ميچ فڪسنگ جي خلاف قانون جو مسودو وزيراعظم کي پيش، ملوث رانديگر جيل ويندا
پي سي بي ميچ فڪسنگ ۽ ڪرپشن کي روڪڻ جي لاءِ نون قانونن جو مسودو وزيراعظم کي پيش ڪري ڇڏيو آهي جنهن تحت ملوث رانديگرن جي خلاف فوجداري ڪيس قائم ڪيا ويندا ۽ ملوث رانديگرن کي جيل به موڪليو ويندو. ميچ فڪسنگ کي روڪڻ جي لاءِ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جو وڏو قدم آهي. چيئرمين پي سي بي ۽ قانوني ٽيم نئين قانون تي وزيراعظم کي بريفنگ ڏيندا. عمران خان ڪرپشن جي خاتمي لاءِ پي سي بي جي قدمن تي اطمينان جو اظهار ڪيو. نئين قانون تحت پي سي بي اينٽي ڪرپشن يونٽ کي ڇاپن هڻڻ جا اختيار ملي ويندا. ڪرپشن ۽ ميچ فڪسنگ ثابت ٿيڻ تي رانديگرن کي جيل جي هوا به کائڻي پوندي.

