اسلامي ملڪ ڪنهن ڌڙي ۾ وڃڻ يا جنگ جو حصو بڻجڻ بدران متحد رهن: وزيراعظم
وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اسان فلسطينين ۽ ڪشميرين کي مايوس ڪيو، اهو چوندي افسوس ٿي رهيو آهي ته اسان ڪو اثر قائم نه ڪري سگهياسين. پارليامينٽ هائوس ۾ اسلامي سهڪار تنظيم (او آءِ سي) جي پرڏيهي وزير جو اجلاس شروع ٿي ويو، جنهن ۾ 57 ملڪن جا پرڏيهي وزير، مبصر ۽ مهمان شريڪ آهن. او آءِ سي ڪائونسل اجلاس سان خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته مسلمان ڏيڍ ارب آهن، پر انهن کي اهميت نه پئي ڏني وڃي، سڀني مسلمان ملڪن جي پنهنجي پنهنجي پرڏيهي پاليسي آهي. هن چيو ته مسلمانن کي دهشتگردي سان جوڙيو ويو، مذهب جو دهشتگردي سان واسطو ناهي.