ڪک پتي زاهد منگي April 2021
جنهن مهل عنايت الله اوطاق ۾ داخل ٿي کٽ جي ڀرسان پيل موڙو سوري ويٺو ته چڱي مڙس ويٺل ٻين ماڻهن ڏي اهڙي نظر سان نهار ڪئي جو سڀني سر کي سمجهندي آهستي آهستي کسڪڻ لڳا. هئو مئو ٽريو ته عنايت الله موڙو سوري اچي چڱي مڙس علي محمد سان منهن منهن ۾ ملائي ويٺو.
“ڏي خبر عنايت الله ڇا ٿيو.”؟
“بس ادا ڳالهه ڏاڍي ڳري آ، همراهه صفا مڃي ئي نه پيو.”
عنايت الله جي جواب تي علي محمد اندر ۾ اٿيل ڳڻتيءَ کي نه لڪائي سگهيو. چهري تي پريشاني عيان ٿي پيس.
“پر يار تون به پاڙي جو چڱو آن، همراهه توکان پري نه ويندو ڪجهه ته پنهنجو وس هلائي ڪو زور بار وجهي ڪم کي ٺاهه، جي ڪجهه ٿي پيو ته سڄي ڳوٺ جي بدنامي آ، سڀاڻي ستن راڄن ۾ ڪهڙو ڪنڌ کڻنداسين. ماڻهو ڇا چوندا. سوچ ته صحيح نڪ وڍجي ويندو”
علي محمد پنهنجي اڇي ڏاڙهي کي کنهدي چيس.
“بروبر ادا سورنهن آنا سچ ٿو چوين. انهي گلا جي گهانگهي کان بچڻ لاءِ ئي ته پنهنجو وس وڏو هلايو اٿم، ايلاز منٿون، پٽڪا پيرين پيو آهيانس، قرآن مصاف وڌا اٿم. سڀ جن ڀوت ڏيکاريا اٿمانس تڏهن مس وڃي همراهه ڪو ٿڌو ٿيو آ ۽ ڳالهين جي حامي ڀري اٿائين.”
“هان! راضي ٿي ويو”.
علي محمد کان خوشي ۾ ڄڻ ٽهڪ نڪري ويو.
“عنايت الله توکي لک شاباسون هجن. نبيري جو دڳ ڪڍي آيو آهين. واقعي به جي ڇورو ضد تي اڙجي بيهي ۽ ذيان ڪري وجهي ته ڇا ٿو ڀائين ڪٿي پورا پون؟ بدنامي جو چٽو جدا کڻو ته پوليس، جيل، ڪورٽن ۾ الڳ بڇڙا ٿيون.”
“هائو ادا انهن ڳالهين جي ڪري ئي ته اهو سڀ ڪجهه ڪيم، نه ته همراهه جي اکين ۾ ڪاوڙ مون وڏي ڏٺي. اصل باهه جا الا پئي ٻريس. صفا وٺ ئي نه پئي ڏنائين. چئي هرو ڀرو ذيان ڪيان، پو جيڪو ٿيو منهن ڏيندس. اها ته مون کي سڌ ته مون ڪيئن مصيبت کي ٽاريو.”
“عنايت الله تون به ته گهٽ ناهين، جڳ جو ماڻهو آن، چئن چڱن سان اٿيو ويٺو آهين، وڻ وڻ سان واسطو رهيو اٿئي. لڱايون چڱايون سهيون، زماني جو لاهيون چاڙهيون، گهٽ وڌايون ڏسين ويٺو آن، اهو ڇورو تو جهڙي ماڻهوءَ کان ڪنڌ ڪيئن ڪڍرائيندو.”
عنايت الله چڱي مڙس جي واتان پنهنجي تعريف ٻڌي ته ٻهڪي پيو. ڪلهن کي لوڏي مٿي تي پيل ٽوپ کي ٺاهي سڌو ڪيائين.
“منهنجي صلاح آهي ته توهان سج لٿي کانپوءِ صابوءَ وارن کي گهرايو ته فيصلو ڪري ڳالهه جو تڪڙو ئي نبيرو ڪجي.”
“حقيقي ڳالهه ڪئي ٿئي. صابو صبح به مون ڏي آيو هو ته خدا جي واسطي ڪم کي ٺاهه جيڪو به هرج خرج پيو ڀري ڏيندس، پر منهنجي جان ڇڏائي. مان ڀانئيان ٿو ته سج لٿي جي نماز کانپوءِ ڳالهيون رکجن.”
چڱي مڙس علي محمد عنايت الله جي ڳالهه ٻڌي جواب ڏنو.
“بس پوءِ اها ئي صلاح.”
عنايت الله موڙي تان اٿي رومال جو پٽڪو ٻڌي موڪلائي هليو.
سج لهڻ ٻڏڻ تي ٿيو ته ڌنار مال کي پوئتي وٿاڻن ڏي موٽائڻ لڳا. مينهون، ڳئون، گابا جڏهن قطار ۾ واپس ورڻ لڳا ته سندن ڳچيءَ ۾ پيل ڳانيون ڪنهن مڌر سازن وانگر وڄڻ لڳيون. جنهن مهل مال گهٽين مان پئي گذريو ته ڪتا ڀئونڪندا انهن ڏي پئي وڌيا. ڌنارن ڪن ڪتن کي لٺ پئي ڦهڪائي ڪڍي ته ڪن کي وري ڦوڙ اڇلائي پئي ڀڄايو. پکي پکڻ قطارون ڪري آکيرن ڏانهن موٽي آيا پئي. جن کي ڏسي ٻار رڙيون ڪري چوندا رهيا.
“قطار ڙي قطار، منهنجن مامن کي سلام چئجان.”
ملان سج لٿي جي اذان ڏني ته پوڙها پڪا اچي مسجد ۾ پڳا. نماز کانپوءِ ڪي ماڻهو گهرن ڏي وريا ته ڪن چڱي مڙس جي اوطاق ڏي رخ رکيو. جيستائين خلق گڏ ٿي تيستائين اونداهه چئو قبلو ديرو ڄمائي ڇڏيو. مهيني جي پڇاڙڪن ڏينهن جي ڪري چنڊ لڪي ويو هو جنهن ڪري اونداهه وڏي موج ۾ هئي. چڱي مڙس رڙ ڪري چيو،
“اڙي ابا ڪو بلب بتي ٻاريو.”
“حاضر با حاضر ٻاريون ٿا.” پٺيان آواز آيو.
بلب ٻريو ته روشني ٿي. ماڻهن جي ماڻهن تي نظر پئي. اوطاق خلق سان ڀري پئي هئي. کٽن جون پيرانديون، سيرانديون موڙا سڀ والاريا پيا هيا. ڪا جڳهه خالي نه هئي، پر چپ اهڙي لڳي پئي هئي جهڙوڪ ڪو ماڻهو ئي نه هجي.
“ابا ٻيو مڙيئي خير، خوش آهيو.”
چڱي مڙس خاموشيءَ کي ٽوڙيندي زبان ۽ هٿن سان خوش خير عافيت ڪئي. جواب ۾ ويٺلن به ٻئي ٻانهون ٻڌي کيس جواب ڏنو.
“ڪيو خبر ڀائر ڪيئن گڏ ٿيا آهيو.”؟
چڱي مڙس مٿن کان پيل هنڌ کي ٽيڪ ڏيندي چيو.
“چاچا علي محمد مان دانهين آيو آهيان.”
علي محمد جي ساڄي پاسي پيرانديءَ کان ويٺل دلاور وڏي کهرائپ مان چيو.
“ابا ڪهڙي دانهن آهي تنهنجي.”؟
“چاچا ڳالهه اها آهي ته”…
دلاور ڳالهائيندي اڌ ۾ چپ ٿي ويو. کيس چپ ڏسي عنايت الله کيس مخاطب ٿيندي چيو.
“ابا دلاور گهٻرائي نه جيڪا ڳالهه تو ڏٺي سا سڌي ڀائرن کي ٻڌائي.”
دلاور هڪ دفعو ويٺلن ڏي نهاري وري ڳالهائڻ شروع ڪيو.
“ڪالهه شام ٽپهريءَ ڌاران مان جيئن ئي گهر ۾ داخل ٿيس ته بهه جي پلي وٽ صابوءَ جي پٽ شبوءَ کي پنهنجي زال سان گڏ ڏٺو، مان هڪل ڪري ڪهاڙي کڻي هن ڏي ڀڳس، پر هو ڀت ٽپي ڀڄڻ لڳو. مان هن جي پويان ويس پئي، پر چاچو ولڻ ۽ ٻيا وچ ۾ اچي ويا.”
دلاور جي ڳالهه ٻڌي کن پل لاءِ وري سانت پئجي وئي.
چڱي مڙس ولڻ سان مخاطب ٿيندي چيو،
“ولڻ ڪر خبر دلاور صحيح ڳالهه ٿو ڪري.؟”
“ها سائين اسان پاڻ به ڏٺوسين ته صابوءَ جو پٽ شبو ڀڳو پئي ويو.”
ولڻ جي ڳالهه ٻڌي چڱي مڙس ڊگهو ساهه ڀري عنايت الله کي اک جي اشاري سان ويجهي اچڻ جو اشارو ڪيو. ٻئي سرٻاٽن ۾ ڳالهائڻ لڳا.
ڪجهه دير کانپوءِ علي محمد چيو.
“دلاور جي ڳالهه ۽ ولڻ جي شاهديءَ مان اها ڳالهه پڌري ٿي ته شبوءَ ناجائزي ڪندي پرائو لوڙهو لتاڙيندي ٻچن ۾ هٿ وڌو آهي. هاڻي راڄ رسمي منهنجو فيصلو اهو آهي ته شبوءَ پندرنهن لک ڏنڊ ڀريندو ۽ تڏي تي ميڙ وٺي ڏوهه به بخشرائيندو. ڏنڊ مان ٽي لک ميڙ جا ۽ ٻه لک اوطاق جا معاف ڪيان ٿو باقي بچيل ڏهن لکن مان صابوءَ جي ڌر ٽي لک تڏي تي ادا ڪندي بقايه پئسا ٽن قسطن ۾ ڏيندا.”
فتويٰ ٻڌي صابو ڀر ۾ پيل هڙ آڻي چڱي مڙس کي ڏني. جيڪا هن دلاور کي ڏني. هڙ وٺندي دلاور جي چهري جي رونق ئي مٽجي وئي.
دلاور گهر پهتو ته جوڻس سومهڻي جي سانجڻ پچائي ٿانوَ کڻي رهي هئي. دلاور کي جو ڏٺائين ته جسم ۾ ڏڪڻي پئجي ويس، منهن گوڏن ۾ وجهي منجيءَ تي ويهي رهي. دلاور سندس ويجهو اچي ڳت کان وٺي منهن کي مٿي ڪندي چيو.
“لهين ته ٽڪو به ڪونه، پر وري به شابس هجئي، ڪک پتيءَ مان لک پتي بڻائي ڇڏيئي…”

