عورت جي تحفظ لاءِ رياست غير سنجيده

پاڪستان جو سماج آزادي حاصل ڪرڻ واري ڏينهن کان وٺي اڄ ڏينهن تائين صرف ڀڃ ڊاهه ۽ گهڻو ڪري منفي اثرن هيٺ رهيو آهي. جنهن ۾ عورت ۽ ٻار هميشه کان غير محفوظ ۽ تشدد جو شڪار رهيا آهن. Thomas Reuters Foundation مطابق پاڪستان عورتن جي لاءِ هن وقت دنيا جو ڇهين نمبر تي غير محفوظ ترين ملڪ آهي، جتي عورتن کي آنر ڪلنگ، شڪ ۽ بدلي جي آڙ ۾ قتل ڪيو وڃي ٿو. ڪنهن به فرد جو رويو پنهنجي سماج جي پسمنظر ۾ جڙي ٿو ۽ اهو رويو عمل جي صورت اختيار ڪري ٿو.

پاڪستان ۾ عورتن کي ثقافتي ۽ مذهبي پابندين جي تحت اهو سڀ ڪجهه برداشت ڪرڻو پوي ٿو جيڪو سندن بنيادي آزادي ۽ حقن کي پامال ڪري ٿو. پاڪستان ۾ عورت جي تحفظ جي لاءِ  ڪيترائي قانون ٺهيل آهن انهن قانونن تي عملدرآمد ڪرڻ لاءِ عدالتي نظام به موجود آهي. قانونن جي هوندي ۽ عدالتن جي هوندي عورت جي مٿان تشدد ڪرڻ وارا گهڻو ڪري بچي وڃن ٿا، جنهن جي نتيجي ۾ معاشري ۾ عورت مٿان تشدد ڪرڻ وارو مائينڊ سيٽ ڪنهن جهنگلي ول وانگر وڌي ويجهي رهيو آهي ۽ ان جهنگلي ول جي واڌ ويجهه اسان جي سماج جي سوچ کي وڪوڙي ڇڏيو آهي، جنهن ۾ اسان جا قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ۽ عدالتي ڪرسين تي ويٺل جج صاحبان ان ۾ وڪوڙيل ۽ مفلوج نظر اچن ٿا. عورت کي سڄي دنيا ۾ انسان ذات هجڻ جي ناتي ته ڪيترائي مسئلا درپيش آهن، پر کيس عورت هجڻ جي ناتي سندس مد مقابل انسان ”مرد حضرت“ کان به تمام گهڻا خطرا ۽ چئلينجز موجود آهن. جنهن ۾ سڌريل سماجن ۽ رياستن قانون سازي ڪري ۽ رياست کي مذهب کان ڌار ڪري عورت کي آزادي ڏئي، پنهنجن حقن جي آگاهي ڏيئي ڪافي حد تائين کيس محفوظ ڪري ورتو آهي، پر اهڙن سماجن ۾ به عورت اڃان تائين 100 سيڪڙو محفوظ ناهي ٿي سگهي. اسان جنهن سماج ۾ رهون ٿا اتي عورت هڪ گهري ننڊ مان سجاڳ ٿي ڄڻ اڃان ڪَرُ موڙيا آهن ۽ کيس پنهنجي وجود جي هجڻ جو احساس پيدا ٿيو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ مرد خود کي غير محفوظ محسوس ڪرڻ شروع ڪيو آهي، ان احساس جو ئي نتيجو آهي جو هڪ عورت جڏهن پنهنجن ٻارن سان نڪري موٽر وي تي سفر ٿي ڪري ته کيس سندس ٻارن جي اڳيان ريپ ڪيو ٿو وڃي. مرد کي عورت کان هڪ خوف جو احساس ئي آهي جو هڪ نشي جو عادي مڙس پنهنجي نوجوان زال چئن ٻارن جي ماءُ جو قتل پنهنجن ٻارن جي اڳيان ٿو ڪري ۽ پنهنجي آپي مان نڪري ٿو وڃي. اهو ئي غير محفوظ هجڻ ۽ عورت کان پنهنجو پاڻ کي وڌيڪ طاقتور سمجهڻ جي بيماريءَ جو احساس ئي آهي جو هڪ رئيس زادي ظاهر جعفر پنهنجي دوست نور مقدم کي ايتري ته سنگدليءَ سان قتل ڪيو جو ٻڌڻ واري جي جسم ۾ ڏڪڻي پيدا ٿي وڃي ٿي. اهو ئي طاقت جي کسجي وڃڻ ۽ عورت جي برابريءَ جي بيهڻ جو خوف آهي جنهن ڪمزور ذهن رکندڙ مردن کي ايترو ته ڪمزور ڪري ڇڏيو آهي جو هڪ مڙس پنهنجي ڳرڀ واري زال کي پيٽرول هاري ٻار سميت ساڙي ٿو ڇڏي. اهو ته ٿيو مرد جي نفسيات وارو پاسو. ان سڄي صورتحال ۾ رياست ۽ مذهبي ادارا خاموش تماشائي بڻجي بيٺل نظر اچن ٿا. اسان جي ملڪ ۾ مذهبي پارٽين جا رهنما ۽ نالي ماتر خود کي مذهبي رهنما چوندڙ ماڻهو هميشه عورتن جي حق ۾ ٿيندڙ قانونن سازيءَ جي مخالفت ڪندي نظر اچن ٿا ۽ ايئن لڳي ٿو ته عورت دشمني پاليسي انهن جي ايجنڊا جو سڀ  کان اهم حصو آهي. جڏهن ته رياست جي ذميداري آهي پنهنجي هر شهري جي جان، مال ۽ عزت آبرو جي حفاظت ڪري ۽ انهن جي لاءِ اهڙا قانون ٺاهي جنهن سان انهن کي مڪمل تحفظ حاصل ٿي سگهي. هن وقت پاڪستان اندر عورت ذات سان جيڪا به زيادتي ۽ ظلم ٿي رهيو آهي ان ۾ مرد کان وڌيڪ رياست ڏوهاري نظر اچي ٿي. ڇو ته گهريلو تشدد کي پوليس مداخلت ڪري روڪڻ ئي نٿي چاهي ۽ پوليس رياست جو هڪ قانون لاڳو ڪندڙ ادارو آهي جنهن جي ذريعي مجرم کي عدالتن جي ذريعي سزا ڏيارڻ ۾ هي ادارو اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو، پر اتي هي ادارو اڻ لاڳاپيل نظر اچي ٿو. وري جڏهن ڪجهه ڪيس عوامي دٻاءُ جي ڪري رپورٽ ٿي وڃن ٿا ۽ انهن ڪيسن جي ڪارروائي هلي ٿي ته اهڙا مجرم ڪمزور ايف آءِ آرن جي بنياد تي عدالتن مان ضمانتون وٺي ٻاهر نڪري اچن ٿا ۽ قاتل اڳتي هلي انصاف جي پلڙي ۾ مال ۽ زر وجهي ان کي پنهنجي حق ۾ برابر ڪرڻ جي ڪوشش ۾ ڪامياب ٿي وڃي ٿو يا وري پنهنجي اميريءَ جو فائدو وٺندي عورت جي رشتيدارن کي مذهبي قانون جي سهاري خريد ڪري وٺي ٿو ۽ اهو سڀ ڪجهه رياستي مشينريءَ جي مدد سان ٿئي ٿو. جنهن جي نتيجي ۾ عورت جي مٿان ظلم ۽ جبر ڪرڻ وارو مائينڊ سيٽ وڌيڪ طاقتور ٿيندي نظر اچي رهيو آهي.

ان سڄي لقاءُ ۾ رياست جو مائينڊ سيٽ کلي سامهون اچي چڪو آهي ته عورت کي محدود آزادي ڏني وڃي، ان جي لاءِ مخصوص لباس جي تلقين مختلف طريقن سان ڪئي وڃي ٿي، جنهن ۾ سڀ کان اهم وزير اعظم جو اهو بيان آهي ته عورت جيڪڏهن بي پرده ۽ ننڍا ڪپڙا پائي ٻاهر نڪرندي ته عورت جو ريپ ته ٿيندو. هن وقت رياست جي عورت دشمنيءَ کي تبديل ٿيڻ جي سخت ضرورت آهي. رياست کي عورتن جي تحفظ جي لاءِ سڀ کان وڌيڪ متحرڪ هجڻ گهرجي، پنهنجو اهم شهري سمجهڻ گهرجي. نه رڳو ايترو پر عورت ئي اهو پهريون ادارو آهي جتي سڄي ملڪ جي هر شهري جي تعليم ۽ تربيت ٿئي ٿي. عورتن کي رڳو محفوظ ناهي بنائڻو، پر انهن جي تعليم ۽ تربيت به ڪرڻي آهي. انهن کي ايڪيهين صديءَ جي قدرن کان آشنا ڪرڻو آهي، کين پنهنجي وجود سان پيار ڪرڻ سيکارڻو آهي ۽ پنهنجن حقن ۽ ذميدارين کي سمجهڻ لاءِ وسيع پئماني تي اسڪولن کان وٺي يونيورسٽين تائين تعليم ڏيارڻي آهي ۽ انهن کي روزگار جا ۽ پنهنجو پاڻ پنهنجن پيرن تي بيهڻ لاءِ ذريعا مهيا ڪرڻا آهن. ڇو ته ان عورت جي ذريعي وري هڪ با ڪردار ۽ ترقي پسند سوچ رکندڙ سماج ئي اڏي سگهجي ٿو. جيڪڏهن عورتن جي تعليم ۽ تحفظ لاءِ سيڙپڪاري ۽ قانون تي سختيءَ سان عملدرآمد ڪرڻ لاءِ حڪمتِ عملي نه جوڙي وئي ته پوءِ هن معاشري ۾ ڪيترن ئي مردن جا هٿ سندن مائرن، ڀينرن، ڌيئرن ۽ زالن جي رت سان رنڱيل هوندا ۽ اهڙو اپاهج ۽ ڏوهاري سماج دنيا سان گڏ هلڻ بجاءِ قيد ڪرڻ جي قابل هوندو.

0 0 votes
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments