ڊائري جا ورق

8 جولاءِ، 1992
پاڪستان ۽ سنڌ جون حالتون انتهائي نازڪ ۽ خطرناڪ بلڪه وحشت ناڪ حد تائين پهتل آهن. خاص طور تي سنڌ ۾ تاريخ جي سڀ کان تباهه ڪن صورتحال آهي. ڪابه شيءِ سلامت نه بچي آهي. زندگي، انسانيت، سچائي، حق، انصاف ۽ محبت جهڙين عظيم اعليٰ قدرن جي شديد پائمالي جا چٽا ۽ دل ڏاريندڙ مثال عام جام اکيون ڏسن ٿيون ۽ رت روئن ٿيون. شديد قسم جي ٽوڙ ڦوڙ جو شڪار هي پراڻو زنگ آلوده نظام. پنهنجن آخري پساهن ۾ ڏاڍو خوفناڪ ٿي ويو آهي. لڳي نٿو ته ڪو هي انساني معاشرو آهي. زندگيءَ جو ڪوبه مثبت پهلو ڪونهي بچيو جنهن ۾ اعليٰ انساني قدر ته پري رهيا، پر صرف معمولي قسم جي همدردي يا سچائي به ڪونهي. هر طرف تباهي، بربادي، لٽ مار، قتل خون، اغوا، دهشت، زنا وغيره. مطلب ته ظلم، وحشت ۽ درندگيءَ جا آثار آهن. اشراف ماڻهن لاءِ ته هر لمحي موت آهي، هر نهار ڄڻ وحشت جي سامهون آهي.
***
9 جولاءِ 1992
تباهه ڪن دهشتناڪ ۽ وحشي سماج ۽ نظام کي ختم ڪرڻ، هن برباد ٿيل غير انساني معاشري کي سڌارڻ ۽ درست ڪرڻ جو صرف ۽ صرف هڪ ئي طريقو آهي ته هن سڄي پراڻي مدي خارج نظام کي بدلائي هڪ سچو انصاف ۽ حق وارو معاشرو قائم ڪجي. شفاف چونڊون ٿين جنهن جا قانون ۽ قائدا اهي هجن جو هڪ عام غريب ماڻهو به ان ۾ حصو وٺي سگهي. مڪمل آزاد خود مختيار پارلياماني نظام، مڪمل صوبائي خود مختياري اشرافيه تي خرچ ختم ڪري عوام تي خرچ ڪرڻ، سمورن ماڻهن کي معاشي ۽ سماجي حق ملڻ، تعليم کي بلڪل مفت لازمي ۽ عام ڪرڻ، تعليمي نظام کي جديد بنائڻ، عوام کي مفت انصاف مهيا ڪرڻ. مطلب صرف ايرو آهي ته حق، انصاف ۽ ڀائيچاري واري نظام کي قائم ڪري علم کي ڦهلائي ڪا تبديلي آڻي سگهجي ٿي. باقي سڀ عارضي ۽ بيڪار طريقا آهن.
***
20 جولاءِ 1992
ٻن ڏينهن کان سڄي سنڌ ۾ زبردست برسات پئي آهي. لکين اڃايل اکين، اڀ ۾ آب ڀريل ڪڪر ڏسي، سالن کانپوءِ ان ۾ اميدن ڀريل چمڪ آئي آهي. ماروئڙن جا من ٽڙيا هوندا، ٿري ويچارا وطن ورڻ لاءِ برسات جو انتظار ڪندا آهن جيئن بادل ڀرجي ايندا، ڪارا ڪڪر وسڪارا ڪندا تيئن تن ماروئڙن جا من ٿر وطن ڏانهن ڇڪبا ويندا آهن. ڪيئي قافلا، اڀرا سڀرا، ڦاٽل ڪپڙا، پيرا اگهاڙا، ٻار، عورتون ۽ مال ڍڳي گاڏين ۾، وسندي مينهن گيت چپن تي، ڍڳن جي ڳچين ۾ پيل چڙا، بيل گاڏي جي چاڪن جا کڙڪا. ڪاڇي ۾ به ڪڪرن، ڪارا ڪارونڀار ڪيا آهن. ڪاڇيلن جا قافلا به ڪوهستان هليا آهن.
***
29 جولاءِ 1992
سڄي سنڌ جل ٿل ٿي وئي آهي، چوماسي جو مينهن چوطرف وسڪارا لاهيو بيٺو آهي ڪيڏي مهل اتر پيو لڳي ته ڪيڏي مهل ڏکڻ. هر طرف کان ڪارا ڪڪر جهومندا پيا اچن موج ۽ مستيءَ ۾ پيا وسن. خوشي ان جي آهي ته ٿر ۽ ڪوهستان پيو وسي. ماروئڙن، سانگيئڙن ۽ جهانگيئڙن جا من سرها ٿيا هوندا. اکين ۾ خوشين جي جوت جلي هوندي، زبانن تي ملهار جا گيت هوندا. ٿاريلين جي ڪوڪ مائي ڀاڳيءَ جي آواز ۾ اميد ۽ خوشين جو گيت بڻجي ڀٽن ۾ گونجندي هوندي.
***
30 جولاءِ 1992
ملهار جي مند ڌرتي توڙي آسمان تي عجيب رنگا رنگ روپ اختيار ڪيا آهن. ٽن چئن ڏينهن کان سارنگ جيڪي ساٺ ڪيا آهن، ڪارا ڀورا ناسي بادل ٿڏين هوائن سان وسڪارا ڪيا آهن ۽ انهن وسڪارن ۾ ڪارن ناسي بادلن جي روشنيءَ جا سوين رنگ بدلجندا ٿا رهن. ڪيڏي مهل ايڏا ڪارا بادل جو اونداهي ٿيو وڃي، وري ڪنهن ڪنڊ کان روشنيءَ جو دائرو اٿندو زمين تي اهڙي اچي اسپاٽ لائيٽ وجهي ٿو جهڙوڪر ڪنهن لکين وولٽن جو بلب ٻاري ڇڏيو هجي. مطلب ته هر لمحي بدلجندڙ روشني، هر منٽ ۾ ماحول پيو بدلجي. هلڪي ڦڙ ڦڙ ۾ ٿڌيون هوائون هر ساهه واري کي مست ڪريو ڇڏين.
***
01 آگسٽ 1992
قيامت خيز برسات سڄي سنڌ ۾: هونئن ته هڪ هفتي کان پئي پوي ڪڏهن ڪٿي ته ڪڏهن ڪٿي. هڪ ڏينهن ٿر پيو وسي ته ٻي ڏينهن جبل، پر ٻن ڏينهن کان مسلسل 36 ڪلاڪ ٿيا آهن برسات هلندڙ ئي هلندڙ آهي. ڪيڏي مهل سخت تيز طوفاني هوائن سان ته ڪيڏي مهل هلڪي ڦڙ ڦڙ، پر بند هڪ اڌ ڪلاڪ لاءِ به نه ٿي آهي. 36 ڪلاڪن کان مسلسل برسات کي وسندي ڏسون پيا، سڄي سنڌ ۾ اهو مينهن پيو وسي ۽ ان برسات ڏاڍا نقصان به ڪيا آهن. ڳوٺاڻن، هارين، نارين ۽ غريبن جا مٽيءَ جا هزارين گهر ڊهي پيا آهن. سندن گهرن جون ڇتيون ٽٽنديون رهيون، ڪيترائي فصل ٻڏي ويا آهن. روڊ رستا، گهٽ ۽ گهيڙ بند ٿي ويا آهن. نديون، نالا، ڍنڍون، ڍورا چڪار ٿي ويا آهن، هر طرف پاڻي ئي پاڻي آهي لس ليٽ لڳي پئي آهي. اڄ صبح ساڻ اسان جي فليٽن جي سامهون ٻاهر هڪ مينهن جو واڙو آهي جتان هڪ غريب ڇوڪرو عمر 12 سال نالو لطيف کير وٺڻ آيو هو اڃان وٿاڻ مان لنگهيو ته مٿان ڀت ڪري پيس جنهن جي هيٺان هي ننڍڙو لطيف ۽ ٽي ٻڪريون اچي مري ويا. سو صبح ساڻ عورتن جو روڄ راڙو ۽ دانهون ٻڌڻ ۾ ٿي آيون. بهرحال برسات سان نقصان به ٿين ٿا، پر مجموعي طور فائدو وڌيڪ آهي. اهي نقصان ته انتظامي خرابين جي ڪري ٿا ٿين نه ته ڪونه ٿين، پر فائدو گهڻو آهي، ٿر ۽ بر ساوا ٿا ٿين سڄي ڌرتيءَ جي سالن جي اڃ اجهي ٿي ۽ نتيجي ۾ ڌرتيءَ تي ساوڪ، فصل ۽ ميون جا لوازمات ملن ٿا.
***

