پروگريسو رائيٽرز حيدرآباد چئپٽر جي ريلي منظور ٿهيم

جڏهن 5 مئي 1948ع تي اسرائيل نالي ملڪ جو اعلان ڪيو ويو جنهن جو پهريون وزيراعظم ڊيوڊ بن گوريان هو، تڏهن کان وٺي اڄ تائين يهودي ۽ فلسطيني تڪرار جاري آهي. نتيجي ۾ ڪئين جنگيون ٿيون آهن ۽ فلسطيني پنهنجي اباڻي ڌرتيءَ تان زوري لڏايا ويا آهن. جلاوطني ۽ خوني جنگ جو هڪ سلسلو آهي جيڪو بيوس فلسطينين تي مڙهيو ويو آهي، ان جي باوجود فلسطيني عوام پنهنجي اباڻي ڌرتي ۽ سندن انساني حقن لاءِ جدوجهد ڪري رهيا آهن ۽ قربانيون ڏيئي رهيا آهن. رڳو پوين سالن ۾ اسرائيل ۽ غزه ۾ چار وڏيون جنگيون ٿي چڪيون آهن، انهيءَ سلسلي جي تازي جنگ به يارنهن ڏينهن جاري رهي. جنهن ۾ ٻه سئو کان مٿي ماڻهن شهادتون ماڻيون آهن ۽ هزارين زخمي ٿيا آهن. يارنهن ڏينهن جي جنگ کانپوءِ 21 مئي تي جنگ بندي ٿي آهي. وقت اچي ويو آهي ته دنيا جا امن پسند ملڪ فلسطينين جي مدد ڪن ته جيئن اهي پنهنجي ڌرتيءَ تي امن سان رهي سگهن.

فلسطين سان ٿيل ظلم ۽ استبداد جي خلاف پروگريسو رائيٽرز  ايسوسئيشن حيدرآباد طرفان 2021-05-19 تي احتجاجي ريلي جو انعقاد ڪيو ويو. جنهن کي پروگريسو رائيٽرز ايسوسئيشن حيدرآباد جي پريزيڊنٽ منظور ٿهيم خطاب ڪندي چيو ته “هي ضروري آهي ته اسين هن وقت هٿيار بردار اسرائيلي فوج جي مذمت ڪريون، جنهن هن وقت تائين 32 ٻارڙن کي شهيد ڪيو آهي ۽ 200 کان وڌيڪ فلسطينين عورتن ۽ مردن جو خون ڪيو آهي ۽ 3000 هزار کان وڌيڪ ماڻهن کي زخمي ۽ بي گهر ڪيو آهي.” هن اها ڳالهه فلسطين يڪجهتي ريلي ۾ چئي. هن وڌيڪ چيو ته: “اسرائيل پنهنجي روپ ۾ سامراجيت، صيحونيت، توسيع پسندي ۽ ظلمت جي ڀيانڪ شڪل آهي، پوري دنيا اسرائيل جي مذمت ڪري رهي آهي سواءِ آمريڪا جي. ڏسجي ته دنيا ٻن رجحانن ۽ مفادن ۾ واضح طور ورهائجي وئي آهي، ان ڪري اسان کي به هاڻ پنهنجين سوچن کي خسيس، سطحي انائن ۽ سياسي، سماجي گيپ ۾ اڙائڻ بجاءِ پنهنجي زمين ۽ ماڻهن ڏانهن سنجيده ٿيڻ گهرجي.” تنظيم جي جنرل سيڪريٽري فهيم نوناري چيو ته: “هيءَ ريلي ترقي پسند سوچ ۽ فڪر جو هڪ طرح اظهار آهي ته دنيا جون مظلوم قومون متحد آهن”. هن ريلي کي حيدرآباد سول سوسائٽي جي ٻين اڳواڻن پڻ خطاب ڪيو.

 

0 0 votes
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments