بلاگ

زئنزيبار جا سلطان

(حصو ٻيون)

سلطان خالد بن برغش کي ٽي ڏينهن به ڪا مس حڪومت نصيب ٿي، جو انگريزن هن کي تسليم نه ڪيو. يعني پڙهندڙ ان مان اندازو لڳائين ته زئنزيبار جا سلطان جيڪي ڪنهن زماني ۾ آفريڪا جي آس پاس جا طاقتور حاڪم سمجهيا ويا ٿي، انهن جي حالت هندوستان جي آخري مغل بادشاهه بهادر شاهه ظفر واري وڃي ٿي. حڪومت وڃڻ تي سلطان خالد جي ماڻهن انگريزن سان مهاڏو ڪيو، جيڪو هتي جي تاريخ ۾ “ائنگلو زئنزيبار جنگ” جي نالي سان مشهور آهي. سلطان خالد جي ماڻهن ويڙهاند ڇا ڪئي؟ هن جي ماڻهن کي اڳهين اهو هو ته سلطان خالد ڪو چڱو مڙس ناهي، جنهن تخت جي لالچ ۾ پنهنجي سوٽ کي زهر ڏئي ڇڏيو. نه فقط سلطان خالد پر ان کان اڳ وارن سلطانن لاءِ به عوام کي هاڻ همدردي ۽ عزت گهٽجي وئي هئي ته هو عوام جي ڀلي لاءِ ته ڪجهه نٿا ڪن رڳو غلامن وڪڻڻ ۽ هاٿي مارائي ان جو عاج وڪڻي عياشي پيا ڪن. ويندي زئنزيبار، دارالسلام، ممباسا پاسي جيڪي ايران پاسي جا شيرازي، انڊيا جا بوهري، خوجا، گجراتي، ڪڇي، سنڌي هندو هئا ۽ يمن ۽ عربستان جا سوداگر ۽ پورهيت هئا، اهي پڻ هنن سلطانن مان بيزار ٿيڻ لڳا هئا. انگريز ڀلي هنن لاءِ ڪافر هئا پر هنن ڏٺو پئي ته عدن هجي يا ڪمپالا، سلون هجي يا سنڌ، هند۽ ملايا سنگاپور – جتي جتي به انگريزن جي حڪومت ٿئي ٿي اتي عوام لاءِ وري به بهتر حالتون ٿين ٿيون، ڪجهه نه ڪجهه عدل انصاف رهي ٿو، تعليم ۽ صحت تي ڌيان ڏنو وڃي ٿو، روزگار جا بندوبست ٿين ٿا. سو اندروني طرح زئنزيبار جي ماڻهن کي انگريزن سان اهڙي نفرت نه هئي جهڙي هڪ ڏوهاري سلطان لاءِ (ڀلي کڻي سلطان پاڻ کي اعليٰ ذات جو مسلمان ٿي سڏرايو پر هن جا ڪم ته جڏا هئا. هن جي عوام سان ته ڪجهه به همدردي نه هئي، ان لاءِ) مقامي ماڻهو ڪهڙو ويهي وڙهن ۽ پنهنجو سر قربان ڪن.

بهرحال سلطان جي زور ڀرڻ تي ڪجهه هن جا چمچا جن سلطان سان گڏ عيش پئي ڪيا ۽ ڪجهه عوام به جيڪا ان ڊپ ۾ هئي ته نه اٿنداسين ته سلطان جي وري حڪومت ٿي ته اسان کي موچڙا ملندا، سي انگريزن خلاف ۽ پنهنجي سلطان جي حق ۾ زئنزيبار جي گهٽين ۾ ميڙن جي حالت ۾ نعرن جا ٺڪاءَ ڪندا رهيا ته، ”اسان جو سلطان، جڳ جو سلطان”، “اسان جو سلطان، پهلوان سلطان” وغيره ۽ شهر جي چونڪن ۾ ڌرڻا ڏيندا رهيا. پر يارو تڏهن يعني اڄ کان ڏيڍ سئو سال اڳ يا اڄ نعرن ۽ ڌرڻن سان ڪڏهن ڪا سوڀ حاصل ٿي آهي؟ زئنزيبار جي سلطانن وٽ ڪا هزار ماڻهن جي تربيت يافته فوج به ڪا نه هئي جو ڏکئي وقت ۾ سندن ۽ سندن محلاتن جي نگهباني ڪري سگهي. سئو کن ماڊرن قسم جو بندوقون به نه هين. چوڌاري سمنڊ هو پر ڪا اهڙي گن بوٽ به نه هئي جو هنگامي حالتن ۾ زئنزيبار ٻيٽ جي گادي واري شهر “اسٽون ٽائون” جو بچاءُ ڪري سگهي. انگريز سالن کان پلاننگ مطابق جتي ڪٿي تربيت يافته فوج ۽ چوڌاري جنگي جهاز رکيو ويٺاهئا. مزي جي اها ڳالهه ته هنن اها فوج ڪا پنهنجي ملڪ مان ڪا نه ٿي آندي. هنن مقامي ماڻهن، سردارن، وڏيرن ۽ پيرن جي مٿي تي اهڙو ٿي هٿ گهمايو جو انعام جي لالچ ۾ هنن انگريزن کي بچائڻ لاءِ پنهنجي جان ٿي ڏني. 1857ع واري انڊيا جي فسادن ۾ هنن لاءِ گورکا، سک، مرهٺا ۽ ننڍي کنڊ جا ٻيا ماڻهو وڙهيا. اسان جي ننڍي کنڊ جي ڪيترنپيرن، سردارن، نوابن انگريزن جي بچاءَ لاءِ پنهنجا مريد موڪليا. هوڏانهن بهادر شاهه ظفر دهليءَ جي گهٽين ۾ ڌوڙ پئي پاتي ۽ هن پوڙهي ۽ ضعيف بادشاهه جي اکين اڳيان انگريزن هن جي ٻارن جو قتل ڪري ڇڏيو. جن مسلمان حاڪمن خلاف پيرن سردارن انگريزن جي مدد ڪئي انهن کان اڄ جو عوام اڻ ڄاڻ ناهي… اڄ هو وڏا وڏا درگاهه نشين ۽ اسيمبلين جا ميمبر ٿيو ويٺا آهن. انهن مان ڪجهه جو احوال ڊاڪٽر مبارڪ، حامد مير، حسن نثار ۽ اوريا مقبول جان جهڙا ليکڪ پنهنجن مضمونن ۾ ڏيندا رهن ٿا.

زئنزيبار جي هن Anglo Zanzibar War کٽڻ ۾ انگريزن کي ڪا دير نه لڳي. “گنيز بڪ آف ورلڊ رڪارڊ” ڪتاب ۾ ڏسندائو ته انگريزن کي هيءَ جنگ کٽڻ ۾ سڀ کان گهٽ وقت- فقط 38 منٽ لڳا. هن ۾ انگريزن سلطان جي محل تي بمباري ڪئي. سلطان محل جي پوئين دروازي کان ڀڄي ويو. سندس بچاءُ ڪندڙ نوڪر چاڪر ۽ مريدن مان 500 ڄڻا مارجي ويا ٻين آڻ مڃي. سلطان خالد بن برغش جرمنيءَ جي قونصل خاني ۾ وڃي پناهه ورتي جتان پوءِ هن کي آفريڪا جي ان سرزمين ڏي سمگل ڪيو ويو، جيڪا جرمنيءَ جي قبضي ۾ هئي. اتي هن کي سياسي پناهه ڏني وئي. بعد ۾ ويهن سالن بعد انگريز فوجين 1916ع ۾ هن کي دارالسلام ۾ گرفتار ڪري سيشلز ٻيٽ تي موڪلي ڇڏيو. ڪجهه سال اتي ۽ ڪجهه سال سينٽ هيلينا ٻيٽ تي رکڻ بعد هن کي اوڀر آفريڪا موٽڻ جي اجازت ڏني وئي، جتي هن 1927ع ۾ ممباسا ۾ وفات ڪئي.

1896ع ۾ حمد بن ثوويني جي وفات ۽ سلطان خالد بن برغش کي ڀڄائڻ بعد انگريز قونصلر حمود بن محمد کي زئنزيبار جو سلطان بنايو، جيڪو زئنزيبار جي پهرين سلطان ماجد بن سعيد جو ناٺي هو. هي نئون سلطان “حمود بن محمد” سلطان ٿيڻ تي انگريزن جو حد کان وڌيڪ ٿورائتو رهيو جو هو سمجهي ويو ته طاقت جو سرچشمو انگريز آهن، جن وٽ بم ۽ بندوقون آهن. توبون ۽ بارود آهن. جنگي جهاز ۽ ماڊرن ٽيڪنالاجي آهي. ٻَڌي ۽ اٽڪلونسٽڪلون آهن. انگريز به پنهنجي حڪومت کي روان بنائڻ لاءِ نالي ماتر هن گهراڻي جا ئي سلطان ٺاهيندو رهيو، جن کي رڳو عيش ڪرڻ تائين ڇڏي ڏنو هو باقي واپار وڙي ۽ ملڪ تي حڪومت پنهنجي مرضيءَ مطابق ٿي ڪئي. سلطان حمود بن محمد کي ڏهه ٻار ٿيا، جن مان علي بن حمود 1902ع کان 1911ع تائين زئنزيبار جو اٺون سلطان ٿيو. ان بعد خليفا بن هاروب 1911ع کان 1960ع تائين وڏي عرصي لاءِ زئنزيبار جو سلطان ٿيو. پر هڪ دفعو وري لکندس ته هنن عماني عربن جي زئنزيبار تي ڪا اها اصلي حڪومت ڪا نه ٿي هلي. اصل ۾ حڪومت ۽ دٻدٻو انگريزن جي هٿ ۾ هو. هي بس نالي ماتر سلطان ٿيو ويٺا هئا. اسٽون ٽائون جي سلطاني محل جو ميوزيم هن سلطان خليفا کي منسوب ٿيل آهي.

1960ع ۾ سلطان خليفا جي وفات بعد هن جو وڏو پٽ عبدالله بن خليفا زئنزيبار جو ڏهون سلطان ٿيو. هن سلطان بابت هڪ دلچسپ ڳالهه لکندو هلان ته انهن ڏينهن ۾ آمريڪا (USA) جي صدر جان ايف ڪينڊيءَ 1963ع ۾ هن سلطان کي تحفي ۾ سوني شيلڊ (Plaque) ڏيڻ لاءِ ان جو آرڊر واشنگٽن جي اعليٰ سونارن گالٽ ۽ برادرس (Galt & Bros) کي ڏنو. ان جو اطلاع سلطان عبداالله بن خليفا کي به ڪيو ويو پر افسوس جو ان ئي سال ڪينڊيءَ جي قتل ڪري سلطان کي ملندڙ گفٽ سونارن وٽ ئي رهجي ويو. انهن ئي ڏينهن ۾ سلطان به گذاري ويو. هن وقت مون کي ڌيان ۾ نٿو اچي ته هن سلطان جي وفات کان اڳ هن جون ٻئي ٽنگون ڇو ڪپيون ويون هيون. بهرحال هن جي وفات بعد سندس پٽ جمشيد بن عبدالله جنهن کي انگريز سرڪار طرفان سَر جو به خطاب مليو، پهرين جولاءِ 1963ع تي زئنزيبار جي سلطان بنجڻ لاءِ تاجپوشي ٿي. پر افسوس جو هي سلطان زئنزيبار جو ڪو ڇهه مهينا به مس حاڪم رهيو. 10 ڊسمبر 1963ع تي زئنزيبار کي انگريزن خودمختياري ڏئي ملڪ هن سلطان “جمشيد بن عبدالله” حوالي ضرور ڪيو، پر زئنزيبار جي عوام کي هي شاهي راڄ بنهه پسند نه آيو ۽ مهيني اندر 12 جنوري 1964ع تي عوام انقلاب آڻي سلطان جمشيد کي ڀڄائي ڪڍيو. هو زندگيءَ جا باقي ڏينهن پنهنجن وڏن جي ديس عمان ۾ رهڻ لاءِ پهتو پر عمان جي سلطان هن کي عمان ۾ هميشه لاءِ رهڻ کان منع ڪئي. نتيجي ۾ هو هڪ زال ۽ ڇهن ٻارن کي وٺي انگلينڊ هليو ويو. هن وقت هو 91 سالن جو آهي پورٽس مائوٿ شهر ۾ رهي ٿو.

زئنزيبار ۾ 1964ع واري هن انقلاب ۾ زئنزيبار ۽ آفريڪا جي ڪناري وارن شهرن جي مقامي سواحلي شيدين حصو ورتو هو. هنن هاڻ نٿي چاهيو ته ڪو ڌاريان عرب هنن مٿان حڪومت ڪن. هن انقلاب ۾ نه فقط عمان کان آيل سلطان ۽ انهن جو اولاد پر ٻيا به ڪيترائي عرب سوداگر زئنزيبار ۽ پيمبا ٻيٽ ڇڏي آفريڪا ۽ ايشيا جي ٻين ملڪن ڏي ڀڄي ويا. اهڙي طرح هن انقلاب بعد زئنزيبار تي عربن جي 200 سالن جي حڪومت جو خاتمو ٿيو. زئنزيبار ۾ هن ڏينهن تي هر سال موڪل ٿئي ٿي ۽ جشن ملهايو وڃي ٿو.

هن انقلاب بعد يعني زئنزيبار جي آخري سلطان جمشيد عبدالله جي ڀڄي وڃڻ بعد، هتي جو مقامي سياستدان عبيد ڪرومي ملڪ جو نئون صدر ٿيو، جنهن جي ڪوشش سان زئنزيبار ۽ آفريڪا جي ملڪ ٽانگانيڪا گڏجي هڪ نئون ملڪ تنزانيا ٺاهيو. (ختم….)