بلاگ

چين جو سپر پاور ٿيڻ وارو خواب ڊاڪٽر جاويد قاضي  

آمريڪا کڻي ڪيترو به چاھي ته ھو پنھنجي ملڪ اندر 5 G (فائيو جي) جو نيٽ ورڪ اڪيلي سر کڙو ڪري ته به ان ۾ گھڻو وقت لڳائي ڇڏيندو. جڏھن ته آمريڪا اندر ئي عوام جوHawaii  ۽Lenovo  تي ايترو اعتبار آھي جو چاھين ٿا ته کين موقعو ڏيڻ گھرجي ته ھو سيڙپڪاري ڪري ملڪ اندر ان نظام کي مربوط ڪرڻ ۾ حصيداري وٺن ۽ ان ٽيڪنالاجي کيPublic good  عام ماڻھو جي لاءِ جلد سھولتون متعارف ڪرائي سگھن. مبصرين جو خيال آھي ته جي چيني ڪمپنيون پاڻ اندر اتحاد ڪن ۽ غير ضروري چٽا ڀيٽي ڪرڻ بجاءِ آمريڪا ۽ يورپ ۾ اتحاد ڪري چٽا ڀيٽي ڪن ته خود آمريڪا ۾ ٽيڪنالاجيءَ جي ڪوالٽي وڌائڻ ۾ به کين مدد ملندي. چين اڃان اها ڪوشش ناھي ڪئي، ته ڊالر جي مقابلي ۾ دنيا جو ڪار وهنوار ڪرڻ ۾ ڊالر تي انحصار ڪرڻ بدران ھو پنھنجي ڪرنسي کي ڏيتي ليتي لاءِ استعمال ڪري حالانڪه ھنن وٽ ڊجيٽل ڪرنسي کي استعمال ڪرڻ لاءِ ھڪ وڏو پلان موجود آھي اھو ھي ته پيپلز بينڪ آف چائنا جي پروگرام مطابق ھو گوس بوڪ جي پليٽ فارم تان پنھنجي ڊجيٽل ڪرنسي لبرا کي متعارف ڪرائيندا، پر ھو مناسب وقت جي انتظار ۾ آھن.Wang Xin  وانگ زن جيڪو پيپلز بينڪ آف چائنا جو ڊائريڪٽر آھي ھن اھو چيو ته اسان جي ان قدم کڻڻ سان دنيا صرف سياسي طرح سان نه بلڪه جيئو پوليٽيڪلي طرح ورھائجڻ لڳندي ۽ ايشيائي ملڪ ڊالر جي بدران ايشيا جي ڪرنسي سان ڏيتي ليتي ڪرڻ لاءِ به سوچيندا ۽ ان سان ڊالر کي ڪاپاري ڌڪ رسي سگھندو. اھو ھڪ تمام وڏو قدم هوندو ۽ اهي مناسب وقت جو انتظار ڪري رھيا آھن.

سال 2021ع مارچ جي مھيني ۾ صدر شي پنگ لي ڪانگريس جي سالياني ميڙاڪي کي خطاب ڪيو جنھن ۾ 3000 ميمبرن شرڪت ڪئي. ھن پنھنجي حڪمرانن کي ٻڌايو ته ڪووڊ جڏھن دنيا ۾ ھاڃا ڪيا اھڙي ڏکئي مرحلي ۾ اھو چين ئي ھو جنھن نه صرف ان بيماريءَ کي ترت روڪيو ۽ جلد ئي دنيا جي ڪار وھنوار کي شروع ڪرايو ۽ دنيا ۾ آيل بحران ۾ پنھنجي معيشت کي هٿي ڏني. معيشت کي اڳتي وڌايو. ان جا سبب ڪھڙا ھئا؟ اھي ھئا:

۱. پنھنجو پاڻ تي اعتماد ته اسان صحيح رستي تي آھيون.

۲. پنھنجن نظرين تي اعتماد ته اسان پنھنجن نظرين جي چونڊ صحيح ڪئي آھي.

۳. اسان جو پنھنجي تھذيب ۽ تمدن تي اعتبار ۽ اعتماد.

ھاڻي جڏھن اسان جا ماڻھو دنيا جي ڪنھن به ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ويندا ته سندن قد ڪاٺ وڏو ٿيندو ۽ ھو پاڻ کي معتبر محسوس ڪندا. چين ھاڻي دنيا جي نظرن ۾ ھڪ مرڪزي حيثيت جوڙي چڪو آهي جو ھو دنيا ۾ وڏي معيشت جي سڃاڻپ رکي ٿو ۽ ڪيترن ئي ملڪن کي امداد ڏيڻ وارن ملڪن ۾ سندس شمار سٺي ساک وارن ملڪن ۾ ٿئي ٿو. ھو دنيا ۾ وڏي ۾ وڏي آبادي وارو ملڪ آھي دنيا ۾ وڏي ۾ وڏي فوج رکڻ وارو ملڪ پڻ آھي. دنيا جي ڪيترن معاشي ماھرن جي راءِ آھي ته سن 2030ع ڌاري چين جي ماڻھن جي في ڪس آمدنيGDP  آمريڪا کان به وڌي ويندي ۽ چائنا دنيا جو سپر پاور ڪوٺيو ويندو. ڪووڊ-۱۹ جي وبا جي دوران جيئن چين ان مسئلي کي روڪڻ جا اپاءُ ورتا ۽ ان تي ستت ئي ڪنٽرول ڪري ورتو. ان مان صاف ظاھر ٿيو آھي ته چين دنيا جي بين الاقوامي پيش منظر ۾ سٺي حڪمت عملي جوڙڻ جو ماھر آھي. ڪووڊ جي ڪري جيڪي به ڏکيا مرحلا دنيا کي پيش آيا انھن دنيا جي ڪار وهنوار تي گھرو اثر ڇڏيو. تنھنڪري اسان دنيا ۾ اھڙو اثرائتو ڪردرا ادا ڪريون جيڪو مثالي ھجي. دنيا ۾ مبصرين ان راءِ جو اظھار ڪري رھيا آھن ته لڳي ايئن ٿو ته چين دنيا ۾ نئون ورلڊ آرڊر متعارف ڪرائڻ لاءِ جاکوڙي رھيو آھي ۽ ھو موجوده صورتحال ۾ دنيا تي زور ڀري رھيو آھي ته ڪجھ معاملن ۾ ڦير ڦار ڪرڻ جي اشد ضرورت آھي ۽ ڪجھ نون اپائن وٺڻ جي پڻ ضرورت آھي. شي پنگ خطاب دوران دھرايو ته چين ايشيا جي وڏي ۾ وڏي قوت آھي. ھاڻي ھو چين جي اوڀر واري سامونڊي خطي جي پڻ حفاظت ڪري رھيو آھي. ھن وڌيڪ چيو ته اسان جي گذريل 70 سالن کان اھو نقطو رھيو آھي ته دنيا جي مڙني تڪراري مسئلن جو حل ڳالھين ٻولهين ۽ ھڪٻئي سان تعاون ڪرڻ سان ئي ڪري سگھجي ٿو. ھن وڌيڪ خطاب ۾ ٻڌايو ته چين ھن وقت پنھنجي سموري انفرااسٽرڪچر ۾ اھڙيون تبديليون ڪري چڪو آهي جيڪي يورپ، آمريڪا ۽ جاپان ويھين صديءَ ۾ ڪري ڇڏيون ھيون. چين پنھنجي سامونڊي پورٽن کي جديد ٽيڪنالاجي سان ليس ڪيو آھي ريلوي جي نظام کي وسيع ۽ جديد ٽيڪنالاجي سان ليس ڪيو آھي. آپٽڪ فائبر جي ٽيڪنالاجي ھر شھر ۾ متعارف ڪرائي آھي ۽ اي پئمينٽس جي نظام کي سڄي ملڪ ۾ نافذ ڪري عوام لاءِ سھولتون ميسر ڪيون آھن. شي پنگ لي وڌيڪ ڳالھائيندي ٻڌايو ته چين جي معيشت ۾ واڌ جيتري تيزيءَ سان ٿي آھي ان دنيا جو Geostrategic Landscape جاگرافيءَ جي اھم حڪمت عملي وارن گھٽ ۽ گھيڙن تي گھرو اثر ڇڏيو آھي ۽ مستقبل ۾ دنيا ۾ مروج ورلڊ آرڊر تبديل ٿيندو نظر اچي ٿو. ورلڊ آرڊر ڇا آھي پڙھندڙن جي سمجھاڻي خاطر ان کي بيان ڪرڻ ضروري ٿو سمجھان. ٻي عظيم جنگ جي خاتمي کانپوءِ دنيا جي ڪار وهنوار ھلائڻ لاءِ دنيا جون مختلف قومون ھڪ جاءِ تي گڏ ٿيون ۽ انھن يڪراءِ ٿي چند رھنما اصول جوڙيا جن کي ھنن ورلڊ آرڊر جو نالو ڏنو قطع نظر ان جي ته ان ۾ نقص به ھئا، پر سڀئي انھن نقطن تي يڪراءِ ٿيا ته: 

۱. انسانن جي بنيادي حقن کي تسليم ڪيو وڃي انھن جي لتاڙ نه ڪئي وڃي چاھي ھو دنيا جي ڪھڙي به خطي ۾ رھن.

۲. قانون جي پاسداري ڪئي وڃي ۽ ان کي نافذ ڪرڻ ۾ يقيني بڻائجي.

۳. دنيا ۾ ھلندڙ واپار کي يا کڻي چئجي تهMarket Economy  کي بنا رياستي تسلط جي آزاديءَ سان ھلڻ ڏنو وڃي.

۴. ھر شھريءَ جي ذاتي سماجي ۽ سياسي زندگيءَ تي رياست يا ان جي ادارن جي ڪابه غير واجبي روڪ ٽوڪ نه ھجڻ گھرجي.

منھنجي نظر ۾ ورلڊ آرڊر جي مختصر تشريح اھا آھي ته ھر فرد کي دنيا ۾ رھي سک جو ساھ کڻڻ جي کلي آزادي ھجي.

شي پنگ لي چيو ته دنيا ۾ گھڻ قومي ۽ گھڻ ملڪي ادارن کي اھڙي ايمانداريءَ سان ھلايو وڃي. جيئن اڄڪلھ ٽيڪنالاجيءَ جو دور آھي، انھن ادارن کي گھرجي ته دنيا ۾ اھڙا اپاءُ ورتا وڃن جو ھر فرد ان مان فيض پرائي ۽ فائدو وٺي سگھي، پر اھو ٿيندي نظر نٿو اچي. اھي رياستي ادارا ۽ رياستون آهن جيڪي ملڪن ۾ پنھنجن ماڻھن ۽ فردن جي آزاديءَ تي ڪنٽرول رکن ٿا. مارڪيٽ ايڪنامي تي ضابطا رکن ٿا، پر انھن ٻنھي کان وڌيڪ نئين شيءِ جيڪا اڀري دنيا ۾ پنھنجي اھميت مڃرائي چڪي آھي اھا Flow of Information رياست دنيا ۾ سڄي ڊيٽا جنھن ۾ خاص ڪري ڊجيٽل ڊيٽا يعني ٽي وي، ٽيليفونڪ رابطا، وائر وارا يا وائرليس سوشل ميڊيا، جنھن ۾ فيس بُڪ، ٽوئيٽر، انسٽاگرام، واٽس ايپ ۽ ورلڊ وائيڊ ويب ذريعي جيڪا به ڳولھا (سرچ) ڪئي ويندي آھي. ملڪن جو چڱو خاصو ناڻو ۽ افرادي قوت ان ۾ رڌل رھي ٿي، جيئن ھو ان فلو آف انفارميشن تي پنھنجي نگراني جاري رکي سگھن.

ھن پنھنجي تقرير ۾ پنھنجي فوج جو ذڪر ڪندي چيو ته جيئن دنيا ۾ ٻين فوجن کي ورلڊ ڪلاس آرمي ڪري سڏيو وڃي ٿو. منھنجي خواھش آھي ته اسان پنھنجي فوجي سکيا ۽ تربيت ايتري ڪنداسين جڏھن   PLA پيپلز لبريشن آرمي کي پڻWorld Class Army  ڪوٺيو ويندو. معيشت کي سگھارو ڪرڻ لاءِ سماجي سڌارا ۽ فوجي ادارن ۾ بھتري آڻڻ ضروري ھوندي آھي. چين پنھنجي معاشي نظام سان گڏ فوجي نظام کي بھتر ڪرڻ لاءِ ۽ سماجي فوجي تاڃي پيٽي کي به بھتر کان بھتر ڪرڻ جون ڪوششون ورتيون آھن، سندن مقصد آھي ته سماج جي ھر طبقي کي ساڻ کڻي ھلي جيئن سڀني ماڻھن جو ڀلو ۽ قوم جي ڪنھن به طبقي کي ايئن نه لڳي ته کين نظر انداز ڪيو پيو وڃي. ھننUNO  جي چارٽر مطابق اھڙن منشورن تي عمل پيرا ٿيڻ شروع ڪيو آھي. جيئن يو اين او سندن ملڪ ۾ بيروني درآمدي سامان جي رسد جي دوران حفاظتي اقدام کڻي انھن جي ترسيل ڪري سگھي. چاھي اھو روز مره استعمال لاءِ ھجي يا واپاري مقصد يا جديد ٽيڪنالاجي ۽ جديد انڊسٽريز کي بيھارڻ لاءِ ھجي، چين پنھنجي لاءِ لوھ، ڪاپر ۽ گئس سامونڊي رستي ئي امپورٽ ڪري ٿو. نظر ايئن اچي ٿو ته باوجود چين، آمريڪا جيترو سگھارو ۽ ڪشادو نه ھجي، پر پوءِ به ھو روس کان گھڻو اڳتي نڪرندو ٿو وڃي، پنھنجي معاشي بھتري سان گڏوگڏ سندس فوج پڻ جديد ساز و سامان سان ليس ٿيندي پئي وڃي. ھن وقت آمريڪا پنھنجن اندروني معاملن ۾ رڌل ھئڻ ڪري چين ڏيھان ڏيهه پنھنجي ساک کي بھتر بنائڻ لاءِ سياسي قدم کڻڻ شروع ڪيا آھن. آمريڪا چاھي ٿو ته تائيوان کي چين کان ڪٽي الڳ ڪري سندس معيشت کي نقصان ڏئي پئسيفڪ سمند جي اولاھين پاسي پنھنجي نيوي ذريعي چوڪيداري ڪندو رھي، پر مستقبل ۾ ايئن ٿيندو نظر نٿو اچي ته آمريڪا، جاپان، ڪوريا ۽ تائيوان جي چوڪيداري ڪرڻ لاءِ پنھنجي ملڪ جو ناڻو ضايع ڪندو رھي. جيڪڏھن چين آمريڪا سان ڳالھين جي ٽيبل تي اچي ٿو وڃي ته آمريڪا کي اھا راھداري ڏيڻي پوندي جيڪو آمريڪا ۽ خطي لاءِ بھتر ثابت ٿيندو. چين جو دنيا جي اسٽيج تي نمايان ظاھر ٿيڻ کانپوءِ اھو قبول ڪرڻو پوندو ته نئين ورلڊ آرڊر جوڙڻ ۾ چين جي راءِ کي اھميت ڏيڻي پوندي. ھن صديءَ ۾ چين جو ھڪ وڏو پروجيڪٽBRI  بيلٽ ۽ روڊ انيشيٽو کي دنيا ۾ ۽ يو اين او طرفان ڪافي مڃتا ملي آھي. لڳي ايئن ٿو ته چين آمريڪا آڏو ڪجھ، راءِ جو اظھار ڪري ڪجھ ڏيو ۽ ڪجھ وٺو جي بنياد تي تصفيو ٿي سگھندو. تائيوان جي ھڪ وڏي حمايتيCHARLES GLASER  چارلس گلاسر پنھنجي راءِ جو اظھار ڪندي چيو آھي جيڪڏھن چين اھڙي يقين دهاني ڪرائي ته ھو تائيوان تي حملو نه ڪندو يا اھو چوي ته تائيوان کي پنھنجي معاشي سسٽم اندر رھڻ ڏجي جيڪڏھن آمريڪا قبول ڪري ھڪ ملڪ ۽ نظام ۾ جيڪي گڏوگڏ ھلائي سگھبا. ايئن تائيوان جي اندر آزاديءَ واري فضا کي برقرار رکي سگھبو. ان ڏس ۾ اگر چين اندر ڪجھ ھارڊ لائينر طبقا ھوندا ته کين سمجھائيGreater Benefit لاءِ ماٺ ڪرائي سگھبو. آمريڪا خطي ۾ زوري دفاع جي صورتحال پيدا ڪري نه پنھنجو ڪو فائدو وٺي سگھندو ۽ نه خطي جي ترقي ۽ امن جو ڪو فائدو ٿيندو.

سوشلسٽ ۽ ڪميونسٽ نظام حڪومت بابت آمريڪا ۽ يورپ جا نظريا

ويسٽرن ٿاٽ ھاڻي ڪميونسٽ نظام حڪومت سان سڌو سنئون جنگ جوٽي زير ڪرڻ واري حڪمت عملي ترڪ ڪري، اھا پاليسي جوڙي آھي. اسان بندوق ۽ بارود جو استعمال ڪرڻ بدران کين پنھنجي حال تي ڇڏي ڏينداسين ۽Long Run  ۾ اهي پاڻ ئي ٿڪاوٽ جو شڪار ٿي پاڻ هستيءَ ڏانھن ھليا ويندا. سڄي دنيا ۾ ھاڻي ماڻھو ايئن سوچڻ لڳا آھن ته محض نظرياتي بنيادن تي ڪنھن به ملڪ ۽ قوم سان جنگ جوٽي زير ڪرڻ ڪتابن جو انصاف آھي. انھن تي صرف ايتري نظر رکڻ ڪافي آھي ته يو اين او چارٽر مطابق اھو ڏسڻ گھرجي ته ڇا اتي انساني بنيادي حقن جو تحفظ ڏنو ٿو وڃي يا نه؟ صدر شي جن پنگ پنھنجي دور ۾ اھڙو لٽريچر ڇپرائي پنھنجي ورڪرن کي اھا سکيا ڏيڻ شروع ڪئي آھي ته انساني سماج کي ترقيءَ جي راھ ڏانھن وڃڻ ۾ ڪابه برائي نه آھي، پر اسان ڪنھن اھڙي رستي تي نه نڪرون جنھن کي ھن ڪوٺيو ته اھا  Ideological subversion نه ھجڻ گھرجي. چين جي ھڪ مارڪسسٽ ٿنڪر زان شيا فينگ Yan Xia Feng، جيڪو تيانجن يونيورسٽيTianjin University جو پروفيسر آھي ھن چيو ته اسان جو نظريو اسان جي آجپي سياسي ۽ قومي سلامتي جو سبب آھي. جيڪڏھن ڪي به حڪمران پنھنجي نظرئي جي حفاظت نه ڪندا ته سندن حڪمراني اچي پٽ پوندي. جيڪڏھن اوھان پنھنجي نظرياتي حدن جي حفاظت نٿا ڪري سگھو ته توھان جي حفاظت لاءِ سڀ سرحدون پاڻ مرادو ٽٽي پونديون ۽ اوھان کي اچي پٽ تي اڇلائينديون. ھاڻي آمريڪا خود اھو چوڻ شروع ڪيو آھي ته چين جيڪڏھن مضبوطيءَ ڏانھن ويندو ته ساڻس تجارتي ناتا به رکي سگھبا. ان نظرئي تحت ڪافي آمريڪي انٽرپرائيز ۽ ڪمپنيون چين مان پنھنجي پيداوار ٺاھي دنيا ۾ پنھنجي برآمد جي نالي سان ايڪسپورٽ ڪري رھيون آھن، ان ڪري ته چائنا اندر ليبر ڪاسٽ آمريڪا جي ڀيٽ ۾ گھڻي گھٽ آھي، ان ڪري ئي يو ايس اي، چين جي ورلڊ ٽريڊ آرگنائيزيشنWTO  ۾ شامل ٿيڻ لاءِ راضپي جو اظھار ڪيو، چين جي شاگردن کي آمريڪي يونيورسٽين ۾ داخلا ۽ ويزا جون سھولتون ميسر ڪيون، چيني ماھرن جي راءِ آھي ته ھاڻي آمريڪاPeaceful Evolution  واري نظريي تي ڪاربند ٿيڻ چاھي ٿو. ڪميونسٽ پارٽي جي ھڪ ليڊر ھوجنتائوHujintao  جنھن جا صدر شي سان ڪجھ اختلاف ٿي سگھن ٿا، پر ھن کي صدر شي جي ان راءِ سان متفق ٿيڻو پيو ڇا لاءِ ته چين جا سگهارا طبقا صدر شي جي اڳواڻي جي ڪري چين کي سکيو ۽ ستابو ملڪ ٿيندو ڏسي رھيا آھن. تنھنڪري سندس هٿ مضبوط ڪرڻ گھرجن، آمريڪا جو چين سان سٺي رويي جو ھڪ ٻيو سبب به ٿي سگھي ٿو جو چين اندر اھڙا ھارڊ لائينر به آهن اتي قومپرستيءَ جو رجحان پڻ آهي جيڪو خالصتن چين جو اندروني معاملو آھي جو کين سالن کان اھو سڀ ڪجھ سندن تعليمي نظام اندر رکيو ويو آھي، پر جيڪڏھن چين اندر انٽرنيٽ جي واڌاري ۽ شخصي آزادي ۾ بھتري آڻي ته سندن سماجي نظام اندر بھتري جا امڪان وڌي ويندا، اھو پر امن ارتقا جو فائدو آھي. ان سان اھو اثر ضرور پيو آھي ته چين اندر کلي فضا داخل ٿيڻ شروع ٿي آھي. وڪيلن جون تنظيمون، اين جي اوز، يونيورسٽين جا پروفيسر ھاڻي جرئت ڪري ڳالھائي ۽ تنقيد ڪرڻ جي ھمت ڪري رھيا آھن. جيڪڏھن روس ۽ چين جي ڀيٽ ڪجي ته دنيا اندر ڪووڊ جي پئنڊمڪ دوران چين دنيا اندر خاصو فعال ۽ مددگار ٿيندو نظر آيو. روس هڪ ھنڌ بيٺل ۽ غير فعال نظر آيو. ٻيو چين جي ترقي ڪرڻ جي ڪري ھاڻي چيني ماڻھو آمريڪا کان ايترا متاثر ٿين ٿا جيئن ھو سال 1980ع کان 1990ع واري دور ۾ محسوس ڪندا ھئا. ھن وقت به صدر شي چينين لاءِ بيحد پسنديده شخصيت آھي ۽ ھو ھن مٿان ڀروسو رکن ٿا. بين الاقوامي ماھرنZack cooper  ۽Hal Brand  جيڪي اسٽريٽجي جي ڇنڊ ڇاڻ ۾ ماھر آھن انھن ٻڌايو ته ڪميونسٽ پارٽيءَ ۾ ڏار پئجي ويا ۽ ڌڙا بندي ٿي پئي ته اھو شدت پسند فوجي ۽ شدت پسند قومي رجحان اڀري ايندو جيڪو دنيا لاءِ ۽ خود چينين لاءِ مسئلن جو سبب بڻجندو. آمريڪا في الحال ان نتيجي تي پھتو آھي ته ھاڻي چين سان چٽاڀيٽي سياست جي بدران جديد ٽيڪنالاجيءَ جي ڳولها ۽ ان جي استعمال ۽ ان جي مارڪيٽنگ ۾ ڪجي جيڪو ھڪ بھتر حل آھي.

چين جي ھاڻوڪي صورتحال تي ھڪ تنقيدي جائزو:

ڪجھ تبصري نگارن جو اھو نظريو آھي ته چين جي حڪمراني ٽن ٿنبن تي بيٺل آھي.

۱. اھا بيورو ڪريسي جيڪا چين کي ھلائي ٿي.

۲. ملٽري يعني حفاظت ڪندڙ قوتون جيڪي رياست مٿان ڪميونسٽ پارٽيءَ جو ضابطو رکنديون پيون اچن.

۳. ھنن جو ٽيون ٿنبو آھي ڪميونسٽ پارٽيءَ جا نظرياتي اصول اھي نظرياتي اصول وري ٻن شين تي انحصار رکن ٿا.

الف.Egalitarianism  جنهن جو مطلب آھي سماج جي ھر فرد کي برابري جي بنياد تي حق ڏيو.

۲. Selflessness يعني پنھنجي ذات کان بالاتر ٿي ڪم ڪيو.

حالانڪه ان نظرياتي اثاثي جو پرچار ته ڪندا ٿا اچن، پر سندن نظريا ڪمزور ٿيندا ٿا وڃن، ھڪ طبقو اھڙو به آھي جيڪو پنھنجي ذاتي مفادن کي عزيز رکي پنھنجي ذات کي فائدو ڏيئي رھيو آھي. چين جو سامونڍي پٽي وارو علائقو پرڏيھي واپار ۽ ڏيتي ليتي جي ڪري گھڻو خوشحال آھي، اھو ڪلاس ان سان تعلق رکي ٿو، باقي پھاڙي ۽ بياباني علائقو جنھن ۾ ترقي ته ڪافي ٿي آھي، پر لڳي ٿو ان حصي وارن علائقن اھڙو ڪلاس پيدا نه ڪيو آھي. جيڪڏھن رياست، ڪميونسٽ پارٽي ۽ سندس فوجي ادارا نظرئي تي انحصار نه ڪندا ۽ ڪرپشن جنم وٺندي ته سندن نظام ڊانوانڊول ٿي ويندو. ڇاڪاڻ ته جيڪا قوم پنھنجي نظريي تي ڪاربند رھي قرباني ڏيئي ايتري منزل ماڻي سگھي ٿي جنھن کي دنيا عزت ڏئي ٿي ۽ رشڪ جي نگاھ سان ڏسي ٿي ڇو جو ھر چيني پنھنجي سر زمين ۽ پنھنجي نظرئي ۾ ويساھ رکي ٿو ۽ اعتماد ڪري ٿو، پر جي ان ۾ ڪمزوري اچي ويئي ته اتي ڪٽر قومپرستي اچي منھن ڪڍيو ته مسئلا کڙا ٿي سگھن ٿا. چين جي طاقتور ھجڻ جي ڪري سندن روايتي دشمن پڻ موجود آھن جن ۾ روس ۽ آمريڪا اچي وڃن ٿا، پر حالتون اھڙيون ناھن ته چين ڪا ابتدا ڪري ساڻن جنگ جوٽي جو سڀني سامونڊي رستن جي نگرانيءَ جو ڪم روايتي ٺيڪيدار آمريڪا ڪري رھيو آھي. ھڪ دشمن جاپان پڻ آھي، پر چين ان سان به جنگ جوٽي ڪونه سگھندو. ھندستان به ھن جو حريف آھي، پر اھو به اھڙي پوزيشن ۾ نه آھي جو چين کي کانئس ڪو خطرو لڳي. ھن جون نظرون اڃان تائيوان ۾ کتل آھن، پر هتي تائيوان جي مسئلي جو تفصيلي ذڪر ڪري آيا آھيون ته ان کي ڪيئن حل ڪري سگھجي ٿو. ان ۾ ڪوبه شڪ ڪونھي ته گذريل ٽن ڏھاڪن کان چين جي معاشي ترقي ساراھ جوڳي رھي آھي، چين ۾ جيڪو نظام آھي اھو سينٽرلائزڊ آھي. ھاڻي وقت اچي ويو آھي ته ان ۾ ڊسپيريٽي اڻبرابري پيدا ٿيڻ لڳي آھي، ان کي وڌيڪ بهتر ڪرڻ جي ضرورت آهي.

نوٽ: ھن مضمون لکڻ دوران مختلف حوالا، انگ اکر جيڪي ڏنل آھن اھي مستند ڪتابن، انٽرنيشنل جنرلس، ميڊيا، نيوز، بين الاقوامي اھميت جي حامل تبصري نگارن مان ورتل آھن. ڪجھ جاين تي سڄا پئراگراف ئي ٽرانسليٽ ڪري ڏنا ويا آھن جن سان مفھوم صحيح طرح ظاھر ٿئي. مون ھڪ ليکڪ جي حيثيت ۾ ڪٿي به پنھنجي راءِ کي شامل نه ڪيو آهي. منھنجو ھن مضمون لکڻ جو مقصد صرف اھو آھي ته جڏھن چين پاڪستان کي سي پيڪ منصوبي سان جوڙي پاڪستان جي ھمت افزائي ڪئي. دنيا ۾B R I  هڪ مشھور سلوگن ٿي نروار ٿيو ۽ دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ھاڪ ھلي پئي. مون کي پاڪستان جي ان شموليت جي تمام گھڻي خوشي محسوس ٿي چين سان پاڪستان جا ناتا اڳوڻي وزيراعظم شھيد ذوالفقار علي ڀٽو جي سر آھن. تنھنڪري اسان کي پڙهڻ ۽ سمجهڻ گهرجي.

…(پورو ٿيو)…