اسان ڪورونا وائرس جو علاج به ايئن ڪري سگهنداسين جيئن پيرا سيٽامول سان مٿي جي سور جو علاج ڪندا آهيون ته شايد اوهان کي حيرت ٿي. ايندڙ وقت ۾ ڪورونا وائرس کان به وڌيڪ خطرناڪ وائرس جي حملي ٿيڻ جا خطرا آهن. انهن سڀني خطرناڪ حملن کان بچائڻ ۾ اسان کي هڪ ٽيڪنالاجي مدد ڪندي اها آهي ڪرسپر (CRISPR) (Clustered Regularly Interspaced Short Palindromic Repeats) انسان صدين کان زندگيءَ کي آسان بڻائڻ لاءِ مسلسل جستجو ۽ تحقيق ۾ رهيو آهي. شمسي نظامن کان وٺي انساني خلين تائين تحقيق جو سفر تمام ڊگهو رهيو آهي. انسان تحقيق ڪندي پهتو (DNA) Deoxyribonucleic Acid تائين. ڊي اين اي هڪ انتهائي پيچيده ماليڪيول آهي. جنهن ۾ ڪنهن به جاندار جي واڌ ويجهه، ڪم ڪار، اوسر ۽ نسل کي اڳتي وڌائڻ جي معلومات هوندي آهي.

اها سڄي معلومات هڪ ڪوڊ ۾ رکيل هوندي آهي. اها معلومات چئن ماليڪيولن Nucleotides نيو ڪليوڊاٽس ۾ موجود هوندي آهي. انهن نيو ڪليو ڊاٽس جا نالا آهن:

جينائن Guanine (G)

ايڊ نائن Adenine (A)

سيٽو سائن Cytosine (C)

ٿيمائن Thymine (T)

جيڪڏهن اوهان انهن جو ڪوڊ تبديل ڪندو ته يعني DNA ۾ موجود معلومات ۾ ڦير ڦار ڪندو يا کڻي ايئن چئجي ته DNA کي تبديل ڪندو ته جاندار جو DNA به تبديل ٿي ويندو ۽ جيڪڏهن اسان غلط نيت سان DNA ۾ ڦير ڦار ڪئي ته انسان ذات جي ٻن ٻانهن بدران چار ٻانهون به ٿي سگهن ٿيون.

سائنسدانن کي جڏهن اها خبر پئي ته انهن مختلف سبزين ۽ فروٽن تي تابڪاري ذريعي انهن جو DNA تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي انهن مان ڪجهه سبزين جي ماپ وڌي ٿي وئي. اوهان ٿي سگهي ٿو اهڙا ٽماٽا ڏٺا هجن جن جي سائيز صوف جيتري هجي. اهو سندن DNA تبديل ڪرڻ جو نتيجو آهي.

اصل ۾ اهڙا تجربا تمام گهڻو ٽائيم وٺندا هئا ۽ پئسو به جام خرچ ٿيندو هو. انهن کي آسان بڻايو ڪرسپر ٽيڪنالاجي.

ڪرسپر ٽيڪنالاجي جينياتي انجنيئرنگ جي دنيا ۾ انقلاب آڻي ڇڏيو آهي، جن تجربن ۾ سال لڳي ويندا هئا هاڻ اهي صرف ڪجهه هفتن ۾ ٿي سگهن ٿا. هيءَ ٽيڪنالاجي انساني تاريخ کي تبديل ڪرڻ جي سگهه رکي ٿي، پر هي انقلاب آيو ڪيئن ۽ هيءَ ٽيڪنالاجي ڪيئن ڪم ڪري ٿي. اچو ته سمجهڻ جي ڪوشش ڪريون.

زندگيءَ جي شروعات جيئن ٿي آهي ان لمحي کان بيڪٽيريا ۽ وائرس پاڻ ۾ وڙهندا رهن ٿا. بيڪٽيريا جسم ۾ انفيڪشن پيدا ڪن ٿا ۽ وائرل انفيڪشن وائرس پيدا ڪن ٿا.

وائرس جڏهن به بيڪٽيريا تي حملو ڪندا آهن ته ان جو جينياتي ڪوڊ يا DNA تبديل ڪري ان جي سڄي وجود تي قبضو ڪري وٺندا آهن. بيڪٽيريا وائرس سان وڙهندا آهن، پر اڪثر ويچارا هارائي ويندا آهن، انهن مان ڪجهه مات ڏيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندا آهن، جيڪي بيڪٽيريا ڪامياب ٿيندا آهن. اهي مضبوط اينٽي وائرس سسٽم ٺاهي وٺندا آهن.

ڪاميابي بعد بيڪٽيريا، وائرس جو ڊي اين اي ڪوڊ پنهنجي جينياتي ڪوڊ ۾ محفوظ ڪري رکندا آهن. جتي وائرس جو ڪوڊ محفوظ ٿيل هوندو آهي. ان جڳهه کي چوندا آهن ڪرسپر.

جنهن وقت وائرس ٻيهر بيڪٽيريا تي حملو ڪندو آهي ته جنهن جاءِ تي بيڪٽيريا، وائرس جو ڪوڊ محفوظ ڪيو ويو هو. اتي هڪ RNA جي ڪاپي ٺاهيندو آهي. Ribonucleic acid (RNA) به هڪ ماليڪيول آهي. جنهن ۾ به لڳ ڀڳ ساڳي معلومات هوندي آهي. جيڪا DNA ۾ هوندي آهي.

آر اين اي ۽ ڊي اين اي ۾ بنيادي فرق شڪل جو آهي. آر اين اي سمجهو ته هڪ ويڙهيل ڌاڳي جي شڪل جو هوندو آهي، جڏهن ته ڊي اين اي ٻن ويڙهيل ڌاڳن وانگر هوندو آهي.

بيڪٽيريا آر اين اي جي ڪاپي ٺاهڻ بعد هڪ پروٽين ٺاهي وٺندو آهي. ان پروٽين جو نالو آهي CAS9 (ڪئس نائن). هي پروٽين بيڪٽيريا جي DNA کي پڙهندو آهي ۽ وائرس جي DNA جي چڪاس ڪري جاچ وٺندو آهي. ڪئس نائن وائرس جو DNA سڃاڻڻ لاءِ بيڪٽيريا ۾ محفوظ ڪيل DNA سان ڀيٽيندو آهي. جيئن ئي ڪئس نائن پروٽين کي خبر پوندي آهي هي هوبهو ساڳيو DNA آهي ته ان تي حملو ڪري سندس خاتمو آڻي ڇڏيندو آهي.

هن عمل کي ايئن سمجهو ته ڪو دشمن اسان تي حملو ڪري ۽ اسان وڏي ويڙهاند کانپوءِ کيس شڪست ڏيون. ان دشمن جي شڪل شبيهه، پار پتا، حملي جي حڪمت عملي سميت سڀ شيون سانڍي رکون. جڏهن اهو دشمن ٻيهر حملو ڪري ته پڪ ڪري پنهنجي خاص محافظ هٿان کيس مارائي ڇڏيون.

اصل ۾ اهو خاص محافظ (ڪئس نائن) انتهائي هوشيار آهي. ڪئس نائن پروٽين دشمن جي سڃاڻپ ۾ ذري جي به غلطي نٿو ڪري ۽ سندس خاتمو آسانيءَ سان ڪري ٿو ڇڏي.

جڏهن سائنسدانن کي ان مهل جي خبر پئي ته ڪرسپر سان ڊي اين اي کي تبديل ڪري سگهجي ٿو ته هڪ انقلاب اچي ويو.

2015ع ۾ سائنسدانن ڪوئن تي هڪ تجربو ڪيو جنهن ۾ ڪوئن جي جسم ۾ ايڊز جو وائرس انجيڪٽ ڪيو. ايڊز سندن جسم ۾ ڦهلجي وئي ته پوءِ سائنسدانن ڪوئن جي جسم ۾ ڪرسپر ٽيڪنالاجي جي مدد سان وائرس کي ماريو اهو هڪ ڪامياب تجربو هو.

ان ڳالهه جو وڏو امڪان آهي ته ڪرسپر ٽيڪنالاجي جي مدد سان ايڊز، ڪانگو، ايبولا، ڪورونا، ڪينسر جو علاج ايئن ممڪن ٿي ويندو. جيئن بخار، زڪام جو علاج پيرا سيٽامول يا پينا ڊول سان ممڪن آهي.

صرف هڪ گوري يا انجيڪشن سان ڪينسر جهڙيون ٻيون موذي بيماريون ختم ٿي وينديون.