مهانگائي جي ماريل عوام ۽ ڪورونا وبا ۾ ورتل سياست انور قاضي

اسان جي ملڪ جي سياست عجيب آهي، ڪوبه احوال نه آهي ڪابه اخلاقيات نه آهي پنهنجو فائدو آهي ته حرام حلال ٿيو وڃي ۽ حلال حرام. هڪ سال پهرين ڪورونا وبا چائنا کان شروع ٿي فيبروري 2020ع ۾ اسان وٽ پهريون ڪيس رپورٽ ٿيو بس پوءِ ته وارو وار ٿي وئي. ميڊيا جو پورو ٽائيم وبا جي تشهير تي گذرندو هو. S.O.Ps کي Follow ڪريو، مزي جي ڳالهه ته وزير صاحب کي S.O.Ps جي مطلب جي خبر ته ڇا پر فل فارم Full Form جي خبر به نه هئي عوام ويچارو ڪٿان سمجهي. اسڪول بند، واپار بند، روزگار بند. اسان جي سنڌ جي C.M صاحب مڪمل Lock Down جو اعلان ڪيو. روز اليڪٽرانڪ ميڊيا تي اچي ماڻهن کي ڪورونا جي قهري ڪارروائين تي بريف Brief ڪندو هو. ٻاهر نه نڪرو ماڻهو خاص طور تي شهري ته ايترو ڊڄي ويا جو گهر جي ڀاتين کان به پري ٿي ويا. ڪورونا جي وبا جي اثر هيٺ آيا يا نه پر نفسياتي مريض ضرور ٿي ويا. ماسڪ، سينيٽائزر لازم ٿي ويا. هڪ دفعو ته C.M صاحب ميڊيا جي اڳيان روئي پيو. ان وقت P.T.I جي حڪومت لاڪ ڊائون کان بنهه نابري واري ويٺي. صرف انهيءَ ڪري جو سنڌ حڪومت کي Credit نه ملي. صاف صاف تنقيد ڪندا هئا ته لاڪ ڊائون جي ڪري عام عوام جو روزگار انتهائي متاثر ٿيو آهي. اها حقيقت آهي ته ڏهاڙي وارو مزدور تمام گهڻو متاثر ٿيو. ٽرانسپورٽ سان لاڳاپيل، شادي هال سان وابسته عملو ۽ ننڍو دڪاندار. مطلب ته هر طبقي سواءِ وڏي پئسي واري ماڻهو کانسواءِ سڀئي متاثر ٿيا. وفاقي حڪومت هڪ نئون اصطلاح ڪم آندو سمارٽ لاڪ ڊائون. ٻنهي حڪومتن سنڌ ۽ وفاق جو ميڊيا تي جهيڙو چوٽ چڙهي ويو، پر ٻنهي حڪومتن عوام خاص طور تي ڪورونا مريضن جو خيال انتهائي گهٽ ڪيو. ماسڪ مهانگا، سينيٽائزر اڻ لڀ. دوائون مارڪيٽ ۾ ٻيڻي اگهه تي پهچي ويون، جيڪي شيون مريضن لاءِ اهم هيون انهن تي ٻنهي حڪومتن جو ڪوبه عمل نظر نه آيو پهرين ته ڪورونا جي مريض کي کنڀي کڻي وڃي اسپتال ۾ اڇلائين پيا اتان ڀاڳن وارا بچي نڪتا ته خير نه ته همراهه حضرت عزرائيل جي حوالي ٿي ويا، ايستائين جو انهن جو جنازو پڙهڻ به هڪ جان جوکي وارو ڪم ٿي ويو. پوءِ جڏهن مريض وڌيا ته صاحبن ماڻهن کي گهرن ۾ الڳ Isolate ٿيڻ جي اجازت ڏني. شهري ماڻهن جي ڀيٽ ۾ ٻهراڙي جي عوام ڪورونا جي وبا جي خوف کي پاڻ تي طاري نه ڪيو اگر ڪو فرق ٿي ويو ته انهن جي نماز جنازه پڙهڻ تي پوءِ ڀلي پوليس کي خرچي پاڻي ڏيڻ سان ئي سهي. چوڻ جو مطلب ته وبا جي جيتري مشهوري ۽ خوف ٻڌايو ويو عوام کي ان جي بچاءُ لاءِ جوڳو انتظام نه ڪيو ويو، هر ڪنهن کي پنهنجي حال تي ڇڏيو ويو. آخر ۾ غريب ماڻهو خاص طور شهرن جا پنڻ جهڙا ٿي ويا پوءِ سرڪار بهادر رحم ڪري حالتن کي بهتر بڻايو. سياست جا عجيب رنگ هاڻي سنڌ حڪومت ۽ اپوزيشن وارا جلسن جلوسن ۾ مصروف ٿيا ته وفاقي حڪومت ڪورونا، ڪورونا راند شروع ڪئي آهي انهن کي عوام جو درد جاڳيو آهي ساڳيا ڊائلاگ جيڪي ڪڏهن C.M سنڌ هڻندو هو هاڻي وفاقي سرڪار جا وزير مشير هڻي رهيا آهن.

سائين منهنجا وبا هئي ۽ آهي. اسان وٽ انگن ۾ گهٽ صرف انهيءَ ڪري ٿي جو ٽيسٽنگ جو انگ گهٽ ڪيو ويو. هاڻي جنهن ٽيسٽنگ جو انگ وڌايو ويو آهي ته مريض به وڌن پيا وفاقي سرڪار جو زور انهيءَ ڳالهه تي آهي ته ماڻهن جا اجتماع گهٽ ٿين انهن مان وبا پکڙجڻ جو گهڻو انديشو آهي. صرف انهيءَ ڪري جو اپوزيشن جا جلسا روڪين. عوام سان سچا هجن ها ته عام دوائون ايتريون مهانگيون نه ڪن ها جو سفيد پوش ماڻهو به پريشان بلڪه منجهي پيو آهي دوا وٺان يا روز مره جون شيون. پيٽ پالڻ تمام مشڪل آهي. هڪ نئون اصطلاح مارڪيٽ ۾ اچي ويو آهي Micro Lock Down مائڪرو لاڪ ڊائون. وزيراعظم صاحب صاف چئي ٿو ته پوري ملڪ ۾ Lock Down لڳائينداسين اگر جلسا بند نه ٿيا. گلگت ۾ اليڪشن دوران جلسا ٿيا حڪومت به ڪيا اپوزيشن به ڪيا ماڻهو ماڻهو سان گڏ بيٺو هو ڪوبه ماسڪ پاتل نه هو. وزيراعظم صاحب پاڻ جلسا ڪيا انهيءَ ۾ به S.O.Ps جو حال سڀني جي سامهون هو پوءِ اپوزيشن جي جلسن تي ناراضگي ڇو؟ ڪورونا کي وبا ڪري وٺن ماڻهن کي ماسڪ مفت ۾ ڏين، سينيٽائيزر سستا ڪن، وٽامنز ۽ دوائون مناسب قيمتن تي مهيا ڪن، پر ايئن نه ڪندا حڪومت جو عوام سان ڇا وڃي ماڻهن جي مرڻ تي به سياست ڪن ٿا. افسوس مهانگائي چوٽ تي آهي کنڊ جون ملون هلڻ باوجود ٻاهران کنڊ امپورٽ ڪرڻ جي باجود کنڊ مهانگي. ڪڻڪ جي امپورٽ ٿيڻ جي باوجود سرڪار جي گودامن مان ڪڻڪ مِلن کي ڏيڻ جي باوجود اٽو مهانگو کاڌي جو آئل، سبزي مطلب ڪهڙي شيءِ آهي جيڪا عام ضرورت آهي مهانگي نه ٿي آهي. غريب عوام گوشت ۽ مڇي جو معلوم ئي نٿو ڪري صرف ٻه ٽائيم سبزي سان ماني نٿو کائي سگهي. وزيراعظم چئي ٿو “گهبرانا نهين هي” ٺيڪ آهي پوءِ سائين اوهان ڇو ٿا گهٻرايو. اڃان ته اهم ٻه جلسا اچڻا آهن، پشاور جو جلسو حڪومت جي اجازت نه ڏيڻ جي باوجود اپوزيشن ڪري ڏيکاريو ملتان ۽ لاهور لاءِ به تيار آهن، توهان گهٻرائجي ويا آهيو. چوڻ وارا چون ٿا ته واڳ ڌڻين جو اهو حصو جيڪو P.T.I حڪومت کي هلائي پيو تن پڻ اکيون ڏيکارڻ شروع ڪيون آهن انهي ڪري ئي حڪومت گهٻرائڻ شروع ڪيو آهي نه ته بقول حڪومتي وزيرن ۽ مشيرن جي جلسا ڪرڻ سان حڪومت نه ويندي آهي ته پوءِ ڇو پريشان آهيو هر جلسي کانپوءِ اچي چون ٿا عوام جلسن ۾ موجود نه هو ته پوءِ ڪورونا ڪيئن پکڙيو؟ 

واڳ ڌڻين جو اهو حصو شايد سوچي پيو ته وزيراعظم صاحب جي قرباني ڏبي ۽ تاريخ اڄ تائين ثابت ڪيو آهي ته پاڪستان جي ڪنهن به وزيراعظم پنج سال پورا نه ڪيا آهن ايستائين جو محمد خان جوڻيجو صاحب يا ظفرالله جمالي صاحب، محمد علي بوگره يا چوڌري محمد علي، فيروز خان نون جي ڪهاڻي ته ڪافي پراڻي آهي پوءِ ڀلا عمران خان ڪو خاص ته نه آهي جو اسٽيبلشمينٽ کيس نه هٽائي انهيءَ ڪري ئي همراهه ڪجهه گهٻرائجي ويو آهي، ڪنهن حد تائين ڳالهين لاءِ تيار پڻ ٿيو آهي. بار بار چئي ٿو N.R.O نه ڏيندس. سائين نواز شريف جو ٻاهر وڃڻ N.R.O نه آهي ته ٻيو ڇا آهي پوءِ اها ٻي ڳالهه آهي ته اوهان کان ڪنهن نه پڇيو!

اپوزيشن جي لب لهجي ۾ تلخي وڌي پئي ايستائين جو پشاور جي جلسي ۾ جڏهن مريم نواز کي خبر پئي ته سندس ڏاڏي جو انتقال ٿي ويو آهي ۽ هوءَ هلندڙ تقرير جيڪا بلاول صاحب ڪري رهيو هو وچ ۾ اچي عوام کي ٻڌايو ۽ اجازت وٺي رواني ٿي وئي. پوءِ بلاول صاحب جو لهجو تيز ٿيو. ڀلا اهو چوڻ ته احسان الله احسان کي N.R.O ڪنهن ڏنو ۽ هو ڪنهن وٽ قيد هو؟ جنهن لاءِ I.S.P.R پڻ وضاحت ڪري چڪي آهي. پوءِ به پڇن ته ڪيئن ٻاهر ويو؟ اهو حڪومت کان ته نه پڇيو ويو، سڌو سئون اسٽيبلشمينٽ کان صاف طور چئون ته فوج کان. تلخي ان ڪري ٿي جو G.B جي اليڪشن ۾ ڪيل واعدا پورا نه ٿيا. P.P جو G.B لاءِ اليڪشن جو منشور به عجيب هو سنڌ ۾ گذريل 13 سالن کان حڪومت ڪري رهيا آهن ۽ عوام کي جيڪي پٽڪا پارايا اٿن اهي لڪل ته نه آهن همراهه هليا هئا G.B کي سڌارڻ. بهرحال هنن کي جيڪو آسرو هو اهو پورو نه ٿيو ۽ اسٽيبلشمينٽ جو ٻيو گروپ به هنن کي چئي پيو جيڪي ڪرڻو اٿئو ڊسمبر تائين ڪري وٺو. مريم صاحبه پاڻ مڃي چڪي آهي ته واڳ ڌڻين رابطو ڪيو آهي.

مطلب ڊسمبر فيصلا ڪن آهي. ملتان ۽ لاهور جا جلسا ڪيئن ٿيندا ۽  واضح ٿيندو ته P.T.I حڪومت ملتان جي جلسي کي ڪيئن ٿي روڪي؟ ڪورونا وبا به عروج تي اچي پئي ڇا ڪورٽ کان فيصلو وٺندي ته جلسن تي پابندي هڻو؟ اپوزيشن اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو فيصلو ته نه مڃيو.

ڇا طاقت جو استعمال ڪندا؟ مشڪل. لڳي ٿو حڪومت اهڙي پوزيشن ۾ نه آهي. پنجاب جي حڪومت ق ليگ جي سهاري تي آهي ۽ وفاق جي حڪومت به انهن جي سهاري تي آهي اهي ٻئي سهارا ڪنهن جا آهن لڪل ڳالهه نه آهي. قاف ليگ ته برملا ناراضگي جو اظهار پڻ ڪري چڪي آهي.

پاڻ وري ڪجهه سوال ڇڏيون ٿا:

1 وزيراعظم تبديل ٿيندو يا P.T.I حڪومت؟

2 تبديلي ايوان مان ايندي يا عدالت ذريعي؟

3 وزيراعظم آساني سان اسٽيبلشمنٽ جي ڳالهه مڃيندو؟

ڇو ته وزيراعظم پاڻ کي ٽرمپ سان ڀيٽي چڪو آهي جيڪو هارائڻ باوجود هار نٿو مڃي. زبردستي ته پري جي ڳالهه آهي ڪجهه به ٿئي. پر خدارا حڪومت ۽ اپوزيشن عوام جو سوچين پاڪستان جو عوام ڏاڍي تڪليف ۾ آهي.

 

0 0 votes
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments