ڪراچي وارن لاءِ خوشخبري: سنڌ حڪومت پاران اڄ کان اورنج بسون هلايون وينديون
سُڌ سماءُ، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته اڄ کان اورنج لائين (بي آر ٽي عبدالستار ايڌي) ڪراچي جي عوام لاءِ کولي ويندي. پنهنجي هڪ بيان ۾ صوبائي وزير چيو ته اورنج لائين ڪراچي جي عوام لاءِ سنڌ حڪومت جو منصوبو آهي، روزاني هزارين شهري ان جديد پبلڪ ٽرانسپورٽ پروجيڪٽ مان لاڀ حاصل ڪندا. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سنڌ حڪومت پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي ويزن تي عمل ڪري رهي آهي. هن چيو ته موجوده ٻوڏ ۽ برسات جي تباهڪارين سبب اورنج لائين جي افتتاحي تقريب انتهائي سادگي سان ٿيندي.