ادب

ڊائري جا ورق خواجھ غلام علي کوساڻي July 2021

20 اپريل 1995

هاڻ اڪثر ايئن محسوس ٿيندو آهي ته بس اوچتو ڪو جهٽڪو لڳندو ۽ معاملو ختم ٿي ويندو، زندگي تان ڀروسو ته سليم ۽ پوءِ ڇوٽوءَ جي جوان موت کان ئي ختم ٿيو هو ۽ هاڻ جڏهن تقريبن اڌ صديءَ جي زندگي ۽ اها به بغير ڪنهن سنڀال يا احتياط جي، بلڪه ڏاڍو لاپرواهي ۽ بيدردي سان ضايع ڪرڻ کانپوءِ جسم ۽ جان ۾ ڪوبه وڏو جهٽڪو برداشت ڪرڻ جي طاقت به ڪونهي. انهيءَ ڪري ايئن لڳندو آهي ته الله پيو خير ڪري باقي ڀروسو ڪونهي.

اهو ئي سبب آهي جو هاڻ روح عبادت ڏانهن گامزن ٿيو آهي ۽ اسان جو عقيدو ته آهي ئي صوفي عقيدو ان ڪري مون کي عبادت ڪرڻ ۾ سڪون محسوس ٿيندو آهي. هڪ اهڙو سچو روحاني سڪون ۽ اطمينان جنهن کان اڳ آئون محروم هئس. رب کي ۽ منهنجي مولا کي ياد ڪري دل، دماغ ۽ روح جا لاڙا، سچ، حق، پيار ۽ نيڪيءَ ڏانهن گامزن آهن.

***

08 مئي 1995

محترمه بينظير ڀٽو صاحبه جي قيادت ۾ موجوده حڪمت سنڌ ۽ سنڌي عوام لاءِ نعمت آهي. هن حڪومت جون ڪيئي پاليسيون ۽ انقلابي قدم سنڌ جي لاءِ فائديمند آهي. سڀ کان وڏو قدم دهشتگردي جي خلاف جنگ آهي.

بهرحال هن حڪومت جي سخت پاليسين سبب دهشتگرديءَ جو پراڻو مرض ڇُٽڻ شروع ٿيو آهي، اميد آهي ته مزيد ڪجهه سالن ۾ ان جي پاڙ پٽجي ويندي.

***

18 نومبر  1995

محترم محمد ابراهيم جويو صاحب واقعي ئي عظيم انسان، بي مثال استاد ۽ سچو انقلابي دانشور آهي. اهو ئي سبب آهي جو اڄ قوم جويو صاحب جي عزت ۽ احترام ٿي ڪري. جويو صاحب بنيادي طرح هڪ استاد آهي مجموعي طرح سندس روح به هڪ ڏاهي استاد جو آهي. دنيا ڀر جي عالمن، اڪابرن، فلاسافرن، شاعرن، اديبن ۽ تاريخن جي وسيع مطالعي ۽ مُني صديءَ تائين عملي طور برصغير ۽ پوءِ پاڪستان ۽ سنڌ جي ترقي پسند عوامي قومي تحريڪ سان وابستگي ۽ انهيءَ ۾ مسلسل پختگي، هن کي اهڙي لافاني عظمت ڏني آهي جو هاڻ اهڙا ماڻهو اسان لاءِ عظيم هيرو آهن، جن اسان کي ۽ اسان جي آئنده نسلن ۽ تاريخ کي به مالا مال ڪيو آهي.

***

25 نومبر  1995

دنيا جي هر شيءِ مان دل ڀرجي وئي آهي. ڪنهن به عمل ۾ من نٿو لڳي، ڪٿي به وڃڻ تي روح نٿو چوي… بس صرف ڪتاب ۽ مطالعو ئي آهي جنهن ۾ دلچسپي برقرار آهي. بس دل ٿي چوي ته ڪوبه ڪم ڪار نه هجي، ڪابه ذميداري ڪم ڌنڌو نه هجي، بس بي فڪري سان ڪنهن به کٽڪي کانسواءِ ڪنڊ ۾ ويهي صرف پڙهان سڪون ۽ اعتماد سان سٺا سٺا اعليٰ قسم جا ڪتاب پڙهان ۽ بس.

***

30 نومبر  1995

منهنجي ماسي ۽ سَسُ، امينا ماسي انتهائي برد بار ۽ نهايت کل مُک قسم جي عورت آهي. غريب آهي، پر دل جي امير آهي. اسان جي سنڌوءَ جي شاديءَ ۾ امان، ابا ۽ منهنجي ڀينرن جي نه شرڪت ڪرڻ ۽ ماسي وارن جو اسان کي ساٿ ڏيڻ. ان کانپوءِ وري منهنجي سالي سليم جي شادي دوران به ماسيءَ جو انتهائي ڏاهپ ڀريو ڪردار، جنهن ۾ هن اسان کي به نه ڇڏيو ۽ پٽ به پرڻائي پنهنجي گهر مان شادي ڪرائي وڏي عقل مندي جو مظاهرو ڪيو.

منهنجن مائٽن جو مون ساڻ ناراض ٿيڻ کانپوءِ به ماسيءَ جو ڪردار نهايت ئي سهڻو برابري وارو، ٻنهي پاسي سڀني سان محبت وارو رهيو آهي.

ماسي کل ڀوڳ ۽ چرچا به جام ڪندي آهي. انهيءَ ڏينهن چيائين ته هن دنيا ۾ ٽي وڏيون حقيقتون آهن عبادت، سخاوت ۽ عدالت، پر ماسي چيو مون وٽ ٽنهي مان ڪجهه ڪونهي. نمبر پهريون عبادت آئون ڪونه ٿي ڪريان، سخاوت جي پوزيشن ۾ ڪونه آهيان جو غريب آهيان، باقي رهي ڳالهه عدالت جي ته مون جهڙي کٽل عدالت يا حق انصاف جي ڳالهه به ڪنديس ته پڪ موچڙا کائينديس، ان ڪري اهي ٽئي عظيم ڪم آئون ڪري نٿي سگهان.

***

8 ڊسمبر 1995

اڄ محترم رسول بخش پليجو جي 65 هين سالگره عباس ڀائي پارڪ ۾ سنڌ سڄي مان آيل هزارين هارين، مزدورن، عورتن، نوجوانن ۽ ٻارن شرڪت ڪري وڏي شان، مان، عقيدت احترام سان ملهائي.

ان ۾ ڪوبه شڪ شبهو ڪونهي ته پليجي صاحب جهڙا عظيم جينئس دانشور رهنما صدين ۾ پيدا ٿيندا آهن. عظيم ماڻهو ڪنهن به پنهنجي هڪ ٻن شعبن ۾ ڪماليت ۽ عظمت جي رتبي تي پهچندا آهن، پر رسول بخش صاحب کي ڪيترن ئي شعبن ۾ ڪيئي جدا جدا نوعيت جي فيلڊن ۾ غير معمولي صلاحيتون رهيون آهن. هر فيلڊ ۾ هن عظيم ڏاهي پنهنجي عظمت کي مڃرايو آهي. اديب، ڪهاڻيڪار، شاعر، نقاد، انقلابي عوامي دانشور، سچو پورهيت ۽ مظلوم عوام جو سياسي رهنما هڪ وڏو چوٽيءَ جو قانوندان، وڪيل هجڻ سان گڏوگڏ آرٽ، فن، موسيقي جو ڄاڻو ۽ پارکو به آهي. انهيءَ ڪري هن جي اهميت ۽ عظمت ڪيئي ڀيرا وڌيو ٿي وڃي.

پليجو صاحب واحد سچو قومي، عوامي، انقلابي رهنما آهي، جيڪو اڄ تائين پنهنجي قول فعل تان ڦريو ڪونهي جيڪو ڪڏهن به ڪنهن جي اڳيان جهڪيو ڪونهي ۽ نه ئي ڪنهن لالچ ۽ لوڀ جو شڪار ٿيو. هميشه پنهنجي ڌرتي، قوم، عوام جي حقن لاءِ وڙهندو رهيو، هميشه اگهاڙو سچ سڀني کان اول پاڻ چوندو رهيو نه ڪڏهن ڊنو نه ڪا مصلحت ڪيائين. حاڪمن، جنرلن، ڪرنلن جي اڳيان نجو سچ دليريءَ سان چوندو رهيو، وڙهندو رهيو ۽ اڃان به وڙهي پيو ڌرتيءَ لاءِ، قوم لاءِ، انسانن لاءِ.

***