بلاگ

ٻن منٽن جي اصول تحت روايتي دير ۽ سستي مان ڪيئن جان ڇڏائجي؟ ليکڪ: جيمس ڪليئر سنڌيڪار: فضا قريشي December 2021

ٽائلا ٿارپ اڄوڪي دور جي بهترين ڊانسرن منجهان هڪ آهي. 1992 ۾ کيس ميڪ آرٿر فيلوشپ ايوراڊ به نوازيو ويو. اهو ايوراڊ ”جينيئس گرانٽ“ سمجهيو ويندو آهي. هن پنهنجي ڪيريئر جو وڏو حصو دنيا جي گولي تي سفر ڪندي ۽ مختلف ملڪن ۾ پنهنجي آرٽ کي پيش ڪندي گذاريو آهي. ان جو سبب هوءَ پنهنجي روز مره جي سادين عادتن کي ڪاميابي سان اختيار ڪرڻ کي سمجهي ٿي.

هوءَ لکي ٿي ته ”آئون پنهنجو ڏينهن هڪ سوڻ سان شروع ڪندي آهيان. آئون 5:30 وڳي اٿندي آهيان، پنهنجا ورزش جا ڪپڙا پهري، ٽنگن تي گرم ڪپڙا چاڙهي، ٿلهي قميص ۽ ٽوپي پائي نڪري پوندي آهيان.  منهٽن هوم جي ٻاهران پنڌ ڪندي، ٽيڪسي ڪرائيندي آهيان ۽ ڊرائيور کي چوندي آهيان ته مون کي فرسٽ ايونيو جي 91 گھٽي ۾ پمپنگ آئرن جم وٽ لاهي، جتي آئون ٻه ڪلاڪ ورزش ڪندي آهيان.

ان سموري عمل ۾ جيڪو سوڻ آئون ادا ڪندي آهيان سا وزن جي تربيت يا ورزش ناهي جيڪا آئون روز صبح جو ڪندي آهيان، پر سوڻ اهو آهي ته آئون ٽيڪسي ڪرائيندي آهيان. رسم پوري ان وقت ٿيندي آهي جنهن وقت آئون ڊرائيور کي اهو ٻڌائيندي آهيان ته مون کي ڪيڏانهن وڃڻو آهي.“

اهو هڪڙو سادو عمل آهي، پر ان کي هر صبح ساڳئي طريقي سان ڪرڻ سان اهو عمل عادت بڻجيو پوي. يعني ان عمل کي جڏهن اوهان بار بار ورجايو ٿا ته اهو ڪم آسان ٿي پوي ٿو. ايئن ڪرڻ سان ان کي ڇڏڻ يا ان کي مختلف طريقي سان ڪرڻ جا چانس گھٽجي پون ٿا. ”اهو منهنجي روز مره جي آسنن ۾ هڪڙو وڌيڪ ۽ نئون اضافو آهي، جيڪو خودڪار بڻجي چڪو آهي ۽ ان جي ڪرڻ لاءِ مون کي گھٽ سوچڻو پوي ٿو.“ روز صبح جو ٽيڪسي ڪرائڻ هڪڙو ننڍڙو عمل ٿي سگھي ٿو، پر اهو رويي جي تبديلي جي ٽئين قانون جو بهترين مثال آهي. تحقيق دانن اهو اندازو لڳايو آهي ته هڪڙي ڏينهن ۾ جيڪي اسين ڪم ڪريون ٿا انهن مان 40 کان 50 سيڪڙو اهي عمل آهن جيڪي اسين عادت موجب ڪريون ٿا. اهو هڪڙو وڏو سيڪڙو آهي، پر دراصل اوهان جي عادتن جو اثر ان نمبر کان به ڪيترو ئي مٿي آهي. عادتون دراصل خودڪار چونڊ آهن جيڪي اوهان جي شعوري فيصلن تي اثر انداز ٿين ٿيون. عادتون در حقيقت ايئن آهن جيئن هاءِ وي تي چڙهڻ جي پل هجي. اها پل اوهان کي ان رستي تي چاڙهي ٿي ۽ ان کان اڳ ۾ جو اوهان ان کي ڄاڻو اها اوهان کي هڪڙي ٻئي رويي جي طرف ڇڪي وٺي وڃي ٿي. ظاهري طور تي ته اهو آسان آهي ته اوهان اهو ئي ڪندا رهو جيڪي اوهان ڪندا آيا آهيو بجاءِ ان جي جو اوهان ڪا مختلف ۽ نئين شيءِ جي شروعات ڪريو. اوهان ڪا بيڪار فلم ٻه ڪلاڪ پيا ڏسو يا پيٽ ڀريل هجڻ جي باوجود به اوهان پيا چٽو ڪريو، توهان پنهنجو فون هڪڙي سيڪنڊ لاءِ ڏسڻ لاءِ کڻو ٿا، پر جلد ئي ان شيءِ جو اندازو ٿو ٿئي ته اوهان تقريبن ويھ منٽ ان اسڪرين تي صرف ڪري چڪا آهيو. اهڙيءَ طرح ئي عادتون جن جي اوهان بنا سوچڻ جي پوئيواري ڪريو ٿا اهي اوهان جي انهن چونڊن جو موازنو ڪن ٿيون جيڪي اوهان سوچي سمجهي ڪريو ٿا. هر شام 5:15 وڳي هڪڙو ننڍڙو لمحو آهي جيڪو منهنجي باقي رات کي شڪل ڏئي ٿو. جيمس ڪليئر پنهنجي باري ۾ لکي ٿو ته منهنجي زال جيئن ئي ڪم تان موٽي ٿي ته اسان وٽ ٻه طريقا آهن. هڪ يا ته اسين پنهنجا ورزش جا ڪپڙا پهري جم لاءِ نڪري وڃون، ٻيو يا وري صوفي تي ڊهي پئون، انڊين چٽ پٽو کاڌو آرڊر ڪريون ۽ ”دي آفس“ ڊرامو ڏسون. جيئن ٽائلا ٿارپ جو آسڻ ٽيڪسي ڪرائڻ آهي منهنجو آسڻ ورزش جا ڪپڙا پهرڻ آهي. جيڪڏهن آئون پنهنجا ورزش جا ڪپڙا پهريندو آهيان ته مون کي خبر آهي ته هاڻ ورزش ٿيندي. اهو عمل جيڪو ڪنهن وڏي عمل جي پوئيواري ڪري ٿو. جم وڃڻ، اهو فيصلو ڪرڻ ته ڪهڙي ورزش ڪرڻي آهي. ان لاءِ پهريون قدم کڻڻ ئي اهم آهي جنهن کانپوءِ اهو ڪم سولو ٿيو پوي.

هر روز اهڙا ڪيترائي لمحا ايندا هوندا جيڪي حد کان وڌيڪ اثر ڇڏي سگھن ٿا. آئون ڳالھ پيو ڪريان انهن ننڍين ننڍين چونڊن جي جيڪي اوهان فيصلا ڪن لمحن ۾ ڪندا آهيو. اهو لمحو جنهن ۾ اوهان اهو فيصلو ڪندا آهيو ته ٻاهران ماني گھرائڻي آهي يا گھر ۾ ماني ٺاهڻي آهي، اهو لمحو جنهن ۾ اوهين اهو فيصلو وٺندا آهيو ته اوهان کي پنهنجي گاڏي ڪاهڻي آهي يا ٽيڪسي گھرائڻي آهي، اهو لمحو جنهن ۾ اهو فيصلو ٿيندو آهي ته اوهان گھر جا ڪم اڪلايو يا وڊيو راند جو ڪنٽرولر کڻو. اهي ننڍڙا فيصلا ڄڻ ڪنهن ديوار ۾ ڪلي لڳائڻ وانگر آهن.

اهي فيصلا ڪندڙ لمحا اوهان جي مستقبل لاءِ موجود چونڊن جو موازنو ڪن ٿا. مثال طور: ڪنهن ريسٽورينٽ ۾ وڃڻ هڪڙو فيصلي ڪندڙ لمحو آهي. ڇاڪاڻ جو اهو اها ڳالھ طئي ڪندو ته

هڪڙي سٺي ڏينهن ۽ بيڪار ڏينهن ۾ فرق اهو هوندو آهي ته فيصلا ڪندڙ لمحن تي چند پيداواري ۽ صحتمند چونڊون ڪجن. هر فيصلو ديوار ۾ ڪلي ٺوڪڻ جيان آهي ۽ اهي چونڊون سڄو ڏينهن اوهان سان گڏ رهن ٿيون ۽ آخرڪار هڪڙي مختلف نتيجي جي شڪل ۾ سامهون اچن ٿيون.

اوهان مانجهاندي ۾ ڇا کائيندو. ٽيڪنيڪي طور تي اوهان جيڪو آرڊر ڪندا آهيو ان جي هٿ وس هوندا آهيو، پر وسيع معنيٰ ۾ اوهان اهوئي آرڊر ڪري سگھندا آهيو جيڪو ان مينيو لسٽ ۾ شامل هوندو آهي. جيڪڏهن اوهان اسٽيڪ هائوس ۾ وڃو ٿا ته اوهان کي اسٽيڪ جا مختلف قسم ئي ملندا، پر چيني کاڌو سوشي ڪانه ملندي. مطلب ته اوهان جي چونڊ موجود شيءِ تائين ئي محدود هوندي. انهن ئي موجود شين مان اوهان کي بهتر جي چونڊ ڪرڻي آهي.

اسين پنهنجين عادتن جا پابند آهيون. انهن کي جيئن وڻي اسان کي اوڏانهن کڻي وڃن. انهيءَ ڪري اهو ضروري آهي ته اوهان پنهنجي ڏينهن ۾ انهن فيصلا ڪندڙ لمحن تي ڪنٽرول حاصل ڪريو. هر ڏينهن ڪيترن ئي اهڙن لمحن تي مشتمل ٿئي ٿو، پر واقعي اهي عادتن جون چونڊون ئي آهن جيڪي ان راهه کي هموار ڪن ٿيون. اهي ننڍڙيون چونڊون گڏ ٿين ٿيون ۽ هرهڪ اهو طئي ڪري ٿي ته توهان ايندڙ وقت ڪيئن گذاريندو. عادتون داخلي نقطو آهن، نه ڪي آخري.

ٻن منٽن وارو اصول:

جيتوڻيڪ اوهان اهو ڄاڻو ٿا ته توهان ننڍڙي قدم کان شروعات ڪريو پيا، پر ايئن ئي تمام وڏو ڪم شروع ڪرڻ به آسان ٿي پوندو. جڏهن اوهان تبديلي آڻڻ جو خواب ڏسو ٿا ته يقينن خوشي ۽ مسرت جو اوهان تي غلبو ٿئي ٿو ۽ ان ڪيفيت ۾ اوهان جلدي جلدي تمام گھڻو ڪجھ ڪري ان ڪم کي توڙ تائين پهچائڻ چاهيو ٿا. ان لاڙي کي منهن ڏيڻ لاءِ بهترين عمل آهي ”ٻن منٽن واري اصول“ جو استعمال، جنهن موجب ”جڏهن اوهان نئين عادت شروع ڪريو ٿا ته ان کي ٻن منٽن کان گھٽ وقت وٺڻ گھرجي.“

اوهان ڏسندو ته تقريبن هر عادت انهن ٻن منٽن واري اصول تي پورو لهي ٿي:

* روزانو رات جو سمهڻ کان اڳ ۾ پڙهڻ جو مطلب آهي هڪڙو پنو پڙهڻ.

* اڌ ڪلاڪ يوگا جو مطلب آهي پنهنجو يوگا ميٽ وڇائڻ.

* ڪلاس لاءِ پڙهڻ جو مطلب آهي پنهنجا نوٽس کولڻ.

* لانڊري ويڙهڻ جو مطلب آهي جورابن جو هڪڙو جوڙو ويڙهڻ.

* ٽي ميل ڊوڙڻ جو مطلب آهي پنهنجا ڊوڙڻ جا جوتا پائڻ.

ان سموري ڳالھ پٺيان خيال اهو آهي ته اوهان جي نئين عادتن جي شروعات لاءِ انهن کي آسان کان آسان بڻائجي. ڪوبه ماڻهو هڪ منٽ لاءِ مراقبو ڪري سگھي ٿو، هڪڙو صفحو هرڪو پڙهي سگھي ٿو يا هڪڙو ڪپڙو هرڪو ويڙهي رکي سگھي ٿو ۽ جيئن ته اسان ان ڳالھ تي بحث ڪيوسين، اها طاقتور حڪمت عملي آهي. ڇاڪاڻ جو هڪڙو ڀيرو جڏهن اوهان صحيح ڪم جي شروعات ڪئي ته پوءِ ان کي تڪميل تائين پهچائڻ سولو ڪم آهي. ڪم ۾ هٿ وجهبو ته اڪري پار پئبو. نئين عادت چئلينج وانگر محسوس نه ٿيڻ گھرجي. ان کي ڪرڻ لاءِ جيڪي عمل يا قدم کنيا وڃن ٿا اهي چئلينج ضرور ٿي سگھن ٿا، پر پهريان ٻه منٽ آسان هجڻ گھرجن. اوهان کي ان عادت جي شروعات لاءِ اهو داخلي دروازو گھرجي جيڪو ازخود اوهان کي ان عظيم رستي ڏانهن وٺي وڃي.

ان ڪري اوهان کي عام طور تي انهن داخلي عادتن تي ڪم ڪرڻ گھرجي جيڪي اوهان کي ان گھربل نتيجي ڏانهن وٺي وڃن. اهو ڪم اوهان اسڪيل تي پنهنجي مقصدن جي نقشه سازي ذريعي ڪري سگھو ٿا جنهن ۾ اوهان ”تمام آسان“ ۽ ”تمام ڏکيو“ جي وچ ۾ انهن ڪمن جي فهرست جوڙي ڪري سگھو ٿا. مثال طور: ميراٿن ريس ڊوڙڻ تمام گھڻو ڏکيو آهي. 5 ڪلو ميٽر ڊوڙڻ ڪافي ڏکيو آهي. ڏھ هزار قدم هلڻ ڏکيو آهي. ڏھ منٽ هلڻ سولو آهي. اوهان جو وڏو مقصد ٿي سگھي ٿو ته ميراٿن ريس ڊوڙڻ هجي، پر ان جو داخلي دروازو ڊوڙڻ وارا بوٽ پائڻ آهي.

اهڙي ريت اوهان ٻن منٽن واري اصول جي پوئيواري ڪريو ٿا.

ماڻهو اڪثر سوچيندا آهن ته هڪ صفحو پڙهڻ يا هڪ منٽ لاءِ مراقبو ڪرڻ يا هڪ سيلز ڪال ڪرڻ جي باري ۾ جذباتي ٿيڻ عجيب آهي، پر ان ۾ اصل نقطو اهو آهي ته عادت کي جوڙي ٺاهي ظاهر ۽ پڌرو ڪرڻ.  حقيقت اها آهي ته پهرين جڙندي آهي ۽ پوءِ ان کي بهتر ڪبو آهي. جيڪڏهن اوهان ان عادت کي پڌري ڪرڻ جو ڏانءُ نٿا سکي سگھو ته پوءِ تمام باريڪ نقطن تي دسترس حاصل ڪرڻ جي اميد گھٽ آهي. بجاءِ ان جي جو شروعات کان ئي هڪڙي جامع ۽ پرفيڪٽ عادت جي جوڙجڪ جي ڪوشش ڪجي، بهتر آهي ته آسان ڪم ڪجي، پر مستقل مزاجي سان. ڪنهن به شيءِ کي وڌائڻ يا بهتر بنائڻ کان پهرين اوهان کي ان جو معيار مقرر ڪرڻو پوندو.

جيئن ئي اوهان عادت کي پڌري ڪرڻ جي ڏانءُ تي دسترس حاصل ڪندا، ته پهريان ٻه منٽ ڄڻ ان ڪم جي شروعات جو سوڻ بڻجي پوندا. اهو فقط ان عادت کي آسان بڻائڻ جو سادو طريقو آهي، پر دراصل اهو هڪڙي ڏکئي ڪم يا ڏانءُ کي حاصل ڪرڻ جو بهترين طريقو آهي. جيترو اوهان ان سوڻ کي ورجائيندو، اوترو ئي اوهان ان تي گھرو فوڪس ڪري سگھندو، جيڪو ڪنهن به عظيم ڪم جي حاصلات لاءِ اهم آهي. باقائدي ورزش کان پهرين ساڳي وارم اپ واري ورزش ڪرڻ سان اوهان آساني سان بهترين پرفارمنس جي چوٽي سر ڪري سگھو ٿا. ڪنهن به شيءِ جي ٺاهڻ کان اڳ ۾ ساڳيو سوڻ ڪرڻ سان اوهان ان شيءِ ٺاهڻ جي سخت محنت واري عمل ۾ باآساني ضم ٿي سگھو ٿا. مقرر وقت تي بجلي جو سوئچ بند ڪرڻ سان اوهان روزانو رات جو مناسب وقت تي سمهڻ لاءِ بستري ۾ وڃي سگھو ٿا. اوهان سڄي عمل کي ته خودڪار نٿا بڻائي سگھو، پر ان پهرين عمل کي بنا سوچڻ جي سهل ۽ آسان بڻائي سگھو ٿا. ان کي آسان بڻايو ۽ باقي سڄو ڪم پاڻهي ٿي ويندو. ٻن منٽن جو اصول ڪجھ ماڻهن کي هڪڙي ترڪيب يا چال لڳندي. اوهان ڄاڻو ٿا ته اصل ڪم لاءِ ٻن منٽن کان وڌيڪ وقت گھربل آهي، ان ڪري ايئن ڪرڻ ڄڻ پاڻ کي پاڻ بيوقوف بنائڻ آهي. مراقبو شروع ڪريو ۽ ٻن منٽن ۾ ان کي ختم ڪريو. عربي پڙهو ۽ ٻن منٽن ۾ ان کي لازمي طور تي پڙهڻ بند ڪريو. اها فقط شروعات ڪرڻ جي حڪمت عملي ناهي. اهو سمورو عمل آهي. ايئن ڪرڻ سان اوهان جي عادت هڪ سئو ويھ سيڪنڊ رهي ٿي.

منهنجن پڙهندڙن مان هڪڙي اها حڪمت عملي استعمال ڪندي هڪ سئو پائونڊ وزن گھٽايو. شروع ۾ هو روز جم ويندو هو، پر هن پاڻ سان اهو واعدو ڪيو ته هو پنجن منٽن کان وڌيڪ اتي نه ترسندو. هو جم ويندو هو، پنج منٽ ورزش ڪندو هو ۽ جيئن ئي ان جو وقت پورو ٿيندو هو، هو ٻاهر نڪري ايندو هو. ڪجھ هفتن کانپوءِ هن پنهنجي آسي پاسي ڏٺو ۽ سوچيائين، ”بهرحال آئون هتي روز اچان ٿو. ڇو نه آئون ٿورو وڌيڪ وقت ترسان؟“ ڪجھ سالن کانپوءِ ان جو وزن ڪافي گھٽجي ويو.

ان جو ٻيو مثال سوچن کي پني تي لکڻ يا جنرل لکڻ آهي. تقريبن هرڪو ان مان فائدو وٺي سگهي ٿو ته ماڻهو پنهنجون سوچون ۽ ڪم پني تي لکي پنهنجي ذهن کي ٻين ڪمن لاءِ فارغ رکي، پر اڪثر ماڻهو ڪجھ ڏينهن کانپوءِ اهو ڪم ناهن ڪندا يا ان کي بلڪل نظر انداز ڪندا آهن. ڇاڪاڻ جو جنرل لکڻ به هڪڙو ڪم آهي. ها ان جي پٺيان لڪل ڳجھ اهوئي آهي ته ڪابه شيءِ جڏهن ڪم بڻجي پوي ته اها بوجھ لڳندي آهي. گريگ ميڪوئن، برطانيه جي ليڊرشپ ڪنسلٽنٽ، روز جنرل لکڻ جي عادت اپنائي، پر ان کان اڳ ۾ جو اهو کيس ڪم محسوس ٿئي هو ان کي ڇڏي ڏيندو هو. هو سدائين جنرل لکڻ ان وقت بند ڪندو هو جڏهن کيس اهو مشڪل محسوس ٿيڻ لڳندو هو. ارنيسٽ هيمنگوي به لکڻ جي مامري ۾ ساڳئي قسم جي تجويز جو حامي نظر اچي ٿو. هن چيو ته ”بهترين طريقو اهوئي آهي ته اوهان تڏهن لکڻ بند ڪري ڇڏيو جڏهن اوهان سٺو لکي رهيا هجو.“ يعني رنگ رتو ڇڏجي، ميڙو متو ڇڏجي.

اهڙيون حڪمت عمليون هڪ ٻئي سبب به ڪارآمد آهن. اهي اوهان جي اها ساک برقرار رکنديون جيڪي اوهين قائم ڪرڻ چاهيو ٿا. جيڪڏهن اوهان روزانو لڳاتار جم ۾ بنا ڪنهن ناغي جي پنج ڏينهن وڃو ٿا، پوءِ ڀلي پنجن منٽن لاءِ ئي ڇو نه، اوهين پنهنجي نئين سڃاڻپ جوڙيو ٿا. اوهان کي پنهنجي جسم جي ساخت لاءِ پريشان ٿيڻ جي ضرورت ناهي. اوهان کي ان ڳالھ تي فوڪس ڪرڻو آهي ته اوهان انهن مان آهيو جيڪي روزانو جم وڃن ٿا. اوهان ان لاءِ ننڍا قدم کڻو ٿا جيڪي اوهان کي اهڙو نئون ماڻهو بڻايو ڇڏين، جيڪي اوهان بڻجڻ چاهيو ٿا. اسان پاڻ کي تبديل ڪرڻ جي اهڙي طريقي تي شايد ئي ڪڏهن سوچيو هجي ڇاڪاڻ جو هرڪو آخري منزل جو متلاشي هجي ٿو، پر هڪڙو پش اپ بهتر آهي ڪجھ نه ڪرڻ کان. هڪڙي منٽ جي پيانو جي پريڪٽس بهتر آهي پيانو هٿ ۾ نه کڻڻ کان. هڪڙو منٽ ڪتاب پڙهڻ بهتر آهي ڪڏهن ڪتاب هٿ ۾ نه کڻڻ کان. اميد کان گھٽ ڪرڻ بهتر آهي ڪجھ نه ڪرڻ کان.

هڪڙي نقطي تي، جڏهن اوهان جي عادت جڙي ويندي ۽ اوهان اهو ڪم روز ڪندا، اوهان ٻن منٽن واري اصول کي ”عادت جوڙڻ“ جي ٽيڪنيڪ سان سلهاڙي سگھندو ته اوهان پنهنجي منزل ماڻڻ لاءِ عادت جي بيڪ اپ کي وڌائي سگھندو. ان ڪري پهرين شروعات ڪريو ٻن منٽن واري اصول کان ۽ پنهنجن روين کي ننڍڙين ننڍڙين ڇلانگن ذريعي تبديل ڪريو. ان کانپوءِ وچٿري واٽ تي اچو ۽ ان عمل کي دهرايو. اوهان جو فوڪس هجي پهرين ٻن منٽن تي ۽ ان سطح تي دسترس حاصل ڪرڻ کانپوءِ ٻي سطح تي وڃو. آخرڪار ان عادت وسيلي اوهان وڃي دنگ ان تي ڪندو جيڪو اصل ۾ اوهان ماڻڻ چاهيو پئي، پر هر سطح حاصل ڪرڻ کانپوءِ به اوهان جو فوڪس هجي شروع وارن ٻن منٽن تي.

تقريبن زندگي جو هر وڏو مقصد ٻن منٽن واري رويي ۾ تبديل ڪري سگھجي ٿو. مثال طور: منهنجو مقصد آهي ته آئون صحتمند ۽ ڊگھي ڄمار ماڻيان، ان لاءِ مون کي پنهنجي جسماني ساخت کي مناسب ۽ پورو پنو رکڻو پوندو، جنهن لاءِ مون کي ورزش ڪرڻي پوندي ۽ ان لاءِ مون کي پنهنجا ورزش ڪرڻ جا ڪپڙا پائڻا پوندا. ساڳئي ريت آئون هڪڙي خوشگوار شادي شده زندگي گذارڻ چاهيان ٿو، ان لاءِ مون کي هڪڙي سٺي ساٿي جي ضرورت پوندي، مون کي روز ڪجھ نه ڪجھ اهڙو ڪرڻو پوندو جو آئون سندس زندگي ۾ آسانيون پيدا ڪري سگھان، مون کي ايندڙ هفتي کاڌي جو پلان ٺاهڻ گھرجي.

جڏهن به اوهان ڪنهن به شيءِ جا عادي بڻجڻ جي ڪوششن ۾ رڌل هجو ته اوهان ٻن منٽن وارو اصول لاڳو ڪريو. ان وڏي مقصد کي ننڍڙن ننڍڙن ڪمن ۾ ورهايو ۽ آخري ڪم اهڙو هجي جيڪو ٻه منٽ وٺي. اهوئي ڪم ان مقصد جي حصول جو داخلي دروازو ثابت ٿيندو. اهو انتهائي سادو طريقو آهي پنهنجي عادتن کي آسان بڻائڻ جو.

عادت جوڙڻ جا مثال:

سبق جو خلاصو:

* عادتون چند سيڪنڊن ۾ به مڪمل ٿي سگھن ٿيون، پر انهن کي لڳاتار ڪرڻ سان انهن جو اوهان جي رويي تي اڳتي هلي ڪيترن منٽن ۽ ڪلاڪن جو اثر ظاهر ٿئي ٿو.

* ڪيتريون ئي عادتون فيصلا ڪن گھڙين تي ظاهر ٿين ٿيون ۽ اهي ئي چونڊون ڀت ۾ ڪلي ثابت ٿين ٿيون يعني انهن چونڊن وسيلي ئي اوهان صحيح رستي تي هلي پئو ٿا يا وري تباهي طرف.

* ٻن منٽن واري اصول موجب ”جڏهن اوهان نئين عادت شروع ڪريو ته ان جي پورائي لاءِ ٻن منٽن کان گھٽ وقت صرف ڪريو.“

* جيترو گھڻو اوهان ڪنهن به شيءِ کي شروع ڪرڻ واري عمل جي سوڻ کي ورجائيندو، اوترو ئي وڌيڪ اوهان ان شيءِ تي گھرائي ۾ فوڪس ڪري سگھندو جيڪو ڪنهن به عظيم ڪم ڪرڻ لاءِ ضروري هوندو آهي.

* واڌ ويجھ کان پهرين ان جا معيار جوڙيو. اوهان اها عادت بهتر نٿا بڻائي سگھو جيڪا اڃان جڙي ناهي.

…(هلندڙ)…