شادي تقريب ۾ شرڪت سبب ڪورونا وائرس ۾ ورتل سڄو خاندان لاڏاڻو ڪري ويو

سڄي دنيا کي پنهنجو شڪار بڻائيندڙ عالمي وبا ڪورونا وائرس سڄي خاندان جون حياتيون ڳڙڪائي ويو. پرڏيهي خابرو اداري موجب مصر جو هڪ خاندان پنهنجي عزيز جي شادي تقريب ۾ شرڪت کانپوءِ ڪورونا وائرس کان متاثر ٿيو هو، شادي جي تقريب ۾ خاندان جي ماءُ به شرڪت ڪئي جنهن سبب هن ۾ ڪورونا وائرس جي سڃاڻپ ٿي هئي. ان سبب اها عورت وائرس لاڏاڻو ڪري وئي ۽ هن جي لاڏاڻي کان ڪجهه ڏينهن اڳ سندس مڙس ۽ ٻن ٻارن ۾ به وائرس جي تصديق ٿي. عورت جي پٽ پنهنجي ماءُ جي ڪورونا وائرس سبب لاڏاڻي جي تصديق ڪئي هئي جڏهن ته ماءُ جي لاڏاڻي جي 10 ڏينهن کانپوءِ ئي پٽ انڪشاف ڪيو ته هن جو پيءُ ۽ هڪ ڀاءُ به ڪورونا وائرس سبب لاڏاڻو ڪري ويا. عرب ميڊيا موجب پيءُ جي لاڏاڻي جي ڪجهه ڏينهن کانپوءِ پٽ تصديق ڪئي ته هو پاڻ به ڪورونا وائرس ۾ وٺجي ويو آهي. ميڊيا جي رپورٽن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته اِهو شخص به ڪورونا وائرس جي ڪري ئي ڪجهه ڏينهن ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. ميڊيا موجب لاڏاڻي کان اڳ ان شخص پنهنجي فيس بڪ اڪائونٽ تي ڪيتريون ئي پوسٽون ڪيون هيون جنهن ۾ هن ماڻهن کي اپيل ڪئي هئي ته هو ڪورونا جي مريضن سان ملاقاتون نه ڪن. متاثر شخص پنهنجي پوسٽ ۾ ٻڌايو هو ته هن جا سمورا گهر وارا مارچ کان ئي گهر ۾ آئسوليٽ آهن، رڳو هڪ ڀيرو هن جي ماءُ عزيز جي شادي ۾ وئي هئي جنهن کانپوءِ هوءَ ڪورونا وائرس جو شڪار ٿي ۽ هن مان ئي سمورن گهر وارن ۾ وائرس منتقل ٿيو.

0 0 votes
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments