ادببلاگتاريخ

عالمگيريت ڀونچال ۽ مادري ٻولين جو لسانياتي فڪر

موجوده دور عجيب لقائن جو دور آهي. دنيا ۾ لکين، ڪروڙين تبديليون اچي چڪيون آهن ۽ لکين ڪروڙين تبديليون اچي رهيون آهن، ڪالهه جن شين تي اسين فخر ڪندا هئاسين ۽ انهن جي موجودگي کي سڀ ڪجهه سمجهندا هئاسين ۽ پيا سرها ٿيندا هئاسين، پر هن وقت حالت مختلف آهي، هڪ ڏينهن هڪ لمحي ۾ شيون، ڪارڪردگي، قابليت، هنر، تعليم درس تدريس، اخلاقي معيار تبديل ٿي پون ٿا ۽ اسين ڏسندا رهجي وڃون ٿا. دنيا هڪ وڏي عالمگيريت جي ور چڙهي چڪي آهي، ڪا اهڙي قوم ڪونهي، ڪا اهڙي ثقافت ڪونهي، ڪا اهڙي ڳالهه ڪونهي، جيڪا هن عالمگيريت کان پاڻ بچائي سگهي هجي. هي هڪ عجيب نئين قسم جو ڊجيٽل پاتال آهي، جنهن ۾ هر شيءِ غرق ٿي رهي آهي. اوهين چاهيو يا نه چاهيو اوهان جون خوشيون، اوهان جا ڏک سڀ ڪجهه هاڻ پبلڪ پراپرٽي بڻجي ويا آهن. نجي زندگي، پرائيويٽ زندگي جي ڪا معنيٰ ئي نه رهي آهي، سڀ ڪجهه مارڪيٽ جو حصو آهي، سڀ ڪجهه هٽ جو وکر آهي، اوهان ڪارپوريشن جي رحم و ڪرم تي ڇڏيا ويا آهيو.

هاڻوڪي ماڻهو يعني هوموسيپينسHomo Sapiens جي ٻين وڏين وڏين حاصلات مان ٻولي به هڪ اهم حاصلات آهي. ٻولي انساني تاريخ ۾ ڪا گهڻي پراڻي ڪونه آهي، اها انسان جي ويجهي اسي يا سئو هزار سالن جي محنت جو نتيجو آهي جو انهيءَ هڪ ڪمال وٿ حاصل ڪري ورتي. جنهن ٻوليءَ ۾ ماڻهو پهريون دفعو ڳالهائي ٿو، هڪ اڌ لفظ اچاري ٿو ان کي ماءُ ٻولي سڏجي ٿو. ماءُ ٻوليءَ کان علاوه سڀ ٻوليون اضافي ٻوليون L=2 چورائين ٿيون، ماءُ ٻوليءَ لاءِ نيلسن منڊيلا چيو آهي، جڏهن ڪو ماڻهو ڌاري ٻولي ڳالهائي ٿو ته اهو دماغ سان مخاطب ٿئي ٿو، پر جڏهن مادري ٻولي ڳالهائي ٿو ته اهو ماڻهو دل سان مخاطب ٿئي ٿو. گڏيل قومن جي ذيلي اداري يونيسڪو تحت اها هڪ مڃيل حقيقت آهي ته ٻار جي شروعاتي تعليم ۽ ڳالهه ٻولهه سندس مادري ٻوليءَ ۾ ئي ٿئي ٿي. فنلينڊ جي ماهر لسانيات ڪنگاس چئي ٿي، ”جديد تعليم ۾ ماءُ ٻولين جو ڪوس ٿي رهيو آهي، ٻار جي بنيادي انساني حقن ۾ ان جي اباڻي ٻوليءَ جو حق تمام اهم ۽ اڻٽر آهي.

ٻولي ماڻهوءَ جي خيال، سوچ ۽ جذبي جي سفير ٿئي ٿي، ٻولي اسان جي ثقافت، اقتصاديات، واپار ۽ تعليم جو اهم ذريعو هوندي آهي.

نباتات، چرند پرند، چراگاهه، ميدان، کيت ۽ انهن سان سلهاڙيل ماڻهوءَ جو سنٻنڌ سڀ ٻوليءَ جي ڪارڻ ممڪن ٿي سگهيو آهي. خواب ڏسڻ، گيت جهونگارڻ جذبن جو اظهار ڪرڻ، خوشي ۽ ڏک جي ونڊ ڪرڻ لاءِ اسين سڀ ٻولي ئي ڪتب آڻيندا آهيون.

ٻولي اسان جي امنگن جي ترجمان ٿئي ٿي. زراعت کان وٺي هاڻوڪي سائنسي، ٽيڪنالاجي واري دور تائين ماڻهو ٻولين جي جهولين ۾ لوليون وٺندو آهي، ٻولي هڏ ۽ ماس کان به تمام وڏي اهميت واري ٿئي ٿي.

ٻولي جو مطلب صِرف اِهي ٻوليون ڪو نه آهن، جن کي لپي يا نشانيون Sign Language آهن. هي جيڪا موسيقي ٻڌون ٿا، ان بابت جيڪا موسيقي جي ڌن ترتيب ڏبي آهي، جنهن لاءِ نوٽيشن، موسيقي جي زبان استعمال ڪبي آهي، اِها به ته ٻولي آهي، جيڪا ڪڏهن مَن ۾ مانڌاڻ مچائي ٿي ته ڪڏهن ڪنن ۾ ٻُري ٿي.

حساب ڪتاب، رياضي ۾ استعمال ٿيندڙ ڏنگيون واڌو، ڪاٽو، ضرب ۽ ونڊ، اڻپور ۽ الجبرا جاميٽري ۽ رنکا ڳڻت، ٽرگناميٽري، سڀ هڪ زبان جو نالو آهي. انڌن ماڻهن لاءِ جيڪي ڪتاب تيار ڪيا ويندا آهن، جن جا اکر اُڀريل Brail books هوندا آهن، هُو انهن کي ڇهندا، انهن کي مَن جي اکين سان پڙهندا ويندا آهن.

دنيا ۾ لڳ ڀڳ ست هزار ٻوليون ڳالهايون وڃن ٿيون، دنيا ۾ 225 ملڪ آهن، هرهڪ ملڪ جي پنهنجي ثقافت ۽ وري انهيءَ ثقافت جي اندر ٻيو ڪو ثقافتي اهڃاڻ موجود هوندو آهي. دنيا جي ٻولين ۾ به ائين آهي جو ڪي ٻوليون آهن، ڪي وري انهن جا لهجا آهن. لهجن جي ڄاڻ رکندڙ اهڙا لسانياتي ماهر به دنيا ۾ موجود آهن، جيڪي ماڻهوءَ کي ان جي علائقي تائين محدود رکڻ ۽ اِهو ٻڌائڻ ته فلاڻو ماڻهو فلاڻي علائقي سان واسطو رکي ٿو. ڊيوڊ ڪرسٽل چواڻي ”هن وقت دنيا ۾ ست کان نو هزار ٻوليون ڳالهايون وڃن ٿيون، جن مان اقليتي ست ٻوليون پوري عالم جي ٻولين مٿان حڪمراني ڪري رهيون آهن، جن ۾ چيني، انگريزي، فرانسيسي، جرمن، عربي ۽ هندي ٻوليون قابل ذڪر آهن.

ٻولين جي هِڪ پنهنجي دنيا ۽ پنهنجو جهان ٿئي ٿو. دنيا ۾ ائين ٿيندو آيو آهي ته لڏپلاڻ، ڪاهن، جبر، ڏاڍ ۽ تسلط جي ڪري جيئن مُلڪن جا ملڪ، سلطنتن جون سلطنتون قبضي هيٺ اچي ويون، مفتوح بڻجي ويون ۽ فاتح انهن مٿان هر ظلم ۽ جبر ڪيو، مقامي ماڻهن کي غلام بڻايو، مقامي وسيلن تي قبضو ڪيو، انهن جي ڦرلٽ ڪئي، انهي سڀ ڪجهه سان گڏوگڏ هُن پاڻ سان آندل پنهنجي وحشي سامراجيت ثقافت جي روپ ۾ اِها مفتوح علائقن مٿان مڙهي ڇڏي. نتيجي ۾ انهن علائقن جي ٻولي، ثقافت ڪلچر ۽ اهڃاڻ سڀ ڪجهه حاڪم جي آندل ٻولي ۽ ثقافت جي هٿان قتل ٿي ويو.

دنيا ۾ ائين ٿيو آهي ۽ ٿي رهيو آهي، موجوده آمريڪا جا اصلوڪا رهاڪو اهي ڪونه هئا، جيڪي هاڻ موجود آهن، بلڪه اِهي جن کي ڪولمبس ريڊ انڊين سڏيو، انهن کي ڳولي ڳولي ماريو ويو ۽ ڪجهه کي شراب ۽ نشو ڏئي انهن مان طاقت ۽ سگهه ختم ڪئي وئي.

آسٽريليا، نيوزيلينڊ جي ابورجينائي ماڻهن کي جهنگلي سڏيو ويو ۽ انهن جي ٻولي کان نفرت ڪئي وئي. اسان وٽ آريا جڏهن آيا تڏهن انهن دراوڙن جي ثقافت کي تباهه ڪيو، مسمار ڪيو، انهن مٿان پنهنجي ثقافت ۽ ٻولي مڙهي. ڪئناڊا، اسڪاٽلينڊ جي اصلوڪن ماڻهن جي ٻولين سان به ائين ئي ڪيو ويو.

1843ع ۾ جان نيپيئر جي سنڌ فتح ڪرڻ کان اٺ سال پهرين انگريزن ميڪالي کي ننڍي کنڊ يا برطانوي هندستان جي ٻولي پاليسي جوڙڻ جو ڪم ڏنو، جنهن هتان جي ٻين مقامي ٻولين تي منڌيئڙو يا ٻئي طرف عربي ۽ سنسڪرت جو ذڪر ڪيو ۽ انهن کي به انگريزي ڪتابن جي هِڪ ڪٻٽ ۾ پيل ڪتابن جي حيثيت جي برابر نه سمجهيو.

هن چيو ته اسان کي هندستان ۽ آفريڪا مٿان سامراجيت قائم رکڻ لاءِ انگريزي کي تعليم جو ذريعو بڻائڻو پوندو ۽ هِڪ اهڙو طبقو تيار ڪرڻو پوندو، جيڪو انگريزن ۽ محڪومن وچ ۾ هِڪ خاص مراعت يافتا هجي، رنگ ۽ نسل ۾ ڀل هندستاني هجي، پر خيال ۽ عمل ۾ انگريز هجي ۽ ائين ئي ٿيو. اڄ تائين اسان جي تعليمي پاليسي ميڪالي جي تسلسل جو نتيجو آهي. انهيءَ وقت جي برطانوي هندستان ۾ سنسڪرت ۽ مڪاني ٻولين ۾ تمام گهڻو ادب ۽ علم موجود هو، اِهو سڀ ڪجهه هِڪ ئي ڌڪ ۾ تباهه ٿي ويو.

اُن وقت جيڪي آرٽ ٿيٽر ۽ ٻين ثقافتي اهڃاڻن کي انگريزن ناقابل تلافي نقصان پهچايو، جنهن تي پنڊت جواهر لال نهرو پنهنجي سوانح حيات ۾ لکيو آهي ته ”انگريزن هندستان ۾ ٻيائي ۽ تفاوت جو اهڙو ٻج ڇٽيو جيڪو اڄ وڌي وڻ ٿي چڪو آهي. گانڌي لکيو آهي ته ”انگريز هندستان ڇڏي ته ويا، پر پٺيان ڪجهه نه ڇڏي ويا.“

دنيا ۾ هر هفتي، هر مهيني، هر سال ٻولين جو موت ٿئي ٿو يا ڪيو وڃي ٿو. مها هجرتن سياسي تنگ نظري، فوجي ڪاهون ۽ ماحولياتي اثر انساني معاش تي اثر انداز ٿيندا رهيا آهن ۽ اهي ئي ٻولين جي تبديلي، انهن جي بگاڙ ۽ دنيا جي نقشي تان انهن جو وجود مٽائڻ جا تمام اهم ذريعا رهيا آهن.

ڪنهن به ٻولي کي ڌڪار مان ڏسڻ، ان جي اهميت ۽ افاديت کان انڪار ڪرڻ ۽ ان مٿان چٿر ڪرڻ بعد ۾ تمام گهڻو مهانگو پئي ٿو ۽ نسلن جا نسل ان جو هرجاڻو پيا ڀريندا آهن. پاڪستان جي لسانياتي پروفائيل تي جيڪڏهن نظر وجهبي ته اسان کي خبر پوندي ته پاڪستان جي چئني صوبن ۾ مختلف ثقافتون ۽ ٻوليون ڳالهايون وڃن ٿيون، انهيءَ ثقافتي ۽ لسانياتي اهڃاڻن کي پنهنجي پنهنجي جاءِ تي وڏي اهميت حاصل آهي. پاڪستان هِڪ گهڻ ٻوليائي ملڪ آهي. اِها گهڻ پاسائي ئي ان جي سونهن آهي، اِها سونهن ۽ سوڀيا ئي ان جي مرڪز کي مضبوط ڪري ٿي. دنيا جي لڳ ڀڳ اٺ ارب آبادي انهي ست کان ڏهن ٻولين جي رحم ۽ ڪرم تي هلي رهي آهي. انگريزي جيئن ته هن وقت ميديا، سياست مالياتي ادارن ورلڊ بئنڪ، آءِ ايم ايف، هاليوڊ ۽ دنيا جي وڏن ڇاپي خانن جي ٻولي آهي، تنهنڪري ان جو سڪو هلي ٿو ۽ ان جو ئي راڄ آهي. ٽيڪنالاجي جي دنيا ۾ وڏي پيماني تي انگريزي ٻولي جو واهپو ٿي رهيو آهي. هڪ سيڪنڊ ۾ لکين، ڪروڙين اسٽيٽس سماجستان جو حصو ٿي رهيا آهن، انهيءَ ڪري انگريزي هاڻ اها راڻي جي انگريزي ڪونه رهي آهي. بلڪه هاڻ انگريزي دنيا جي ٻولي ٿي چڪي آهي. هاڻ انگريزي پنهنجائجي چڪي آهي. هر ملڪ، علائقو پنهنجي پنهنجي حساب سان اتان جي مقامي ٻوليءَ ۾ انگريزي ڪتب آڻي رهيو آهي.

جارج يول مطابق ٻولي جو نج هجڻ هڪ منگهڙت ڳالهه آهي. ٻولي جو معيار وغيره صرف بئنڪ، نصاب ۽ واپار کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ٺاهيو ويو آهي نه ته ڪنهن به ٻوليءَ جو ڪو معياري لهجو ڪونه ٿيندو آهي.

هن سڄي صورتحال ۾ ڀلا سنڌي ٻولي جو مقام ڇا آهي ۽ ان جي ڪهڙي صورت بيهي ٿي؟ اوهان به چئو ٿا ته سنڌي کي قومي ٻولي جو درجو ملڻ گهرجي، مان به چوان ٿو ته سنڌي ٻولي هڪ قديمي ٻولي آهي، ان کي قوميائڻ گهرجي. پوءِ ڀلا مسئلو آهي ڪٿي؟ ههڙي قديم ٻولي جنهن جو زرخيز ماضي ۽ ادبي ورثو هجي، اها اڃان تائين ڇو ڪنهن ڏانهن ڪجهه ملڻ لاءِ واجهائي رهي آهي؟ روزانو سنڌي ٻولي ۾ ڪيترائي ڪتاب، اخبارون، سنڌي ميڊيا ۽ الائي ڇا ڇا؟ پوءِ ڀلا آخر ڪهڙا سبب آهن جو سنڌي ٻولي ترقي ڪرڻ جي بجاءِ پٺتي وڃي رھي آھي. ڪراچي کان ڪشمور ۽ ڪاڇي کان ڪيٽي بندر تائين هڪ به خانگي اسڪول فضيلت سان سنڌي جو مضمون نه پڙهائي رهيو آهي. ان جو ڪارڻ ڇا آهي؟ ان جا سبب ڪهڙا آهن؟ سنڌ توڙي ٻي دنيا ۾ مادري ٻولين جي انهي للڪار کي اچو ته ٿورڙو سمجهڻ جي ڪوشش ڪريون!

عالمگيريت پوري دنيا کي هڪ ثقافت ۽ هڪ ڪرنسي، هڪ ٻولي، هڪ مارڪيٽ ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ سانڀاهي رهي آهي. ٽيڪنالاجي جي يلغار هڻي اڄوڪي ماڻهن جون متيون منجهائي ڇڏيون آهن. اسان وٽ گهربل وسيلا آهن ڪونه جيڪي هن ٽيڪنالاجي جي يلغار جنهن ۾ گهڻو تڻو ثقافت ۽ ٻولي متاثر ٿئي ٿي، کي بچائي سگهون. اسين ايترا هنرمند حرفت باز ۽ سگهڙ آهيون ئي ڪونه جو هن ميڊيائي، انٽرنيٽي انقلاب کان متاثر ٿيڻ کان بچي سگهون.

فرانسيسي ماهر بشريات، سماجي سائنسدان پيري بورڊيو اسان کي سماجي ثقافتي سرمائي ذريعي ڪجهه هن ريت سمجهايو آهي. بورڊيو مطابق سماج ۾ رهندي اسان وٽ پنهنجو شخصي سرمايو هوندو آهي. جنهن ۾ ڪا صلاحيت سٺو ڳالهائڻ لکڻ، پڙهڻ يا ڪا ٻولي وغيره. ٻئين نمبر تي وکر يا وٿ، اوهان وٽ ڪيتري جائيداد آهي، اوهان وٽ ڪيترو بئنڪ بئلنس آهي؟ ٽيون ادارتي سرمايو جنهن ۾ اوهان جي تعليم، اوهان جا عهدا، اوهان جو مان مرتبو مثال ڪنهن ماڻهو جي نالي کان پهرين صرف ڊاڪٽر لفظ جو لکڻ ان جي سماجي حيثيت تبديل ڪري ڇڏي ٿو. اهڙي صورتحال ۾ اوهان سمجهي سگهو ٿا، هڪ اڻ پڙهيل عورت به معصوم ٻار کي چوندي آهي ته مهمانن سامهون مون کي مامMom چئو، امان نه چئو. ڇاڪاڻ ته مامMom يا ڊيڊDad هڪ لفظ نه بلڪه هڪ مڪمل آئيڊيالاجي ۽ سماجي سرمائي جو مثال آهي. اهڙي صورتحال ۾ هڪ ٻولي جيڪا طاقت جي سڀني وٿن مان ٻاهر بيٺي هجي ته ان کي ڪير پڙهڻ ۽ پڙهائڻ پسند ڪندو؟ اسين ڀل اصلوڪين ٻولين، مادري ٻولين لاءِ زمين آسمان هڪ ڪري ڇڏيون تڏهن به اڄوڪو عام ماڻهو ان لاءِ تيار ڪونه ٿيندو. ڇاڪاڻ ته سماج ۾ اها ڏند ڪٿا خانگي اسڪول پنهنجي طاقت تي کپائي رهيا آهن ته انگريزي معنيٰ چالاڪ، صاف سٺو، خوبصورت اعليٰ نوڪري ۽ اهو ڪجهه جيڪو هڪ ماڻهو کي گهرجي.

پاڪستان جي دستور مطابق، ملڪ جي قومي ٻولي اردو آهي، جيڪا دستور جي نفاذ کانپوءِ دفتري زبان ۽ تعليم جو ذريعو هوندي، پر زميني حالت ڪجهه مختلف آهي. پاڪستاني ماهر لسانيات طارق رحمان مطابق اڄ پاڪستان ۾ اعليٰ تعليمي ادارن، وڏن وڏن مهانگن خانگي اسڪولن، بئنڪن، عدالتن ۽ ميڊيا جي ٻولي گهڻو تڻو انگريزي يا اردو آهي، ڪٿي به علائقائي ٻولين کي ڪونه قبوليو ويو آهي ۽ انهن کي ويتر اسٽيريو ٽائپ پئي ڪيو ويو آهي. انهيءَ ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته اڄوڪي دور ۾ انگريزي ٻولي کانسواءِ ٻي واهه ئي ڪونه آهي، پر ان جو اهو مطلب به ڪونه آهي ته پنهنجين اباڻين ٻولين کي ماري ۽ وساري ڇڏيون؟ هي سڀ ڪجهه اسين عالمگيريت جي وڌندڙ بخار جي ڪري ڪري رهيا آهيون يا ائين چئجي ته هن ٽيڪنالاجي جي طاقت جي هٿان اسين سڀ بيوس ۽ لاچار آهيون ۽ اسان جي حيثيت هاڻ هڪ ڪل يا پرزي جي وڃي بچي آهي. اسان جا ڪي به اخلاقي قدر قومي فردي اهڃاڻ نه رهيا آھن. محمد ابراهيم جويو چواڻي ته سنڌي ٻولي جا اصلي مورچا سنڌي ٻولي جا اسڪول يا پرائمري اسڪول هئا، جن کي آهستي آهستي ڪري ختم ڪيو ويو. هاڻ ستم ظريفي اها آهي جو هن وقت واهڻ وستين ۽ ڳوٺن جي ختم ٿيڻ ڪري ۽ بلڊر مافيا جي لالچائڻ سبب تڪڙي شهر ڪاري جي ڪري ماڻهو ڳوٺن مان لڏي اچي شهرن ۾ رهيا آهن ۽ شهرن ۾ هر گهٽي ۾ هڪ ٻن ڪمرن جي جاءِ ۾ هڪ خانگي اسڪول کولي اتي ڪنهن بيروزگار ايم اي پاس ڇوڪري جي مجبوري جو فائدو ورتو ويو آهي ۽ هي آهي اسان جو ديسي انگلش ميڊيم اسڪول! جتي معصوم ٻارڙا روزانو هڪڙي وڏي عذاب ۾ مبتلا ڪيا ويا آهن، اسڪول ۾ پڙهائڻ لاءِ مڪمل تربيت ۽ تدريسي علمPedagogy جي هوندي آهي.Bloom Taxonomy مطابق ٻار جي هٿ، دل ۽ دماغ مطابق ان جي صلاحيتن مطابق ان کي تدريس ڏني ويندي آهي، پر اهي ڳالهايون وڏن وڏن پاڻي جي جهاز جيڏن ڪنگ سائيز خانگي ادارن کي ڪٿي سمجهه ۾ اينديون، نتيجي ۾ هڪ اهڙي پيڙهي جو اڀار ٿي رهيو آهي، جيڪا پنهنجي ورثي، پنهنجي ڌرتي، پنهنجي وسيلن ۽ پنهنجي وطنيت کان بلڪل بي پرواهه ورچيوئل دنيا ۾ گذاري رهي آهي ۽ آئيندو ان کان به وڌيڪ ڀيانڪ نظر ٿو اچي.

اهڙي صورتحال ۾ پنهنجين اصلوڪين ٻولين کي بچائڻ يقينن هڪ وڏو چئلينج آهي. رابرٽ فلپسن هڪ ماهر لسانيات آهي جيڪو دنيا تي انگريزي ٻولي جي سامراجي اثر بابت ڳالهائي ٿو، هن مطابق ”دنيا ۾ اهو ڊسڪورس ڪٿي به ڪونه آهي، جو انگريزي ٻولي پنهنجي طاقت جي زور تي هزارين اصلوڪين ٻولين کي قتل ڪري رهي آهي يا محڪوم بنائي رهي آهي، ششي ٿرو جي ڪتابInglorious Empire ۾ هو ڄاڻائي ٿو ته پوري دنيا ۾ قائم انگريزي ٻولي جي نصاب ۾ ڪٿي به پڙهندڙن کي اهو ڪونه ٻڌايو ويو آهي ته انگريزن ڪهڙي نموني ايشيا ۽ آفريڪا جي ملڪن مٿان پنهنجو بيٺڪي راڄ ۽ تسلط قائم رکيو، اتان جي مقامي ثقافت ادب، ٿيئٽر ۽ ڪلچر کي تباهه ڪري ڇڏيو؟ او ۽ اي ليول جي ڪنهن به ڪتاب ۾ انگريزن جي ڏاڍ ۽ بربريت بابت ذڪر ڪونه آهي.

برطانوي دور ۾ انگريزن ڪلڪتي ۾ فورٽ وليم ڪاليج قائم ڪيو ۽ اتي عربي، فارسي، سنسڪرت ۽ ٻين مقامي ٻولين جي عالمن کي گهرائي هتان جي مقامي ثقافت ۽ ٻوليءَ بابت سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ انگلستان مان هر نئين ايندڙ وائسراءِ ۽ آفيسر لاءِ هتان جي مقامي ٻولي سکڻ لازم هوندو ھو. اهڙيءَ ريت انهن ڪجهه حد تائين هتان جي مقامي ٻولين کي فائدو پڻ رسايو، پر ان جي بدلي ۾ انگريزن معاشي طرح انڊيا کي اهڙو ڪنگلو ڪري ڇڏيو جنهن جو مثال نٿو ملي.

هڪ اونداهو عهدAn Era of Darkness ششي ٿرو جي هڪ ٻئي ڪتاب ۾ هو انتهائي ڇرڪائيندڙ انڪشاف ڪري ٿو ”انڊيا پوري دنيا ۾ معاشي طور مستحڪم ۽ خوشحال ملڪ هو، پر جيئن ئي انگريز هتان ويا ته انهن هندستان کي غريب ترين ملڪ ۾ تبديل ڪري ڇڏيو. رهي سهي ڪسر انگريزن جنهن کي نام نهاد آزادي جون واڳون سنڀاري ڏنيون انهن پوري ڪري ڇڏي، جن جي سامراجيت اڄ سوڌو جاري آهي. اسين آفريڪا توڙي پاڻ وٽ بيٺڪيت پڄاڻا کي بحث هيٺ آڻيندا آهيون، پر مان ڀانيان ٿو ته پوسٽ ڪالونيل ڇا جو؟

اسان وٽ ته بيٺڪيت ختم ئي ڪونه ٿي آهي، اها اڄ تائين وڌيڪ وڌي آهي. اسين چوويهه ڪلاڪ نيو ڪالونيل ۽ نيولبرل جي چنبي ۾ آهيون، ڪير ٿو چئي اوهان کي آزاد ڪيو ويو آهي؟ اوهان ڪالهه به قيد هئا ۽ اوهين اڄ به قيد آهيو. اڄ اوهان کي انگريزي ٻولي جي مهارت کانسواءِ ڪا نوڪري نٿي ملي سگهي. مقامي ٻوليءَ ۾ پڙهيل ماڻهو جي اسان وٽ ڪيتري عزت يا مان آهي اوهان پاڻ کان ئي پڇو؟ مشهور آمريڪي ماهر لسانيات چومسڪي لسانيات بابت تمام گهڻا نوان نظريا پيش ڪيا آهن. هن مطابق ٻولي هڪ متحرڪ ۽ حياتياتي جز آهي. هر ٻار جي دماغ ۾ هڪ ڪائناتي گرامر موجود آهي. ان کي جهڙي ٻوليءَ ۾ تحرڪ ڏبو هو اها ئي ٻولي سکندو ۽ اها ئي ٻولي سندس مادري ٻولي وڃي ٿيندي، هن چواڻي هر ٻار جي ذهن ۾LAD هڪ تڪڙي ٻولي ڪيميا هوندي آهي ۽ اها ان کي ٻولي سکڻ ۾ تڪڙي مدد ڪري ٿي.

اسان جي تعليمي پاليسي ۾ ڪٿي به اها شيءِ ڪونه آهي جو ٻار کي مادري ٻولي ۾ تعليم ڏني وڃي، جيڪي به تعليمي پاليسيون ٺهيون آهن انهن اسان جي تعليمي نظام کي ويتر منجهايو آهي. سورنهن سال پڙهڻ باوجود انگريزي ٻولي اسان جي تعليمي قابليت ۾ وڏي رنڊڪ بڻجي بيهي ٿي ۽ اسان نه چاهيندي به هڪ وڏي احساس ڪمتري جو شڪار آهيون. عرب ملڪ ڪوريا، چين، جاپان بنا انگريزي جي تڪڙي ترقي ڪري رهيا آهن.

فرانس ۽ جرمني وٽ تعليم جو ميڊيم سندن پنهنجي ٻولي آهي، ترڪي ۾ سندن ٻولي جي لپي تبديل ٿي آهي، پر اهي به پنهنجي ٻولي سان اڳيان وڌي رهيا آهن، ملڪن جي ترقي ۾ سياست ۽ ملڪ جي معيشت، ماڻهن جي تعليمي قابليت ۽ هنري سرمايي جو وڏو هٿ هوندو آهي.

سنڌي ٻولي هڪ قديم ورثو رکندڙ ٻولي آهي. ان جو بهترين ادب آهي. اڃان تائين سنڌي ٻولي سائنسي ٻولي ڪونه ٿي آهي. جنهن لاءِ حڪومت کي اڳيان وک وڌائڻ گهرجي. ٽرانسليشن بيورو، ترجمي نگاري جون اڪيڊميون ٺاهڻ گهرجن، سنڌ واسين کي گهرجي ته هو ڀل پنهنجي ٻارڙن کي انگريزي ميڊيم اسڪولن، خانگي اسڪولن ۾ تعليم ڏيارين، پر انهن خانگي اسڪولن کان اهو پڇاڻو ضرور ڪن ته هو ڄاڻي ٻجهي سنڌي ٻولي جو مضمون ڇو نٿا پڙهائين. سنڌ حڪومت کي اھو کپي ته خانگي اسڪولن کي اهو بانور ڪرائين ۽ پابند ڪرائين ته هو سنڌي ٻوليءَ کي لازمي مضمون طور سنڌي ٻارن کي پڙهائين. پنج ڪروڙ سنڌين کي کپي ته هو پنهنجي ٻولي ۽ ورثي جي مالڪي ڪن. سنڌي ٻوليءَ کي اپنائڻ ۽ قوميائڻ لاءِ سنڌي ماڻهن کي پڻ پنهنجو رويو ٺيڪ ڪرڻ گهرجي. مادري ٻولي سکڻ هر ٻار جو بنيادي لساني حق آهي. اسان کي هن عالمگيريت ۾ رهندي پنهنجي اصلوڪي ٻوليءَ جي آبياري ڪرڻ گهرجي. ڇاڪاڻ ته ماءُ ٻوليءَ ۾ ٻڌل پهريان حرف پوري زندگي اسان جي ڪنن ۾ ٻرندا رهن ٿا.

***