هڪ نوجوان ڇوڪريءَ جي ڊائري ترجمو: بخشل باغي

ائني فرئنڪ، 12 جون 1929ع تي جرمنيءَ جي شهر فرينڪفرٽ ۾ هڪ يهودي خاندان ۾ پيدا ٿي هئي. 1933ع ۾نازين جي اقتدار تي قبضي کانپوءِ فرينڪ خاندان نيدر لينڊ هليو ويو. ائني گهڻو وقت ايمسٽرڊم ۾ گذاريو. فيبروري، 1945ع تي صرف پندرنهن سالن جي عمر ۾ سندس وفات کانپوءِ هيءَ ڊائري “ھڪ نوجوان ڇوڪريءَ جي ڊائري” (The Diary of a Young Girl) جي عنوان سان شايع ٿي، جنهن کيس ڪڏهن به نه ختم ٿيندڙ شُهرت بخشي ڇڏي.

اهڙيءَ طرح هِن ڊائريءَ ۾ ائني ٻي وڏي جنگ ۾ جرمنيءَ جي نيدر لينڊ تي قبضي دوران 1942ع کان 1944ع تائين پنهنجي زندگيءَ جا احوال بيان ڪيا آهن. هِن ڊائريءَ جو شُمار دنيا جي معروف ترين ڪتابن ۾ ٿئي ٿو. هيءَ ڊائري بنيادي طور تي ڊَچ ٻوليءَ ۾ لکي وئي آهي. ايستائين هِن ڊائريءَ جو 60 کان وڌيڪ ٻولين ۾ ترجمو ٿي چُڪو آهي. هن ڊائريءَ جي واقعن تي مُبني ڪيتريون ئي فلمون ۽ ڊراما ٺھي چُڪا آهن. هِن ڊائريءَ کي يورپ ۽ آمريڪا جي هزارين مڊل ۽ هاءِ اسڪولن جي نصاب ۾ پڻ شامل ڪيو ويو آهي.

ائني فرئنڪ اُنهن ٻارن جي وڃايل وقت جي علامت بڻجي چُڪي آهي جيڪي هولو ڪاسٽ دوران ماريا ويا هئا.

هِن ڊائريءَ جي ڪُجهه چُونڊ ٽُڪرن جو ترجمو سنڌيءَ ۾ پيش ڪجي ٿو:

* هيءُ حيران ڪندڙ ڳالهه آهي ته دنيا کي بهتر بنائڻ جي شروعات لاءِ ڪنهن کي هڪ لمحو به انتظار جي ضرورت نه آهي.

* هيءَ حقيقت ۾ حيرت ۾ وجهندڙ ڳالهه آهي ته مان پنهنجن سڀني تصورن کان دستبردار نه ٿي آهيان. ڇاڪاڻ ته اُنهن جو مُڪمل ٿيڻ، مُشڪل ۽ نامُمڪن امر لڳي ٿو. تنهن هوندي به منهنجا تصور قائم آهن ڇو ته سڀني ڳالهين جي باوجود مون کي هاڻ به يقين آهي ته ماڻهو دل جا سُٺا هوندا آهن.

* اُن خوبصورتيءَ مُتعلق سوچيو جيڪا اڃان به توهان جي آسپاس موجود آهي. اِن ڳالهه تي سوچي خوش ٿي وڃو.

* جڏهن مان لکندي آهيان ته هر ڳالهه کي ذهن مان ڪڍي ڇڏيندي آهيان. منهنجا ڏُک گُم ٿي ويندا آهن ۽ منهنجي همت ٻيهر پيدا ٿي پوندي آهي.

* مون اِهو ڄاڻي وَرتو آهي ته خوبصورتي سدائين امر رهجي وڃي ٿي، فطرت، آس، آزادي پنهنجو پاڻ ۾. هي سڀ عنصر توهان جي مدد ڪري سگهن ٿا.

* ڪير ڏَيئِي، ڪڏهن به غريب نه ٿيو آهي.

* مان اُنهن سڀني مُصيبتن مُتعلق ناهيان سوچيندي، پر اُن خوبصورتي جي باري ۾ سوچيندي آهيان جيڪا اڃان به باقي آهي.

* والدين صرف سُٺي صلاح ڏئي سگهن ٿا يا اُنھن کي سِڌي رستي سان لائي سگهن ٿا، پر ڪردار جي آخري شڪل ڪنهن به شخص جي پنهنجن هٿن ۾ هوندي آهي.

* جيڪي ماڻهو خوف زدہ، تنها يا دکي آهن، اُنهن جو بهترين علاج هي آهي ته اُهي ڪِٿ ٻاهر گُهمن ڦِرن، ڪنهن به اهڙي جاءِ تي، جتي هُو آسمان، فطرت ۽ خدا سان گڏ بلڪل تنها ٿي سگهن. ڇاڪاڻ ته تڏهن ئي ڪوبه شخص محسوس ڪري سگهي ٿو ته سڀ ڪجهه ايئن ئي آهي جيئن کيس هُجڻ گُهرجي ها ۽ اِهو ته خدا، فطرت جي سادين خوبصورتين جي وچ ۾ ماڻهن کي خوش ڏسڻ جي تمنا ڪندو آهي. جيستائين هي سڀ ڪجهه موجود آهي ۽ هي يقيني طور تي هميشه رهندو، مان ڄاڻان ٿي ته پوءِ جهڙا به حالات هُجن، هر غم کي هميشه راحت ملندي ۽ منهنجو پختو يقين آهي ته قدرت سڀني پريشانين ۾ دلاسا ڏيندي آهي.

* پَني ۾ ماڻهن کان وڌيڪ صبر آهي.

* ڏِسو، ڪيئن نه هڪڙي ميڻ بتي اُونداهه جي وَضاحت ۽ ساڻس مزاحمت ڪندي آهي.

* ماڻهو توهان جو وات بند ڪرائي سگهن ٿا، پر توهان کي توهان جي راءِ کان روڪي نٿا سگهن.

* جيڪو خوش آهي اهوئي ٻين کي خوشي ڏيندو.

* طويل تجربن کانپوءِ ثابت ٿيو آهي ته سڀ کان تيز هٿيار هڪ مهربان ۽ نرم سڀاءُ واري طبيعت آهي.

* جِتي اميد آهي اُتي زندگي آهي. هي اسان ۾ ھڪ نڪور جذبا پيدا ڪندي آهي ۽ اسان کي ٻيهر مضبوط بڻائيندي آهي.

* مان کوڙ سارن ٻين ماڻهن وانگر بيڪار زندگي گُذارڻ نٿي چاهيان. مان ماڻهن جي زندگيءَ کي پُرمسرت بڻائڻ لاءِ مفيد ڪردار اَدا ڪرڻ چاهيان ٿي. توڙي جو اُنهن ماڻهن جي لاءِ به جن سان مان ڪڏهن به نه ملي آهيان. مان چاهيان ٿي ته جيئندي ئي رهان.

* عورتن کي به اهڙي ئي طرح احترام مِلڻ گُهرجي، جيئن عام طور تي مردن کي دنيا جي سڀني حصن ۾ ڏاڍي عزت سان نوازيو ويندو آهي ته پوءِ عورتن کي پنهنجو حصو ڇو نه مِلڻ گهرجي. فوجين ۽ جنگجوئن کي اعزاز ڏنا ويندا آهن ۽ اُنهن جا ڏينهن مَلهايا ويندا آهن. دريافتون ڪرڻ وارن کي لازوال شُهرت ڏني ويندي آهي. شهيدن کي عزت، مانُ بَخشيو ويندو آهي، پر ڪيترا ماڻهو عورت کي هڪ سپاهيءَ جي حيثيت سان ڏسن ٿا؟ عورتون، جيڪي انساني نَسل جي سِلسلي کي قائم رکڻ لاءِ جدوجهد ڪن ٿيون ۽ تڪليفون برداشت ڪن ٿيون.

* اسان سڀ خوش رهڻ جي مقصد ڪارڻ جيئندا آهيون. اسان سڀني جون زندگيون سڀني کان مُختلف آهن، پر پوءِ به هڪ جهڙيون آهن.

* مان تمام گهڻو سوچيندي آهيان ۽ تمام گهٽ ڳالهائيندي آهيان.

* هڪ مطمئن ضمير انسان کي مَضبوط بَڻائيندو آهي.

* توڙي جو مان صرف چوڏهن سالن جي آهيان، پر مان چڱيءَ طرح ڄاڻان ٿي ته مان ڇا ٿي چاهيان. مان ڄاڻان ٿي ته ڪير صحيح آهي ۽ ڪير غلط. منهنجي پنهنجي راءِ آهي، پنهنجا نظريه ۽ اصول آهن. توڙي جو هيءَ ڪنهن نابالغ جي چريائپ ٿي لڳي، پر مان هڪ ٻار جيان هڪ شخصيت جيان سوچيندي آهيان. مان پاڻ کي مُڪمل طور تي خود مختيار سمجهندي آهيان.

* مان اُلجهنن، مُصيبتن ۽ موت جي بنيادن تي پنهنجي اميد جي عمارت بيهاري نٿي سگهان. مان ڏسي رهي آهيان ته دنيا هوريان هوريان ويرانيءَ ۾ تبديل ٿيندي پئي وڃي. مان اچڻ واري طوفان جا آواز ٻُڌي رهي آهيان جيڪو اسان کي تباھ ڪري ڇڏيندو. مان لکين ماڻهن جي ڏُکن کي محسوس ڪري سگهان ٿي. اُنهن سڀني جي باوجود جڏهن مان آسمان ڏانهن نگاھ بُلند ڪندي آهيان ته مان سوچيندي آهيان ته سڀ ٺيڪ ٿي ويندو ۽ هِن ڌرتيءَ جو اَمن ۽ سُڪون ٻيهر موٽي ايندو.

* توهان اُن وقت به تنها ٿي سگهو ٿا جڏهن کوڙ سارا ماڻهو توهان سان پيار ڪندا هُجن. جيستائين توهان ڪنهن جا واحد ۽ اڪيلا پيار نه هجو. * انسان جي عظمت دولت ۽ طاقت ۾ ناهي بلڪه ڪردار ۽ نيڪي ۾ لڪل آهي. ماڻهو ته ماڻهو هوندا آهن ۽ سڀني ماڻهن ۾ ڪَميون ۽ ڪوتاهيون هونديون آهن، پر اسان سڀ هڪڙي بنيادي سُٺائيءَ سان پيدا ٿيا آهيون.

* جيستائين هي موجود آهي، هي اُس ۽ شفاف آسمان باقي آهن تيستائين مان اُنهن کان لُطف اَندوز ٿي سگهان ٿي. مان ڪيئن اُداس ٿي سگهان ٿي.

* احساسن کي نظر انداز نٿو ڪري سگهجي. اُهي ڀلي ڪيترا به غير مُنصف ۽ ناشُڪر ڇو نه هُجن.

* توهان کي صرف هڪ اصول ياد رکڻ جي ضرورت آهي. هر ڳالهه تي کِلو ۽ باقي سڀئي وساري ڇڏيو. اِها ٿوري خود پسنديءَ واري ادا لڳي ٿي، پر پاڻ تي رحم جي ڪيفيت ۾ مُبتلا فردن جو اصل علاج صرف اهوئي آهي.

* جنهن ۾ همت ۽ يقين آهي اُن کي مُصيبتون ماري نٿيون سگهن.

* مرڻ وارن کي زندہ ماڻهن کان وڌيڪ گُل ملِن ٿا. ڇو ته پَڇتاءُ جي احساس کان شُڪر منديءَ جي احساس ۾ وڌيڪ طاقت هوندي آهي.

b.baghi75@gmail.com

 

0 0 vote
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments