بلاگ

ڇا واقعي ”سليڪٽرز“ جي نظر بلاول ڀٽو تي آهي؟ انور قاضي June 2021

انهيءَ ڳالهه کان اگر ڪو انڪار ڪري ٿو ته حاضر وقت ۾ پاڪستان جي سياست يا حڪومت حاصل ڪرڻ بغير سليڪشن جي ممڪن آهي ته يقينن اهو خوابن جي دنيا ۾ رهي ٿو. ايندڙ وقت لاءِ ضروري نه آهي ته سليڪٽرن جو ڪردار اهوئي رهي جيترو هن وقت آهي، پر شايد اها به خوشفهمي آهي! بهرحال اسان دورِ حاضر جي ڳالهه ڪنداسين جنهن ۾ ظاهر ظهور سليڪٽرن جو ڪردار واضح آهي. ان لاءِ کين اهڙا رانديگر گهربل هوندا آهن جن جي عوام ۾ به خاص پذيرائي هجي ۽ سندن جي خواهش مطابق يا هدايتن پٽاندڙ سياسي راند کيڏن باقي ڪم انهن جو هوندو آهي.

عمران خان جي وزيراعظم ٿيڻ کانپوءِ صرف ٽن سالن جي قليل وقت ۾ نظر ايئن ٿو اچي ته ڪپتان کان ڪپتاني کسڻ جون تياريون هلن ٿيون انهيءَ ڪري سندس حڪومت ڪا خاص تبديلي آڻي نه سگهي آهي، جنهن جو نعرو هڻي عوام کان بهرحال ووٽ وٺي ڀلي پوءِ سليڪٽرن جي مدد سان يا R.T.S جي مدد سان حڪومت حاصل ڪئي، پر عوام لاءِ ڪجهه به ڪري نه سگهيو. بيروزگاري، بدحالي ۽ مهانگائي عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو. هن حڪومت ۾ اچڻ کانپوءِ جيڪي انگ اکر اچن ٿا انهن مطابق ٻه ڪروڙ کان وڌيڪ ماڻهو غربت جي ليڪ کان هيٺ اچي ويا آهن ڪيڏي نه خوفناڪ صورتحال آهي! مطلب ٻه ڪروڙ پاڪستاني عوام جنهن ۾ سٻاجهڙن سنڌين جو تعداد ٻين صوبن جي مقابلي ۾ وڌيڪ آهي. غربت جي ليڪ کان هيٺ هجڻ جو مطلب آهي ماڻهو ٻه وقت جي ماني پيٽ ڀري نٿا کائي سگهن، انهن لاءِ اهو ممڪن ناهي ان ڪري جو هو انتهائي غريب آهن بس هڪ وقت پيٽ ڀرين ٿا ۽ ٻيو وقت يا ته بک تي يا وري اڌو گابرو کاڌو کائي حڪمرانن کي پاراتا ڏين ٿا.

اسان اگر ”راند“ جي اصطلاح کي سياست ۾ وٺون ته ڪپتان هٽائڻ لاءِ سندس ٽيم جي ڪارڪردگي کي خراب بنائڻ آهي ۽ آهستي آهستي ڪپتان صاحب مئچ پيو هارائيندو وڃي. ڇو ته ٽيم ۾ شامل رانديگر به سليڪٽرن جا چونڊيل آهن. جيئن ڪپتان کي هٽائڻ ۾ سليڪٽرن جي مٿان ڪابه ذميواري نه اچي سڀڪو ايئن چوي ته ڪپتان اهل ئي نه هو بهتر ٿيو جو هٽي ويو، پر سندس ٽيم لڳ ڀڳ ساڳي رهندي. مشرف کان وٺي اڄ تائين وزير صاحبن تي نظر ڪريو اوهان کي رانديگر ساڳيا نظر ايندا. ڇو ته اهي سليڪٽرن جي پسند جا هوندا آهن بس نواز شريف جي حڪومت ۾ انهن ۾ ڪجهه گهٽتائي آئي.

هاڻي جڏهن پاڻ سمجهون ٿا ته هن حڪومت جي ٽيم ۾ ڪو مستقل وزير خزانه نه آهي ٽن سالن ۾ چار وزير خزانه پوءِ انگ اکر به بقول احسن اقبال جي آر ٽي ايس وارا مذاق لڳي ٿو، جڏهن 2021-04-01 تي موجوده وزير خزانه هن حڪومت جي معاشي پالسين تي انتهائي تنقيد ڪري پيو، هاڻي وري جڏهن هو وزير خزانه ٿيو آهي ته ڄڻ حڪومت وٽ جادوئي ڏيئو اچي ويو هجي جو معاشي استحڪام وڌي رهيو آهي. بس ويچارن کي جيڪو لکيل ملندو آهي اچي پڙهندا آهن.

اسان ذڪر پئي ڪيو ته ڪپتان صاحب جي نااهلي ثابت ٿي چڪي آهي، اها ٻي ڳالهه آهي ته هو فيصلا ڪرڻ جو اختيار رکي ٿو يا نه! عمران خان جو وڃڻ بهرحال سياسي طور هڪ نقصان هوندو. ايندڙ ماڻهو ته ڪنهن به ڳالهه تي اعتراض ڪرڻ جي پوزيشن ۾ نه هوندو، ان کي پنهنجي طاقت ۽ عمران خان جو مثال سامهون هوندو، هو عمران خان کان به وڌيڪ ڪمزور ڪپتان هوندو. انهيءَ ڪري پي ڊي ايم ٺهيو، پر نواز شريف ڪنهن به صورت ۾ انهيءَ راند جو حصو ٿيڻ نه چاهيو “ن ليگ” کي آفر به هئي ته نواز شريف ۽ مريم نواز کانسواءِ ڪوبه اڳواڻ قابل قبول آهي، پر نواز شريف صاف منع ڪئي ته نه هاڻ ان راند جو حصو نه ٿبو. شايد ان ڪري جو هو ٻاهر ويهي سمجهي ٿو ته هن وقت جي حالتن ۾ سليڪشن ڪاميٽي ڪجهه ڪمزور آهي، انهيءَ ڪري ته ڀارت جهڙي ازلي دشمن (بقول سندن) سان به ڳالهيون ڪري ڪشمير مسئلي کي حل ڪرائڻ چاهين ٿا. اگر نواز شريف صرف عمران خان کي عهدي تان هٽائڻ ۾ راضي هجي ها ته خان صاحب هن بجيٽ ۾ نه هجي ها! هاڻي پي ڊي ايم مان پ پ ۽ اي اين پي نڪرڻ کانپوءِ ان جي حيثيت بنهه ڪمزور ٿي وئي آهي ته حڪومت کي ان مان خطرو محسوس نه پيو ٿئي، وري جهانگير ترين کي ميدان ۾ آندو ويو. ياد رهي ته جهانگير ترين عمران خان جو اي ٽي ايم سمجهو ويندو هو، جهاز به انهيءَ جو، رقم به انهيءَ جي، دوست به اهو، حڪومت ٺاهڻ ۾ اهم ڪردار به انهيءَ جو، ان لاءِ هن ڪيترو خرچ ڪيو هوندو اها ته خبر کيس هوندي، پر ڇا عمران خان ايترو سادو آهي جو کيس اها خبر نه پئي ته جهانگير ترين ڪروڙين رپيا سندس حڪومت کي ٺاهڻ لاءِ خرچ ڪيا هئا يا اهي زڪوات ۾ ڏنا؟ يا شوڪت خانم ميموريل جي فنڊ ۾.. بلڪل نه هڪ عام ڪاروباري ماڻهو به جڏهن ڪو ڪاروبار ڪندو آهي ته منافعي جي لالچ ۾. ترين صاحب ته خالصتن ڪاروباري ماڻهو آهي پوءِ هو پنهنجو نقصان ڇو ڪندو؟ هن حڪومت جو حصو بڻجي پنهنجي ڪاروبار خاص طور کنڊ جي ڪاروبار مان پئسا ڪمايا، هاڻي عمران خان ڪهڙي اخلاقي جرئت سان ان ڪرپشن کي ختم ڪندو..! هر تقرير ۾ اين. آر. او نه ڏيندس جو ورد ڪرڻ وارو پنهنجي دوست کي ڪجهه ڪري سگهندو؟ اگر ڪجهه ڪندو ته ڇا سندس حڪومت محفوظ رهندي؟ پي ٽي آءِ جي حڪومت ٽن اتحادين تي مشتمل آهي، اگر شيخ رشيد کي شامل ڪريون ته چار. ايم. ڪيو. ايم، قاف ليگ ۽ بي. اي. پي اهڙي ڪمزور حڪومت ۾ اگر پي. ٽي. آءِ ۾ خود گروپ بڻجي وڃي جيڪو ماضيءَ ۾ ڪنهن به پارٽي ۾ نه ٺهيو جيستائين اها پارٽي حڪومت ۾ هئي. پوءِ حڪومت جي اخلاقي پوزيشن به واضح آهي. هي صرف بجيٽ اجلاس تائين اهو به مشڪل سان ۽ منٿن سان گڏ هوندا پوءِ وري ترين گروپ جو تان پورو ملڪ ٻڌندو.

نواز شريف ۽ مريم نواز پسند نه آهن جو انهن هڪ واضح موقف ڏنو آهي ته عوام جي مرضي سان حڪومت ۾ اچبو نه ڪي سليڪٽرن جي مرضي سان، پر شهباز شريف ته انهيءَ ڳالهه سان سهمت نه آهي. چوڻ وارا چون ٿا ته شهباز شريف سان جيل ۾ ڊيل ٿي آهي ۽ انهيءَ ڊيل جي نتيجي ۾ هو پنهنجي ڀاءُ کان ڪجهه ڳالهيون مڃرائڻ لاءِ لنڊن وڃي رهيو هو، پر حڪومت نٿي چاهي ته شهباز شريف ٻاهر وڃي ۽ نواز شريف کان ڪجهه ڳالهيون مڃرائي ان سان حڪومت گهر هلي ويندي. ڏسون ٿا ته ڪيترو وقت شهباز کي روڪي سگهن ٿا. محسوس ايئن ٿو ٿئي ته بجيٽ تائين شهباز پرواز نه ڪري سگهندو، انهيءَ ڪري ته سڀني پارٽين کي سڏي پُر تڪلف کاڌي جو بندوبست ڪيو ويو. نالي ۾ ته اپوزيشن جي پارلياماني اڳواڻن جي ڊنر هئي، پر در حقيقت پي. ڊي. ايم کي وڌيڪ ڪمزور ڪيو ويو ان ڪري ته مريم به نه آئي ۽ مولانا به نه آيو. پ پ جو وفد آيو، پ پ ۽ اي. اين. پي شهباز شريف وٽ آيا يا کين موڪليو ويو، باقي پي. ڊي. ايم لاءِ کيس منع ٿيل آهي. شهباز شريف چاهڻ جي باوجود به ڊيل نٿو ڪري سگهي، هڪ طرف ته ڀاءُ آهي ٻئي طرف پنجاب جو عوام نواز شريف جي چوڻ ۾ آهي نه ڪي شهباز شريف جي. “ن ليگ” کي ٽوڙڻ جي انتهائي ڪوشش ڪئي وئي، شيخ رشيد بار بار چوندو هو ته “ن” مان “ش” نڪرندي، پر ٿيو ايئن جڏهن ته پي. ٽي. آءِ مان ”T“ يعني ترين نڪري ويو.

شهباز شريف ڪپتاني ته ڪرڻ چاهي ٿو قابل قبول به آهي، پر ڀاءُ کي نٿو ڇڏي. اگر هن ڪپتان کي هٽايو وڃي ته سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته مستقبل جو ڪپتان ڪير ٿيندو؟ اهڙو اشارو ڪجهه وقت پهرين مريم نواز هڪ پريس بريفنگ ۾ ڏنو ته نئون سليڪٽو تيار ٿئي پيو واپسي ۾ بلاول ڀٽو پوري تاريخ بيان ڪئي، ڳالهه وڃي مريم جي خاندان تي پهتي ته لاهور جو خاندان سليڪٽو ٿيندو آهي.

سنڌ ۾ گذريل 13 سالن کان حڪومت ۾ رهندڙ پ پ جي ڪارڪردگي ڏسجي ته تمام مايوس ڪندڙ آهي، پر سگهارين ڌرين سان پ پ جا رابطا به سگهارا رهيا آهن. 13 سال سٺي نوڪري ڪئي اٿن، مالڪ خوش آهن. مسئلو وري به پنجاب آهي جتي پ پ جو نالو نشان ئي نه رهيو آهي، ان ڪري ڀلي بلاول تي نظر ڪرم هجي به، پر پنجاب جي صورتحال کي نظر ۾ رکندي مشڪل ٿو لڳي ته بلاول نئون ڪپتان هوندو. ها گڏيل حڪومت اچي ته اڳواڻي ملي سگهي ٿي، وڌيڪ ڳالهيون بجيٽ کانپوءِ واضح ٿينديون، وڌيڪ وسوارن جي مرضي…