زرعي پاڻيءَ جي ونڊ ورهاست ۽ ڏنو پٽ ڇُٽي جو نظام امداد ڪانهيو December 2021
سنڌ زرعي لحاظ کان ڏيھن ۾ سُڃاتي وڃي ٿي ۽ ميرپورخاص انبن جو شهر آهي، اِها ڪا جُڙتو ڳالھ ناهي! جتي ڪجھ ننڍين ندين سميت سنڌو جهڙو بادشاھ درياءُ هن ديس جي زمينن جو سينو سائو ستابو رکندو آيو آهي، اُتي ڏيھ واسين جي زندگين ۾ خوشين جو خزانو، اميدن ۽ خوابن جو ضامن اُهو درياءَ ۽ اُن جو پاڻي رهندو آيو آهي، پر افسوس آهي گُذريل ڪجھ ڏهاڪن کان نظام جي ڀڃ ڊاھ جتي سنڌو درياءُ ۽ اُن جي واهن، ڪئنالن سان ويڌن ڪئي آهي اُتي عام لوڪ ۾ مايوسي، نا اميدي ۽ غُربت کي ٻه هٿ وڌيڪ اڳتي هٿي ڏني آهي.
پاڻي زندگي آهي! قدرتي طور ۽ فطري طرح اها مڃيل حقيقت آهي. پاڻي بِنا زندگي جي اِمڪان جو تصور اڻلڀ آهي. جديد تحقيق جي پسمنظر ۾ ڪيل انديشن ۽ اندازن مطابق، دنيا اندر ايندڙ جنگيون، ويڙهون، خونريزيون، حملا، قتلام ٿيندا ته پاڻي تي ٿيندا، اُن جو ادراڪ موجوده حالتن جي روشني ۾، هاڻ هوريان هوريان محسوس ٿيڻ لڳو آهي.
مڃجي يا نه مڃجي، پر انگريز سرڪار جا اهي ٿورا ۽ احسان، ضرور پنهنجي جڳھ تي اڃان قائم آهن، جيڪي هنن ديس جي ڀلي ۽ ديس واسين جي سهنج لاءِ، زرعي سُڌارن ۾ ڪئنالن، واهن، شاخن ۽ واٽر ڪورسن جا ڄار وڇائي ڪيا ۽ اُهي سڀ کوٽائي، قائم ڪري پاڻي ۽ زراعت جو مُنظم سرشتو قائم ڪيو ۽ اُنهن جي اهڙين ڪاوشن جي ڏس ۽ وُسعت سان گهڻيون غيرآباد پيل ٻنيون، زمينون، پَٽ ۽ پوٺا آبادي ۽ پوک لاءِ بڻيا. اُها ٻي ڳالھ آھي ته انگريز سرڪار جي وڃڻ کانپوءِ اسان جي پنهنجين حڪومتن ۽ انهن جي نمائندن ۽ ڪارندن انهيءَ سموري سرشتي کي ڊاهڻ، ڦٽائڻ، ختم ڪرڻ ۽ وڃائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي آهي ۽ نه ڄاڻ ايندڙ ڪيتري وقت تائين اُها ئي ڪوشش اڃان به ساڳي طرح جاري رهندي!
اُن جو اعليٰ مثال چئون يا زنده مثال سڏيون، تنهن ۾ سنڌ جون ڪئي شاخون اڄ اسان کي ڳولي پيش ڪرڻ ۾ ڪابه ڏکيائي پيش نه ايندي. اهڙين ڪيترين ئي شاخن مان، ضلعي ميرپورخاص جي تعلقي سنڌڙي جي، لڳ ڀڳ سترهن ڪلو ميٽرن جي مُسافت واري ڊگهي، جمڙائو (نارا ڪئنال) مان نڪرندڙ کيراهو شاخ پُڻ، هڪ اهم ۽ جيئندو جاڳندو ثبوت آهي!
زرعي پاڻي جي رسائي واري حساب سان سترهن ڪلو ميٽر طويل مفاصلو رکندڙ هي کيراهو شاخ، پنهنجي ٻنهي پاسن جي ڪيتري زمين جي ايراضي کي، زرعي پاڻي جي رسائي ڪندي پِيچ ڪندي هوندي؟ ان جا ڪي مدلل ۽ رڪارڊ مطابق جوڙيل پختا انگ اکر، هتي پيش ڪرڻ کانسواءِ، اهل علم ۽ ڄاڻو ماڻهن جي سرسي نظر سان سوچ ويچار ڪرڻ لاءِ ڇڏجي ٿو. اها ڪابه ابهامي ڳالھ نه هوندي ته هِن ايڏي ڊگهي شاخ تي ڪي ٿورا ڳوٺ، خاندان، آبادگار، هاري ناري، ڪُڙمي، مزدور، پورهيت ۽ اُنهن جي جياپي سان گڏ مال متاع ۽ چوپايا آسوند هوندا ۽ هي شاخ تعلقي سطح کانپوءِ ضلعي سطح تي به، مُلڪ جي معيشت ۾ پنهنجو حصو پتي شامل ڪرائيندي هوندي!
حساب ڪتاب ڪندي انگ اکر جڏهن گڏ ڪبا ته ڳالھ لکن ڪروڙن کان کربن ۾ پُڄندي نظر ايندي، پر حالت اها آهي ته ڪجھ ويجهن ڏهاڪن جي هنن مختصر ورهين ۾، سنڌ جي ٻين اهڙين ننڌڻڪين شاخن وانگر، جيڪا هِن کيراهو شاخ سان ويڌن ڪئي وئي آهي، اُن جو بدترين مثال ماضي قريب يا بعيد ۾ ٻيو ڪو ملي ئي نٿو.
گُذريل ڪجھ سالن کان کيراهو شاخ کي اهڙي طرح ننڌڻڪو ڪري مارڻ جون ڪوششون ڪيون ويون آهن، جو موجوده وقت ۾ هي شاخ يتيم، لاوارث ۽ بي يارو مددگار نظر اچڻ ۾ پنهنجو مثال پاڻ ٿي پئي آهي ۽ سون جي تعداد ۾ هن شاخ تي وسندڙ آبادگار، رابطي جي اڻهوند، تسلسل جي کوٽ، ايڪي، اتحاد ۽ ٻڌي کان وانجهيل رهندي، مايوس، افسرده ۽ تشويش ۾ ورتل ڏسجن ٿا. سنڌ جي زرعي سماج ۾ آبادگارن جا ڪي به اهڙا سرگرم اتحاد اڃان جُڙندي نظر نه آيا آهن، جيڪي پنهنجي زرعي حقن لاءِ مُنظم، مُتحد ۽ ڪارج وارا ڪي ڪردار ادا ڪري سگهن. جڏهن ته ٻي پاسي قوميت جي نالي کان ويندي سِول سوسائٽي تائين، ذاتين کان ويندي نوڪري پيشه ماڻهن جي يونينن تائين، نِجي ادارن جي تنظيمن کان وٺي مختلف ڪميونٽين جي حلقي بازين تائين، وڌ چڙھ ڪئي فورمن جا وجود ٺهندي ڊهندي پسجن ٿا.
سال ۾ ٽي سئو پنجهٺ ڏينهن، ٻارنهن مهينا، چار مُندون ۽ ٻه مکيه راهي پوکي ۽ فصل جون اهم آبهوائي موسمون هونديون آهن، جن ۾ هڪ ڪتيءَ ۽ ٻيو چيٽ! نُمايان ئي آهن. سرڪاري لحاظ کان سال ۾ هڪ ڀيرو هڪ مهينو واهن، شاخن جي کاٽي، صفائي جي نالي ۾ پاڻي مٿئين سطح کان مڪمل بند ڪيو ويندو آهي. ان مطابق ٻارنهن مهينن مان رهيا باقي يارنهن مهينا. هاڻ هتي پاڻ سڀ ڳالهيون ڇڏي ٻن اهم مُندن جي فصلن سان گڏ انهن يارنهن مهينن جي پاڻي ورڇ جو اڀياس ڪرڻ جي جيڪر ڪوشش ڪريون ته معلوم ٿي ويندو ته سنڌ جي بي واهين ۽ لا وارث شاخن کي پاڻي واهن مان ڪيئن ملي رهيو آهي، ڪهڙي تناسب سان وارا بندي جاري رکي پئي وڃي! پاڻي جي هٿرادو کوٽ کي ڪيئن امڪان ۾ آندو پيو وڃي! هڪڙا ڪيئن ٻُڏي پيا ترن ۽ هڪڙا ڪيئن سُڪي پيا مرن! اهڙي جاچ ۽ اڀياس ڪرڻ لاءِ موجوده وقت هِن مهل کيراهو شاخ کي پاڻي جي ونڊ ۽ ورهاست مان سرڪار نامدار پاران حصو پتي ڪيئن مُيسر ٿي رهيو آهي! اُن کي مثال طور آڏو رکون ٿا.
هفتي ۾ آهن ست ڏينهن! ۽ هي کيراهو شاخ هفتي جا ست ڏينهن وهائي وڃي ٿي، ستن ڏينهن بعد پوءِ ايندڙ اٺ ڏينهن وري بند رکي وڃي ٿي! معنيٰ ستن تي ست ڏينهن نه هڪ ڏينهن وڌيڪ يعني اُهو واڌو اٺون ڏينهن هر مهيني ۾ ٻه ڏينهن جو وڌيڪ اضافو ڪندو رهي ٿو.
ان حساب سان مهيني ۾ ٻه هفتا شاخ وهي ٿي ۽ ٻه هفتا، ٻه ڏينهن واڌو بند رهي ٿي، اهڙي ونڊ ورڇ مطابق، مهيني ۾ اڌ مهينو، ٻه مهينن ۾ هڪ مهينو، چار مهينن ۾ ٻه مهينا، ڇھ مهينن ۾ ٽي مهينا ۽ ٻارنهن مهينن ۾ ڇھ مهينا وڃي بيهن ٿا.
هاڻ سال ۾ شاخ ڇھ مهينا وهي ٿي ڇھ مهينا بند رهي ٿي، اڃان جيڪر درست حساب ڪندي انگ اکر جاچبا ته نظر ايندو، انهن ڇهن مهينن مان هڪ مهينو وارا بندي وارو ڪٽ ڪري، باقي پويان رهندا يارنهن مهينا ۽ يارنهن مهنين جو اڌ معنيٰ پنج مهينا پندرهن ڏينهن پاڻي وهي ٿو باقي پنج مهينا پندرهن ڏينهن بند رهي ٿو. انهيءَ ورهاست جي حساب سان انهن پنج مهينا پندرهن ڏينهن مان هر هفتي وارو اٺون واڌو ڏينهن به ڪٽبو ته يارهن مهينن جا اهي 22 ڏينهن به گهٽبا ته پوئتي پاڻي وھڻ وارو عرصو وڃي رهندو چار مهينا ايڪيھ ڏينهن!
اهڙي ريت سانوڻي جي مُند ۾ وسڪارن ۽ دريا ۾ چاڙھ سبب جيڪو ۽ جيترا ڀيرا جيڪي ڏينهن شاخ، واھ، ڪئنال اوچتا ۽ اچانڪ بند ڪيا وڃن ٿا، ان جو حساب ڪتاب ۽ ڳاڻيٽو الڳ آهي! سوچ ويچار جو مقام آهي هي سموري آبادي، آبادگار، ڪُڙمي پورهيت ۽ مزدور طبقو انهن چار مهينا 21 ڏينهن ملندڙ پاڻي تي ڪپھ، ڪڻڪ، سرنهن، بصر، ڀاڄيون، باغ ۽ ٻيا فصل پوکين ۽ سنڀالين ته ٿا، پر گڏ اُهي خواب به ڏسن ٿا جيڪي زندگي لاءِ اهميت جوڳي حيثيت ۽ مانَ مرتبا توڙي اهميت رکن ٿا، جن ۾ مرڻا، پرڻا، ميلا، ملاکڙا، اجھا جوڙڻ کان ويندي ٻچن جي مستقبل جا ڪئي سپنا سلهاڙيل هوندا آهن!
ڇا اهو چار مهينا ايڪيھ ڏينهن ملندڙ پاڻي سنڌ جي زراعت لاءِ مُناسب آهي؟ چار مهينا ايڪيھ ڏينهن کيراهو شاخ يا اهڙين ٻين سمورين شاخن کي پاڻي ڏئي باقي اٺ مهينا پاڻي بند رکڻ ملڪي معيشت جو نقصان ناهي؟ يا صرف اهو بس عوام ۽ آبادگارن جو ئي انفرادي نقصان آهي؟
کيراهو شاخ يا اهڙين ٻين سياسي عتاب جي شڪار توڙي سرڪاري ڏن نه ڀري سگهندڙ شاخن جون زمينون ڇا مُلڪي معيشت ۾ ڪو حصو پتي نٿيون رکن؟ اُنهن جون ٻنيون ڪمند، ڪڻڪ کان ويندي ڪپھ ۽ ڀاڄين تائين ڪيترو ناڻو تعلقي سطح کان ضلعي سطح تائين ڪمائيندي مُلڪي معاشيات سان گڏ عوامي حيثيت ۾ اهميت جوڳي جڳھ نٿيون رکن؟ ان جو اندازو ڇا انهن ماڻهن کي ناهي جيڪي نوڪري ڪرڻ بدران پاڻي جي ونڊ، ورڇ ۽ ورهاست تي پنهنجي حاڪميت جو گُمان رکيو ويٺا آهن؟
کيراهو شاخ سان سال جا اٺ مهينا پاڻي بند رکڻ وارو اهو هڪ اڪيلو ويڌن ناهي! ان کان علاوه هن شاخ سان وڏي دشمني ٻه سال اڳ شاخ کي زرعي سُڌارن جي نالي ۾ پڪو ڪرڻ سان به ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ شاخ جي سطح، شاخ منجهان نڪرندڙ واٽر ڪورسن جي سطح جي ماپ ۾ ڦير گهير، من پسند آبادگارن سان گڏ ڏِنو پُٽ ڇُٽي واري ڪار ڪندي ناموافق، بي ترتيب ۽ اڻ ٺهڪندڙ مُنڍ کان پڇڙي تائين واٽر ڪورسن جي موڳن، ماپن ۽ سطحن ۾ ايترو ته ڪرپٽ قسم جو فرق رکيو ويو آهي جو پاڻي وهندي ڪي ٻُڏن ٿا ڪي وري اُبتو اڃان به سُڪن ٿا. ان کان علاوه (سِلٽ) ريت سو ڌار شاخ جي موڙ ۽ ور وارن هنڌن تي گڏ ٿيندي پاڻي جي وهڪري ۾ رڪاوٽ بڻجي ٿو. انهن مڙني مسئلن جي مُشاهدي بعد معلوم ايئن ٿئي ٿو ته کيراهو شاخ کي پڪو ٺاهڻ ۾ فني، ٽئڪنيڪي ايريگيشن وارن اصولن جي پوئيواري ڪنهن به طرح نه ڪئي وئي آهي يا ته هٿ وٺي انهن جي لتاڙ ۽ ڀڃڪڙي ڪئي وئي آهي. ان جو نادر مثال اهو به آهي ته شاخ جي پڪو ڪرڻ ۾ شاخ تي موجود پُليون، موريون ۽ لنگھ اُهي ساڳيا پُراڻا رهڻ ڏنا ويا آهن! هاڻ جڏهن شاخ پڪي ٿيڻ سان شاخ جي نئين سطح اڳي کان وڌيڪ مٿي ٿي آهي ته اُهي پُراڻيون پُليون، موريون اڳي کان وڌيڪ هيٺ ٿي شاخ جي هيٺين سطح سان لڳي بيٺيون آهن ۽ پوءِ پاڻي جي وهي ايندڙ وهڪري سان گڏ ايندڙ سِلٽ، واريءَ جي لَٽ انهن پُلين ۽ مورين هيٺ ڄمي بيهي ٿي رهي. مٿان وري جي ان موريءَ يا پُل وٽ جيڪر هلڪو به ور آهي ته اُتي اُها سِلٽ باقاعدي ڳنڍي، رڪاوٽ جي پڪي پختي شڪل اختيار ڪري پاڻي جي مڪمل بندي جو سبب پئي بڻجي! هاڻ آبادگار شاخ جي پڪي ٿيڻ سان انهيءَ عذاب ۾ پُڻ مُبتلا آهن! ٿيڻ ته ايئن گهربو هو زرعي اصولن مطابق جڏهن شاخ نئين سر پڪي ڪئي پئي وئي ته شاخ تي ايندڙ سموريون پُليون ۽ موريون به نئين سر مڃيل ۽ منظور ٿيل سطح مطابق نئين سر جوڙي راس ڪيون وڃن ها، جن سان پاڻي جي وهڪري ۾ ڪنهن به قسم جي رڪاوٽ جو انديشو پئدا نه ٿئي ها ۽ سِلٽ، ريت ۽ لَٽ جي گڏ ٿيڻ جا به فني طور طريقا جاچيا وڃن ها، پر انهن سمورين ڪمين ڪوتاهين مان چڱي پر ڏسي سگهجي پيو ته ڪرپٽ دور ۽ ڪرپٽ عملداري هن ڏيھ جي دائمي بربادي ۾ ڪيتري حد تائين ملوث آهي. ان جو ڪو ازالو ٿيندو يا نه؟؟ اهڙا سوال غور طلب آهن.
اهڙين سمورين شاخن تي پيچ رکندڙ زرخيز ٻنيون، ٻارا، علائقا ۽ ديهون اهڙي نموني هٿ وٺي هٿرادو پاڻي کوٽ جي ذمري ۾ ويران، بنجر، ٺوٺ ڪيون پيون وڃن، جنهن سان مُلڪي معاشيات کي جيڪو ڪاپاري ڌڪ رسايو پيو وڃي، تنهن جو اندازو بي انت آهي، صوبائي ناڻي جي پئداوار ۾ جنهن جي حصي پتي جو ڳاڻيٽو ڪاٽُو انگن اکرن ۾ وڃي ٿو اُهو ان کان ڌار ۽ جُدا آهي، تنهن کان سواءِ عوامي سطح تي غريب ۽ غربت کي سنڌ جي هن زرعي سماج ۾ رهندڙ آبادگار، پورهيت، ڪُڙمي ۽ مزدور طبقي ۾ هٿ وٺي پئدا ڪيو پيو وڃي، سو غمناڪ پاسو جُدا آهي.
پاڻي جي ونڊ ورڇ تي منظور نظر ماڻهن/فردن جي تقرري مان ئي نه صرف پر هاڻ ته سنڌ جي هر ٻئي رياستي اداري ۾ ضلعي سطح تي مقرر ٿيل هر کاتي جي هر اڳواڻ جي طور طريقي مان هي سرڪار نامدار جا ادارا، ڪي ادارا گهٽ دُڪان، هٽ ۽ واپاري مرڪز وڌيڪ نظر اچڻ لڳا آهن، اهو چوڻ ڪو بيجا الزام نه آهي، ڇو ته اهڙي مام جو ادراڪ عوامي طرح هر اُهو فرد هاڻ ڪري ئي رهيو آهي، جنهن وٽ سرڪاري وکر وٺڻ جيترا نه ڏوڪڙ آهن نه ئي سفارشن جا ڪي ذريعا آهن ۽ اُهو نتيجي ۾ سرڪاري اَگھ اڳيان پنهنجي فطري، قدرتي، سماجي ۽ اخلاقي حقن لاءِ به روزمره جي بنيادن تي نيلام ٿيندي پڌرو ڏسجي پيو. ان لاءِ مثال طور پيش ڪرڻ ۾ ڪنهن به سرڪاري دُڪان کي کڻي سگهجي ٿو، جنهن ۾ جيئن خوراڪ جو کاتو آهي، جتي ضلعي خوراڪ آفيسر ڪڻڪ جي ورهاست سرڪار بجائي پنهنجي ذاتي جوڙيل اصولن تي ڪري ٿو ۽ ضلعي جي ورهاست روڪي ٻاهر ڪڻڪ وڪڻي ٿو. پاڻي جي ورڇ هيٺين عملدارن ذريعي ٽَڪن تي جوڙي ٿي وڃي، ان کان علاوه پوليس، روينيو ۽ ڪئي ٻيا کاتا جيڪي ڪنهن به لِڪ کان ڳُجها ڪونهن! بس سڀني کاتن جا دُڪان آهن. بظاهر سنڌ پرڳڻي ۾ هي وقت ايئن نظر پيو اچي جيئن هن دور ۾ ڏِنو پُٽ ڇُٽي جو نظام لاڳو آهي!
اُهو وقت پري ناهي اهڙي بدترين ڪرپشن جي نتيجي ۾ پنهنجي هٿ وس ٿيل هنن وقتي مسند نشين حاڪمن ۽ انهن جي مقرر ڪيل خاص ڪرپٽ عملدارن کان ويجهڙ ۾ هتي ئي عوام پاران بيزار ٿي مزاحمتن پُڇاڻا ڪيا وڃن. اهڙين حالتن کي لاڳو ڪرڻ بعد هاڻ اها پڪ ضرور ٿيندي ئي پئي وڃي ته اهڙين نِنڌڻڪين ڪيل شاخن، ٻنين، کيتن، زرعي علائقن ۽ ڀاڱن جي سهارن تي وسندڙ هزارين لکين انهن خاندانن جي آسوند اکين ۾، سونن سپنن جي جائي تي واريءَ پاڻ کي هٿ وس هجڻ واري زور ۽ ڏاڍ تي تڳندڙ هن گروھ ڀري آهي، تنهن وقتي ڏاڍن کان پُڇاڻا هتي ضرور ٿيندا ۽ وڌيڪ وقت ڏِنو پُٽ ڇُٽي جو نظام ڪنهن به صورت ۾ نه هلندو ۽ نه ڪڏهن هوندو! ۽ اُهو اڄ نه ته سُڀاڻ اوس ٿيڻو ئي آهي.