مريم نوازنيب هٿان گرفتار

خبرن مطابق مريم نواز اڄ پنهنجي والد اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف سان ملڻ ڪوٽ لکپت جيل وئي هئي. جتي نيب جي اهلڪارن کيس حراست ۾ وٺي ڇڏيو. نيب مطابق کيس چوڌري شگر ملز جي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي. کيس اڄ ٽي بجي نيب عدالت ۾ پيش ٿيڻو هو، جنهن کان اڳ کيس گرفتار ڪيو ويو آهي. مريم جي گرفتاري تي مخالف ڌر قومي اسيمبليءَ مان واڪ آئوٽ ڪري وئي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *